Monday, September 2, 2013

ڪراچيءَ جو ناسور بڻيل ڦٽ - عاجز جمالي


عاجز جمالي

ڪراچيءَ جو ناسور بڻيل ڦٽ بدبوءِ ڦهلائي رهيو آهي. هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهپو چريو ٿيڻ وارو آهي. سندس حواسن ۾ ان ڦٽ جي بدبوءِ ويهي رهي آهي. هتي رهندڙ ماڻهو پاڻ کي موت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ويٺو آهي. هُونئن ته دنيا جي هر مذهب ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهوءَ جي ساهه وٺڻ جي سگهه صرف خدا وٽ آهي پر ڪراچيءَ جو ماڻهو ”بندوق“ کي پاڻ لاءِ عزرائيل سمجهي ٿو. بندوق هلائڻ واري کي الله سائين حُڪم نه ڪندو هوندو ته وڃي زمين تي رهندڙ ماڻهوءَ جو ساهه وٺي. پوءِ بندوق بردار ڪير آهي؟ اگر شيطان آهي ته پوءِ ڇا موت جو ملائڪ شيطان جي مرضيءَ تي ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو؟ شاعريءَ جي ڇا ته تشبيهه آهي.

اي خدا ڪجهه هيٺ لهي آ

پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.

سچ ته ملڪ جيڏي هن شهر ۾ جيڪو به خدا جو ماڻهو آهي، اُهو ڏاڍو پريشان آهي.

هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو

هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو

تن تي ڪو نشان هڻي وڃ.

پر هن شهر ۾ رهندڙ خدا جي ماڻهن تي ڪو به ليبل چنبڙيل ناهي. ڇو ته هتي ملائڪ شيطانن سان مليل آهن، جن ماڻهن کي ڪو ليبل لڳل آهي، شيطان انهن کي ڪجهه نه چوندا آهن، نه ڪي عزرائيل انهن جو ساهه وٺندو آهي. اشتهارن جي شهر ۾ ماڻهن تي به ٺپا لڳل آهن، جنهن تي ٺپو ناهي اُهو ”ماڻهو“ آهي، جيڪو ماڻهو آهي اهو ئي ته خدا جو آهي. پر ان جي وارثي ڪير به نه ٿو ڪري. رياست، حڪمران، ادارا، سڀ ماڻهوءَ جي نراڙ تي لڳل ليبل پڙهي ان مطابق سُلوڪ ڪندا آهن. ان جو مطلب ٿيو ته خدا جي ماڻهوءَ کي هن شهر ۾ پناهه گهُرجي. پر پناهه ڏيندڙ بان اسٽيڪر واري ماڻهوءَ کي پناهه ڏيڻ بدران سندس قسمت ۾ ”گولي“ جو باب وڌائي ڇڏيندو آهي. اڳي ماڻهو چوندا هئا هِن غريب مُلڪ جي امير شهر ۾ ايڏا هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟ سپريم ڪورٽ ۾ ان سوال جو جواب ملي ويو آهي. ڪراچيءَ مان افغانستان ويندڙ ڪنٽينرز ۾ رڳو کاڌ خوراڪ، خيما، ورديون، بوٽ، نه پر بندوقون، بارود، گولا، ايس ايم جي رائيفلون، ڪلاشنڪوفون، گوليون ۽ اُهو سڄو ساز سامان ويندو آهي، جيڪو ماڻهپوءَ جو موت آهي، جيڪو شيطانن جو تيار ڪيل آهي. نيٽو کي اسان موت وڪرو ڪرڻ لاءِ لنگهه ڏيئي پڇتايون ڪو نه پيا. ڇو ته اسان جي رياست، حڪمران ۽ ادارا سڀ جو سڀ شيطانن جا ساٿاري بڻيل آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نيٽو جا 19 هزار ڪنٽينرز گم ٿيل آهن. اُهي ڪاڏي ويا؟ جواب اهو مليو ته اڳي افغانستان مان هٿيار ڪراچي ۾ ايندا هئا، جيڪي بعد ۾ سڄي ملڪ ۾ وڪرو ٿيندا هئا. جنرل ضياءَ دور ۾ روسي ڪلاشنڪوف وڪرو ٿيڻ لڳي هئي پر هاڻي ابتو نظام اچي ويو آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه مان نڪتل ڪنٽينرز جا هٿيار هاڻي سڄي ملڪ ۾ پهچن ٿا. اڄ ڪراچي ”گناهن“ جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ بڻيل آهي. هن شهر ۾ سڄي ملڪ مان ايندڙ ”هورپرين“ جي سڄي خليج ۾ ڪاروبار ٿئي ٿو. نه رڳو انسان وڪامن ٿا پر انسانن جي ضميرن، عزتن جو سڀ کان وڏو نيلام گهر به هن شهر ۾ آهي. زمينن جو ڪاروبار، ضميرن جو ڪاروبار، زر ۽ زن جو ڪاروبار، نشن پتن جو ڪاروبار. مطلب هر قسم جو هي ڪاروباري شهر گذريل ڳچ سالن کان موت جي ڪاروبار ۾ سڀ کان اڳتي نڪري ويو. ان ڪري ٻيا سڀ ڪاروبار گهٽ ٿي ويا. ”ڀتو“ هتان جي بندوقچين لاءِ سڀ کان سولو ڪاروبار آهي. ان جو قانوني نالو وري ”چندو“ آهي، يعني جيڪي اڳي زوري ڀتو وٺندا هئا، بندوق ڏيکاري لٽيندا هُئا، انهن هاڻي ان ڪاروبار کي قانون جي شڪل ڏني آهي. اُهو ”چندو“ بڻجي ويو آهي. کين هاڻي بندوق ڏيکارڻ جي ضرورت نه پوندي. چندو هاڻي ڀتي جي سُپر ليٽو ڊگري آهي. اهو قانون ڏسي ٻيا گروپ پيدا ٿيا جيڪي اڃا تائين ”ڀتو“ وٺڻ واري اسٽيج تي آهن. شهر جا واپاريءَ ”چندو“ به ڏين ٿا ته ”ڀتو“ به ڏين ٿا. انهن جو خيال آهي ”جڳا ٽئڪس“ هڪڙو ئي هجڻ گهرجي. چندو وٺندڙن انهن کي رستو ڏيکاريو. روڊن تي نڪرو، هڙتالون ڪريو، فوج جو مطالبو ڪيو. اوهان رڳو بينر کڻي اڳيان بيهي باقي سڀ ڪم اسان جو آهي. ڪراچيءَ ۾ عوامي نمائندگيءَ جا دعويدار شهر جو ڪنٽرول ائين ئي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ٿا چاهين ڄڻ هي شهر ”نيگروز“ غلامن جو شهر هُجي. ڪير به ڪنڌ مٿي کڻي نه ڳالهائي. ائين ته ڀوتار به نه ڪندو آهي. ڀوتار جي ”اوطاق“ هن شهر جي ”سيڪٽر آفيس“ کان گهڻي بهتر آهي. هي شهر هاڻي هڪ ”ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ“ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، جنهن جا مالڪ سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اسين شاگرديءَ جي زماني ۾ ڀتين تي نعرا لکندا هئاسين ته ”ڪراچي فري پورٽ نامنظور“. پر اڄ سوچيون ٿا ته ”فري پورٽ“ ۾ امن ته هوندو آهي. رڳو بندرگاهه ڪنهن غير ملڪي ڪمپنيءَ وٽ هُجي ها اڄ ته فري پورٽ بدران ”فري ڪراچي“ بڻجي چُڪو آهي.

ادارا هر ڪاروبار ۾ ملوث آهن. سرڪارون به حصو آهن. وزير مشير سڀ ان مان مال ڪمائي رهيا آهن. سياسي، مذهبي، لساني، نسلي تنظيمون ۽ هٿياربند گروپ سڀ جو سڀ عالمي قوتن جي آشيرواد سان پنهنجا نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن. آمريڪا جو هن شهر تي آهستي آهستي ڪنٽرول وڌي رهيو آهي. ڪراچي بندرگاهه وسيلي نه رڳو نيٽو جي نالي تي افغانستان پر ايران، چين ۽ سڄي خليج کي داٻو ڏئي سگهجي ٿو. اڄ شام تي حملي جون تياريون آهن. سڀاڻي پاڪستان کي به ڊيڄاربو. پر ڪراچيءَ ۾ آمريڪي مداخلت تي ڪير به نه ٿو ڳالهائي. آمريڪا جي سرگرمين بابت ڪو به آواز ڪو نه ٿو اُٿاري. باقي سڀ ڌريون ملائي اُن ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جو هڪ پارٽنر بڻجن ٿيون. اصل وڏا پارٽنرز آمريڪا، برطانيا، فرانس، نيٽو، اسرائيل ۽ عالمي قوتون آهن، جن 12 مئي جو سانحو ڪرايو، جن بينظير ڀٽو تي پهرين ڪراچي ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ حملو ڪرايو، کيس شهيد ڪرايو. هن خطي ۾ ڪنهن به عوامي اڳواڻ کي هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو. آصف زرداري هجي يا نواز شريف، عمران خان هُجي يا ڪير ٻيو. هاڻي سڀ خوفزده آهن. سڀ اهو ئي ڪندا جيڪو آمريڪا چاهيندو.

ڪراچيءَ جي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اڄ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس به ڪراچي ۾ ٿيندو. هي اجلاس ڪراچي ۾ فوج جي مطالبي جي تناظر ۾ ٿي رهيو آهي. ڪراچي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو يا نه ٿيندو؟ رينجرز ۽ پوليس کي مڪمل اختيار ملندو يا نه ملندو؟ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪو ٺوس فيصلو ٿيندو يا نه؟ ڪراچيءَ جي ناسور بڻيل ڦٽ جو ڪو علاج ڳوليو ويندو، سرجري ٿيندي يا في الحال هن بدبودار ڦٽ تي مرهم پٽي رکي بدبوءِ کي روڪيو ويندو؟ ڇا روي ڪو عارضي حل ڳوليو ويندو. ڪو مستقل علاج هوندو؟ هي سڀ سوال اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ اٿاريا ويندا. اجلاس ٿي وڃي ان جي فيصلن تي بعد ۾ ڳالهائينداسين پر اڄ جو اهم سوال اهو آهي ته رياست هن شهر ۾ ماڻهو ۽ ماڻهپي جي تحفظ لاءِ ڪو اهڙو مضبوط فيصلو ڪري سگهندي جو رياست عوام کي ماءُ جي برابر لڳي. حڪمران ڪجهه اهڙو ڪري سگهندا جو عوام کي هُو پنهنجا نمائندا لڳن. ڏسون ڇا ٿو ٿئي.

Ibrat sept 3, 2013,

aajizjamalijamali@yahoo.com

No comments:

Post a Comment