سيد امداد محمد شاهه مرحوم هونئن ته شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ پارٽيءَ جو ميمبر هو (بنگالي قوم سان ٿيل ظلم تي خبر ناهي ته آسمان وڄون ڇو ڪو نه وسايون) سائين امداد محمد شاهه مون کي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ پاڪستان اندر رهندڙ قومن منجهان ٻن قومن جو وڏو ڪردار هو. پهرين نمبر تي بنگالين جو ٻئي نمبر تي سنڌين جو سو بنگالي قوم سان ٿيل ڪلورن تي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. هاڻي بنگالين کانپوءِ سنڌي قوم جو نمبر ايندي نظر اچي ٿو. فزيڪل آپريشن يعني جسماني سزا برابر تمام وڏي سزا آهي پر جيڪڏهن ڪنهن جا احساسات جيئرا هجن ۽ سجاڳ بلڪه هيئن به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ضمير ۽ غيرت سلامت هجي ته سنڌي قوم سان لاڳو عقوبتون پهرين ڏينهن کان وٺي ايتريون ته ٿينديون اچن پيون جو انهن کي ڏسي آئون بجا طور هي دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته سزا جو طريقيڪار مٽيل آهي باقي بنگالين کي آيل سزا کان گهٽ سزا اسان کي به ڪا نه ملي آهي، بلڪه اها ڏينهون ڏينهن جاري آهي. جسماني موت هڪ ڏينهن بلڪه هڪ گهڙيءَ ۾ اچي قصو ختم ٿي ٿو وڃي پر ان جي مقابلي ۾ ضمير جو موت قومي ۽ وطني غيرت جو موت جنهن جي اندر جسم ته آسائشن ۾ هوندا، ڀلين جاين، سوارين، لباسن ۽ کاڌن سان زندگي پيا گذاريندا آهن پر ڪنهن چواڻي ته غلاميءَ جي هزار سال زندگي کان آزادي ۽ غيرت جي هڪ ڏينهن جي زندگي گهڻو ڀلي هوندي آهي. مون کي مرحوم علي شير بهڻ چيو ته سنڌي هندن کي لڏائي هندستان موڪليو ويو هو اتي وڃي هو سکيا ستابا ٿيا پر خالص مسلم ملڪ ۾ اسان سنڌي مسلمانن کي وچ حيدرآباد منجهان لڏائي اڌوري يا نامڪمل ٺهيل قاسم آباد ۾ ويهڻ تي مجبور ڪيو ويو، جتي وچ شهر واري روزگار ڇڏائجي وڃڻ سبب هاڻي قاسم آباد ۾ پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ عورتن کي اهو ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي، جنهن جو تصور به هنيانءُ ڏڪائي ٿو ڇڏي. سنڌي قوم کي بڇايل سزا کان ٻي ڪا وڏي سزا ٿي نه ٿي سگهي جو هو پنهنجي تاريخي حيثيت جي فنا کي سمجهي به نه سگهيا آهن.
اڄڪلهه دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي قوم جي نالن بدران اسلام آباد ۽ لاهور جي ضلعي ۽ تعلقي جي طور تي ٿئي ٿي. مون کي 1999ع ۾ گانڌي جي آشرم واقع شهر وارڌا هندستان ۾ هڪ سيمينار ۾ شرڪت جي موقعي تي هتان ٺارو شاهه ۽ مانجهند مان لڏي ويل سنڌي هندن جيڪي بمبئي ۽ دهلي ۾ رهن پيا، انهن چيو ته اڄڪلهه ٽيليويزن تي ڪراچي جي مالڪي ته هتان لڏي ويل مهاجرن جي نظر اچي ٿي پئي. مون انهن کي چيو ته واقعي اهو اسان جي ملڪ جي نظريي جو ڪمال آهي جنهن کي اهي ماڻهو هتان لکنو منجهان بيل گاڏين تي کڻي اچي سنڌ ۾ پهتا هئا. مون هن مضمون جي سرخيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڏاهن جو جوڙيل محاورو لکيو آهي ته ٻورن سبجڻ مهل ئي اٺن وٺي رڙيون ڪيون. ان مطابق مون کي صرف اڪيلي امداد محمد شاهه مرحوم هيءَ رڙ ٻڌائي. سندس چوڻ هو ته مون بابا سائين کي چيو هو ته اوهان جي هن ملڪ کي ٺاهڻ جو اثر هن وقت تائين اهو ڏسي رهيا آهيون ته اسان جون چار پيڙهيون غلاميءَ جي گهاڻي مان گذريون آهن. هڪڙي اوهان جي ٻي اوهان جي پٽن جي ٽين اوهان جي پوٽن جي چوٿين اسان جي پوٽن جي. اسان کي سزا جو جيڪو قسم ملي چڪو آهي ۽ هلي رهيو آهي اهو هي به آهي ته سنڌي قوم زنده لاش مثل بڻجي چڪي آهي. اسان سڀ گهمندڙ ڦرندڙ لاش آهيون سنڌ ڪئبنيٽ جو هر سنڌي وزير مسلمان ڀائرن جي خوشامد ۾ سرگردان آهي ته هو وڏ وزارت لاءِ سندن نالي جي اين او سي ڏين. قومن جي موت جي معنيٰ آهي ته اهي ڀل محل ماڙين ۾ رهندڙ ڇو نه هجن پر انهن جي حيثيت لوٽي وارين ڳائڻين جيتري به ڪا نه هوندي آهي. صدر ايوب سنڌ جي طاقتور اڳواڻ کي چيو هو ته تنهنجي لاءِ منهنجو هڪڙو صوبيدار ئي ڪافي آهي. مون ذهنن ۽ ضمير جي موت جي ڳالهه ڪئي آهي مون وزارت جي عهدي تي فائز هڪ سنڌي ليڊر کي عرض ڪيو ته اوهان ته هٿ سان عالمي سامراج کي هت آڻي ڌرتي ماءُ جو قبضو پيا ڏيو، ان جو ثبوت سنڌي سمنڊ جي پٽيءَ تي نوان منصوبا آهن ته ان بغير ڪنهن پريشاني جي وڏي جرئت سان چيو ته امريڪا جيڪڏهن هتي آيو به سهي ته روزگار جا دروازا کلندا ۽ ترقي ٿيندي. غلاميءَ جي زماني ۾ انگريزن کان آزادي گهرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌي جوڌن جيلن ۾ ڦاهين جي ڦندن کي چميون ڏئي ڳچين ۾ پائي اسان کي ان ريت جي پيروي ڪرڻ جي وصيعت ڪري ويا پر اسان جا نه تن بدليا نه من بدليا جي چوڻي گورن جي ڪمدارن اڳيان ڀڳڙن جي مٺ تي قوم ۽ ڌرتي وڪڻئون پيا. مطلب ته جنهن قوم جو ضمير قتل ڪيو ويو هجي جنهن سبب ان کان ذهني طور پنهنجي تاريخي ۽ موروثي حيثيت ميسارجي وئي هجي، اهو انهن جي جسماني قتل عام کان وڌيڪ ظلم آهي، پوءِ اهڙين قومن جون جڏهن عصمتون نيلام ٿينديون ته ضمير جا مئل ماڻهو ان کي فيشن پيا سمجهندا.
Daily Ibrat Feb 5, 2013
No comments:
Post a Comment