Sindh MPAs performance Kawish 07-6-2016
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي جي 3 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، مخالف ڌر جي ميمبرن جي ڪارڪردگي وڌيڪ هجڻ ڪري سمورن ميمبرن جي ڪارڪردگي کي لڪايو ويو، نه سوالن ۽ نه ئي انهن جي حاضري بابت تفصيل شامل ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ميمبرن جي ڪارڪردگي رپورٽ پ پ جي چيئرمين کي پيش ڪرڻ کان پوءِ منظر عام تي آندي ويندي، رپورٽ ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته ميمبرن جي اٿاريل 5348 سوالن مان تقريبن اڌ سوالن جا جواب ئي نه ڏنا ويا، 269 مهملي جي تحريڪن مان فقط 6 تي بحث ٿيو، باقي رد ۽ واپس ٿي ويون، جڏهن ته اسيمبلي 3 سالن ۾ اهم بلن سميت 106 سرڪاري بل پاس ڪري ورتا،
ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪالهه مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ اسيمبلي جي 3 سالن 29 مئي 2013ع کان 28 مئي 2016ع جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي،
رپورٽ موجب انهن 3 سالن دوران 130 سرڪاري بل اسيمبلي ۾ جمع ڪيا ويا، جن مان 106 بل پاس ڪيا ويا آهن، انهن ۾ سنڌ شاهدن جي حفاظت بل 2013ع، سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل، سنڌ يونيورسٽيز لاز، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن بل، سنڌ سروس ٽربيونلز بل، ملير ڊولپمينٽ بحالي بل، سنڌ چائلڊ ميريجز ريسٽرينٽ بل، سنڌ لينڊ روينيو بل، سنڌ بلڊنگ اٿارٽي ترميمي بل، سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ بل، سنڌ امپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس بل، سنڌ سائونڊ سسٽم بل ۽ ٻيا اهم بل پاس ڪيا ويا آهن،
جڏهن ته اسيمبلي ۾ 44 خانگي بل به جمع ڪرايا ويا، جن مان ايم ڪيو ايم جي خالد احمد جو سينيئر سٽيزن ويلفيئر بل 2013ع، شرميلا فاروقي جو چائلڊ ميريج پروهيبشن بل، سنڌ ڪنزيومر پروٽيڪشن بل، سميتا افضال جو اسپيشل نيڊ ويلفيئر بل، فيصل سبزواري جو الطاف حسين يونيورسٽي حيدرآباد بل 2014ع، نند ڪمار جو هندو ميريجز بل 2015ع سميت رڳو 12 بل پاس ڪيا ويا، جڏهن ته 10 بل ڪاميٽين ڏانهن اماڻيل آهن، جڏهن ته 6 بل پيش ئي نه ڪرڻ ڏنا ويا آهن، 3 سالن ۾ اسيمبلي ڏانهن 24 آرڊيننس موڪليا ويا، جن مان 16 ايوان ۾ پيش ٿيا ۽ 8 واپس ڪيا ويا،
سنڌ اسيمبلي سڀ کان پهريان 13 مئي 2013ع تي سنڌ سروس ٽربيونلز ترميمي آرڊيننس 2013ع واپس ڪيو، ان کان سوا سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد طرفان 3 سالن ۾ 24 آرڊيننسز لاڳو ڪيا ويا، جن مان سنڌ اسيمبلي سنڌ سروسز ٽربيونلز ترميمي آرڊيننس 2013ع، سنڌ آرڪائيوز آرڊيننس 2013ع، اين آ بي ڊي پوسٽ گريجوئيٽ انسٽيٽيوٽ آف لائيف سائنسز آرڊيننس 2013ع، ٽيوبرڪيولوسس آرڊيننس 2013ع، نيو بارن اسڪرينگ سنڌ آرڊيننس 2013ع، سنڌ آ سرجري ريسٽرڪشن آرڊيننس 2013ع ۽ سنڌ ريپروڊڪٽو ميٽرنل، هيلٿ اٿارٽي آرڊينس 2014ع کي واپس ڪيو.

ڪارڪردگي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 3 سالن ۾ 88 استحقاق ۽ 269 مهملي تحريڪون جمع ٿيون، 5 هزار 348 سوال جمع ٿيا، انهن مان 13 استحقاق جون تحريڪون لاڳاپيل ڪاميٽي ڏانهن اماڻيون ويون، 11 کي رولز جي خلاف قرار ڏنو ويو، 12 تان هٿ کنيو ويو، 3 تي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته 47 تحريڪون واپس ٿي ويون، 3 سالن ۾ 269 مهملي جون تحريڪون جمع ڪرايون ويون، جن مان رڳو 4 کي بحث لائق سمجهيو ويو، 6 تان هٿ کنيو ويو، 36 کي رولز جي خلاف قرار ڏنو ويو ۽ 223 واپس ٿي ويون،
ان کانسواءِ 3 سالن دوران 5 هزار 348 سوال جمع ڪرايا ويا، جن مان 1847 منظور ۽ 1645 نامنظور ٿيا، 100 سوالن تان هٿ کنيو ويو، 879 ايوان تائين پهتا، 877 سوال اڃا تائين ايوان تائين پهچڻ جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته مختصر وقت وارا 134 سوال جمع ٿيا، جن مان رڳو 24 ايوان تائين پهچي سگهيا، 35 سوالن جي اجازت ئي نه ملي، ان کان سوا 3 سالن ۾ 488 ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايا ويا، جن مان 334 ايوان تائين پهتا، 154 واپس ڪيا ويا، 3 سالن ۾ 201 ٺهراءَ پاس ڪيا آهن،
رپورٽ موجب ٽوٽل 597 ٺهراءَ جمع ٿيا جن مان 396 رد ڪيا ويا، سنڌ اسيمبلي ۾ رول 123 ۽ 124 تحت 453 ٺهراءَ جمع ڪرايا ويا، جن مان 2 ٺهراءَ ڪاميٽي کي اماڻيا ويا ۽ 296 مختلف سببن جي ڪري واپس ڪيا ويا يا انهن تان هٿ کنيو ويو، جڏهن ته 144 آئوٽ آف ٽرن ٺهراءَ پيش ڪيا، جيڪي سمورا پاس ڪيا ويا،

اهڙي طرح اسيمبلي 3 سالن ۾ 201 ٺهراءَ پاس ڪيا آهن، انهن ٺهرائن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي تڪراري “ڪي ايس” پاليسي، سنڌ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، سنڌ کي گهٽ مالياتي حصو ملڻ، شيشو جي وڪري جي خلاف سميت ٻيا ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن.
No comments:
Post a Comment