2، جي صوبي جو لفظ ڪن کي نٿو وڻي ته اڳوڻيون ٻارهن ڊويزنس کي ڪجهه ڦير ڦار سان انتظامي يونٽ خود مختياريءَ سان ٺاهي سگهجي ٿو، جن مان هڪ ڪراچي ڊويزن به هوندي.
3، ڪراچي کي جڏهن به صوبو ٺاهڻ لاءِ آواز اٿي ٿو ته ڪجهه حلقن ۾ جذباتي اُڌما اٿن ٿا، جيڪي سمجهن ٿا ته ان مطالبي سان ملڪ جي سالميت کي خطرو آهي. انهيءَ ڪري ڪراچيءَ جي سياسي اڪاناميءَ جو اڀياس ڪرڻ کپي ته ٻن ڪروڙ ماڻهن جو شهر ڇو نه هڪ صوبو ٺهي يا هڪ آزاد Terminator بنجي؟ 4، ڪراچي شهر، ملڪ جو ترقي يافته اقتصادي ۽ سماجي يونٽ آهي، جيڪو هر صورت ۾ ملڪ جي 106 ضلعن کان اڪانامڪ ۽ سوشل انڊيڪٽرس ۾ نهايت اڳتي آهي. تعليمي صورتحال ۾، 1988ع واري آدم شماري جي موجود انگ اکرن موجب، ڪراچي، (اسلام آباد 72.4 سيڪڙو) کان سواءِ ٻئي نمبر تي آهي، يعني 72.2 سيڪڙو. ڪراچي سينٽرل ضلعي جو پرسنٽيج 76 آهي. عورتن جي تعليم ۾ ڪراچي ڊويزن، سڄي ملڪ کان اڳڀرو 63.9 سيڪڙو آهي. ماهرن جي انگ اکرن مطابق اقتصادي ۽ سماجي Multiple deprivation ۾ ڪراچي ڊويزن “Least deprived district of Pakistan with least incidences of poverty” آهي.
5، اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته ڪراچي ڊويزن روينيو ڪليڪشن جي انگن اکرن ۾ سڄي ملڪ کان اڳڀري آهي. ملڪ جي اقتصادي صورتحال، مينوفيڪچرنگ، سروسز ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل پيداوار ۽ Value addition ۾ اڃا تائين سڀني ملڪي حصن کان اڳتي آهي. ڪراچي سڌن ٽيڪسز ۾ 35 سيڪڙو کان وڌ ڏيئي ٿي ۽ سڌن ٽيڪسن ۽ انهيءَ سان گڏ روينيو ڪليڪشن ۾ به سنڌ جو حصو پوري ريت 96 سيڪڙو وڃي بيهي ٿو. سيلز ٽيڪس به 35 سيڪڙو ڪراچيءَ ئي مرڪز کي ڏيئي ٿو.
6، ڪراچيءَ جا انگن اکرن جا ماهر اهو به مڃين ٿا ته پناهه گيرن جو ڪراچيءَ ۾ اچڻ 1981ع جي آدم شماري مطابق 33 سيڪڙو هو، جيڪو 1998ع ۾ گهٽ ٿي 22 سيڪڙو ٿي ويو آهي. انهيءَ ۾ به حيرت جي ڳالهه ناهي ته شروعاتي پناهگيرن جي ڪراچيءَ ۾ پناهه وٺڻ جي لهر، شهر جي رهاڪن جي demography کي بدلائي ڇڏيو. هاڻي پناهه وٺڻ يا آباد ٿيڻ جي رفتار سست آهي پر سا به ملڪ جي اندرين علائقن منجهان ٿي آهي. اها اندروني ملڪي نقل مڪاني ضرور ويجهي مستقبل ۾ اردو ڳالهائيندڙن جا انگ اکر گهٽ ڪندي پر هڪ ماهر حارث گذدر اڳڪٿي ڪئي آهي ته 2025ع ۾ غير اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو ٿي ويندو.
7، جي ڪراچيءَ کي صوبو بڻائجي ته چؤطرف کان اعتراض اٿن ٿا پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي سموري روينيو جو 95 سيڪڙو ڪراچي پيدا ڪري ٿو ۽ جي ڪراچي صوبو بنجي پوي ته ملڪ جو امير ترين صوبو هوندو ۽ مرڪزي حڪومت جي فنڊن جي ضرورت نه پوندي. مرڪز کان هڪ بهتر معاهدي هيٺ، ڪراچي پنهنجي حاصل ڪيل روينيو کي پاڻ وٽ رکي، ته ڪراچيءَ لاءِ وڌيڪ مناسب ٿيندو ۽ ضرورت کان وڌ به هوندو، جيڪو مرڪز ۽ ٻين صوبن لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿو.
8، ڪراچيءَ کي صوبي بنائڻ لاءِ ٻن لساني ايڪائين طرفان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اها به حقيقت آهي ته ڪراچي موجوده وقت ۾ رڳو اردو ڳالهائيندڙن جو شهر ناهي رهيو. اهو شهر Multi-linguistic گهڻ- ٻوليائي ۽ Multi-ethnic (گهڻ- نسلي) بڻجي چڪو آهي پر اردو ڳالهائيندڙ ته به وڏي تعداد جي ڪري، شهر ۾، زبردست اڪثريت ۾ آهن.
9، جي ڪراچيءَ کي هن وقت صوبو ٺاهيو ته جدا جدا لساني گروپس کي به جاءِ ڏيڻي پوندي ۽ الائي ڪيترو دٻاءُ سامهون اچي. جيڪڏهن سڀ لساني ڌڙا ” پنهنجي سڃاڻپ ڇڏي“ ڪراچيءَ جي آباد رهندڙن جي روپ ۾ سامهون اچن ته پوءِ معاملي کي منهن ڏيڻ آسان ٿي پوندو. ڪراچيءَ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي سندن موڙي ۽ مهارت جي عيوض تمام گهڻو فائدو رسايو آهي ۽ ڪراچي صوبو سڀني لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.
10، پر اتفاق سان اها تجويز ڏکي لڳي ته اهي سڀ مٿي بيان ڪيل ڳالهيون هڪ ”مضبوط ۽ خودمختيار“ سٽي گورنمينٽ لاءِ به پيش ڪري سگهجن ٿيون.
اهي سڀ تفصيل انهيءَ ڪري ڏنا آهن ته هڪ لساني ڌر جي عالمن، دانشورن ۽ ڄاڻو حلقن جي سوچ ڪهڙي آهي؟ انهي سوچ کي سامهون رکي سنڌي قومپرست طبقي جي عملي حڪمت ۽ ذهني سوچ کي پرکڻ گهرجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون ۽ عملي طور ڇا ڪري رهيا آهيون! مونکي خبر ناهي ته هيترين سارين پارٽين ۽ ڌڙن کي ڪهڙي فارمولي هيٺ، قومي سياست، قومي اڳواڻ ۽ سندن حڪمت عملين کي قومي مقصد سان تعبير ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪليم به ڪيو وڃي ٿو. قومي اڳواڻ يا رهبر ۽ قومي سياست ڇا آهي ۽ ڪهڙي تاڇي پيٽي هيٺ اسان ڪنهن کي يا ڪنهن ڌڙي کي يا پارٽي کي ”قومي“ سمجهون! قومي سياست جي عام معنى آهي ته قوم لاءِ سياست ڪرڻ پر قوم اوهان لاءِ ڇا سوچي رهي آهي ۽ اوهان گذريل چاليهه پنجاهه سالن ۾ قوم کي ڇا deliver ڪيو آهي، ڏک جهڙي ڳالهه آهي. سنڌي قوم مايوسيءَ ڏانهن وڃي رهي آهي. ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي، اوهان جو يا قوم جو، جيڪا قومي سياسي ۽ ڇڙو ڇڙ گروپس کي ووٽ نٿي ڪري! سبب ڇا آهن؟
ملڪي سياست ۾ هڪ اقتداري پارٽي هوندي آهي ۽ ٻي يا ٻيون مخالف پارٽيون هونديون آهن ۽ اهي سڀ پارٽيون اسيمبليءَ جي اندر هونديون آهن. اسان جون قومي پارٽيون اسيمبلي ۾ ڇو ڪونهن. انهن کي سنڌي ووٽ نٿا ڪن، ڇو نٿا ڪن؟ رڳو انهيءَ هڪ نقطي تي گڏجي ويهي ڀائرن وانگر سوچين ته سڀ معاملا ظاهر ٿي پوندا! ذري گهٽ سڀني پارٽين يا گروپس جي عمل بابت عام سنڌي ماڻهن يا شهرن جي لوئر مڊل ڪلاس يا عام مڇي مانيءَ وارن جي ذهني تحفظات متعلق ڪڏهن ٿڌي دماغ سان ويهي سوچ ويچار ڪيو اٿن ته هيترا جيل ڪاٽيا اٿو، ڪونڌر ڪهايا اٿو ۽ پنهنجا ذاتي مستقبل جا ڪيريئر تباهه ڪيا اٿو، پوءِ به اوهين اتي بيٺا آهيو، جتان جدوجهد جي شروعات ٿي هئي. قاسم آباد سنڌ جي هر پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل، سڀني ضلعن جي ضرورتمند يا ساڃاهه وند ماڻهن جو مرڪز آهي، اتان صرف 19 هزار ووٽ کڻڻ ڪنهن به قومي رهنما کي سونهين نٿو. جي سڀ گڏ هجون ها ته ضرور اوهان جي سوڀ ٿئي ها ۽ عام ماڻهن جا ذهن به اوهان لاءِ مثبت سوچين ها .
هاڻي اهو سوچجي ته قومي رهبرن کي نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي، جو اسين ڪانئر ۽ اڳتي وڌڻ جون سڌون رکندڙ اديب، شاعر ۽ ڏاها، وري به کين سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مقصد لاءِ جدوجهد ڪندڙ جاکوڙي سمجهون ٿا. اسان جو ايمان آهي ته اوهين ئي سنڌ بابت فهم جي ڄاڻ رکو ٿا. اوهان لفظ سياست جي معنى سمجهو ۽ موجوده وقت جي تقاضا جي ڄاڻ کي سنڌ جي مفاد خاطر اڳتي وڌايو. پنهنجا پنهنجا منشور ڇو ٿا ٺاهيو؟. منشور صرف هڪ آهي: هن دور جي فريم ورڪ ۾ سنڌ جو مفاد سڀ کان پهرين آهي. هيترا سارا ليڊر نه کپن. ليڊر هڪ ئي هوندو آهي يا انهن جا ساٿي ليڊر هوندا آهن. پنهنجيون پنهنجيون الڳ الڳ ديڳڙيون نه چاڙهيو، الڳ الڳ ديڳڙين چاڙهڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيا آهن.
سنڌ جو رڳو هڪ مسئلو آجپو ناهي! سنڌ جا انيڪ مسئلا آهن. سنڌي ماڻهو سماجي، سياسي ۽ اقتصادي مسئلن جي ڄار ۾ الجهندا وڃن. اوهان جي اسيمبليءَ ۾، اقتداري يا مخالف سياست ۾ هن وقت ناهيو ته وڏي ڳالهه ناهي. نيٺ انهيءَ اقتدار جي مومل کي به ماڻيندا پر هينئر اسيمبليءَ کان ٻاهر مثبت انداز ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪريو، سنڌي ماڻهن وٽ وڃو، سندن مسئلا ٻڌو! ماڻهو سڀ اقتداري وڏيرن، پيرن، مخدومن ۽ داد گيرن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن، تن جي واهر ڪريو. اوهان ملڪ جي قانون کي مڃيندڙ آهيو. اوهان انهن سڀني ادارن تي عملي نظر رکو، جتي عام ماڻهن جا ڪم ڦاٿل آهن ڪوشش ڪري انهن ادارن منجهان عوام جا ڦاٿل ڪم ڪرائي ڏيو. چڱا ارادا ۽ نيڪ نظري ۽ اڻ کٽ جاکوڙ هوندي ته عام ماڻهو ان وڏيرڪي ڪلاس منجهان آهستي آهستي پاڻ ڇڏائي آزاد ٿيندا. هينئر عوام محڪوم آهي، جڏهن انهيءَ وڏيرڪي ڪلاس جي حاڪميت مان آزاد ٿيندا ته پوءِ کين ڪنهن ٻي ڀرجهلي ڌر جي ضرورت محسوس ٿيندي. اوهان ۾ قابليت هجي ته اهو خال ڀريو. ماڻهن جا مسئلا ته گهڻا آهن پر تعليم ۽ صحت کي ڏسي پرکي، انهيءَ معاملن ۾ مثبت، بهتر انداز ۾ اثر انداز ٿيو ۽ حڪومتي صاحبن کي انگ اکر گڏ ڪري ڏيو ۽ اخلاقي ۽ سياسي دٻاءُ وجهو ته جيئن حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري ۽ عام ماڻهن جي به مالڪي ٿئي ۽ وڏيرڪي سفاڪ مالڪيءَ کي ڌڪ رسي. انهن وڏيرن جي طاقت کوکلي آهي، کين حڪومت جي پوليس، انتظامي آفيسرن ۽ لوڪل ننڍن آفيسرن جي پشت پناهي حاصل آهي، جنهن ڪري ٻئي ڌريون پنهنجي سطح تي ڪرپشن ڪن ٿيون. تبديلي لاءِ اوهان ۾ ۽ ٻين سنڌ دوستن ۾، جيڪي وڪيل آهن، سي الله جي بندن جي ڀلائي خاطر سندن خاص ڪيس هلائين ۽ پنهنجي سنڌ دوستيءَ جي رٽ قائم ڪن. پريس ۽ ميڊيا نيٽ ورڪ تي عام جمهوري تقاضائن متعلق ڪوريج ٿئي ته ان جو اثر تمام چڱو ٿيندو. مثال طور اسڪول بندآهن. استاد اسڪول نٿا اچن. ان سڄي مامري کي هٿ ۾ کڻي، مثبت انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي نشاندهي به ڪجي، پنهنجي عوام جي فائدي لاءِ ڪم به ڪرائجن. جي ڪا ڪوتاهي ڏسڻ ۾اچي ٿي ته پوءِ حڪومت ۽ سندس وڏيرن کي پريس ڪانفرنس، سيمينارن ۽ ذاتي ملاقاتن ۾ وائکو ڪجي ۽ پنهنجي تنظيم يا تنظيمن جي نيڪ نيتي ۽ سياسي قوت عام ماڻهن جي ذهنن تائين پهچائڻ گهرجي. ٻه ٻيا به مسئلا آهن، جيڪي نوجوانن ۽ مائٽن لاءِ نهايت اهم آهن. نوجوان ڊگريون کنيو گهمن پيا، انهن کي نه ته وزيرن سڳورن طرفان نوڪريون ملن ٿيون ۽ نڪو عام نوجوانن وٽ پنج لکن کان پنجاهه لک روپيا آهن، جو هو وزيرن مشيرن جي ايجنٽن کي ڏين ۽ سچا ڪوڙا نوڪريءَ جا آرڊر وٺن. ٻيو مختصر طور تي سنڌي ٻوليءَ جي واهر ڪريو. اسان سڀ هڻي بيٺا آهيون . مائٽن جي نڪا پرائيويٽ اسڪولس ۾ شنوائي ٿئي ٿي، نڪو سرڪاري ادارو ئي کنگهي ٿو. اسان جي قومي اڳواڻن جو مثبت انداز ۾ ڳالهائڻ ضرور پنهنجو اثر ڏيکاريندو. سياست جو به هڪ اخلاقي طريقو آهي ۽ اسانکي اخلاقي ۽ سياسي قومي رهنما گهرجن، نه ڪي فلمن جي Macho men وانگر پنهنجي ارهه زورائي ڏيکارين. منهنجا سائين، اهي سڀ ڪم پهرين قدم طور وڏيري شاهيءَ کي اخلاقي ۽ سياسي ڌڪ رسائيندا ۽ موٽ ۾ عام ماڻهوءَ جو انهيءَ جابر طبقي تي آڌار گهٽ ٿيندو ۽ ذهنن ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿيندي. پوءِ ضرور اوهان وڏيرن جي جاءِ والاريندو. پر خدا جي واسطي طاقت ۽ سگهه اچڻ تي وڏيرا نه ٿجو. اهو به اسان کي وڏو تجربو آهي ته غريب غربو سڻڀي نوڪري يا لٽ مار منجهان مالدار ٿيو ته سندس افعال به وڏيرن جهڙا ٿي پوندا آهن.
اهي ته اسان جا پنهنجا مسئلا آهن. جيڪي مون نهايت مختصر ڪري لکيا آهن پر اوهانجو وڏو ٽاسڪ سياسي طور، منظم طور، گڏجي عوامي حمايت سان، سنڌ کي پنهنجو اصل روپ رنگ ڏيڻو آهي ڇڙ وڇڙ هڙتالن جا سڏ ڏيڻ سياسي بلوغت ناهي. هڙتال ۾ ڪراچي سڄو ۽ حيدرآباد سڄو بند نه ٿئي ته هڙتال ڪهڙي ڪم جي. انهيءَ ڪري نالي ۾ نهال چئنل ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ بين الاقوامي صحافت ڪو ڌيان نٿي ڏئي. ٻڌي ڪري، سڀ اعلان ڪري، ويڇا وساري، ڪراچيءَ کي ”شيڪ“ ڪريو، (لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو) حيدرآباد کي سڄو اثر ڏيکاريو پر جمهوري انداز ۾، جيڪو اوهانجو آهي، ته پوءِ سنڌ جي قوت صوبي ۾ نه، ملڪ ۾ نه پر ملڪان ملڪ محسوس ٿيندي. اهڙا ريڪارڊ مون کان پهرين ڪيترا سنڌ جا گهڻگهرا وڄائي ويا هليا يا ٿڪجي ڪنڊ جهلي ويهي رهيا. اسان جا خود – رو ٻوٽن وانگر ڌرتيءَ منجهان نڪري آيل رهنما، پنهنجي هوڏ، پنهنجن ڪاٽن جي ڪلفن لڳل ڪپڙن، لينڊ ڪروزر جيپن، سندن خلاف داخل ٿيل F.I.Rs فرسٽ ڪلاس Rhetoric تقريرون ۽ سڀ کان وڌ سيني ۾ سنڌ جو درد سموئي، مڙس ماڻهو ٿي ساڳي ذهني ڪيفيت ۾ مشغول رهيا ۽ عام ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪو ٿورو گهڻو هئا، سو به ڄڻ ته وڃائي رهيا آهن. ٻئي طرف ڪجهه يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرن ۽ عام گهٽين جي رولو عنصرن پاڻ ۾ ملي، ماڻهن جي ذهنن تي اثر انداز ٿي، پنهنجن منفي ڪمن منجهان مثبت نتيجا ڪڍي، هزارين F.I.Rs ختم ڪرائي هينئر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي معتبر ۽ مظلوم بڻجي، ملڪ جي اڇي ڪاري ۾ حصيدار بنجي چڪا آهن. اسين ساڳئي هنڌ، وڌيڪ خراب حالتن ۾ موجود آهيون. ڄنڊا پٽ به جاري آهي ۽ ڏينهون ڏينهن گهٽ اثر انداز ٿيندا وڃون پيا. سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي طور تي ته ڏينهون ڏينهن Melt ٿيندا (رجندا) وڃون!
اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟
ڇا ٿا ڪري سگهون؟
daily kawish
No comments:
Post a Comment