ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏئي سگهندو؟
اشفاق آذر
ڪراچي ۾ هينئر ٽارگيٽيڊ آپريشن جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو ڪي نتيجا به ڏئي سگهندو يا نه؟ هي اهو سوال آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه گهڻو بحث هيٺ آهي. ان حوالي سان مختلف رايا به سامهون اچي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، ڪراچيءَ ۾ لاقانونيت جنهن مرحلي تي پهتي آهي، تنهن ۾ ان کي 20 کان 25 سال لڳا آهن، تنهنڪري ايترو جلدي اهو ممڪن ناهي، ته ڪراچيءَ ۾ امن امان بحال ٿي وڃي، اهو نهايت صبر طلب معاملو آهي، جنهن کي جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ سان جاري رکيو وڃي، ته ان کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ به اوترو ئي عرصو لڳي سگهي ٿو. ٻيا وري ان راءِ جا آهن ته، ان مهم سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر گهٽ ۾ گهٽ ڏوهارين جي دلين ۾ قانون جو ڊپ ضرور ويهندو، حقيقي ڏوهاري گرفتار ٿين يا نه، پر انهن ۾ ڀاڄ ضرور پوندي، جنهن جا ڪراچيءَ جي حالتن تي مثبت اثر پوندا. ٽين جي راءِ وري ڪجهه مايوس ڪندڙ آهي، جن موجب ڪراچي شهر گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جي عرصي دوران انتظاميا جي هٿن مان نڪري هاڻي ننڍن ننڍن ايترن ٽوٽن ۾ ورهائجي ويو آهي، جتي مختلف مافيائن پنهنجا پنهنجا پاور سينٽر ٺاهي ڇڏيا آهن، انهن پاور گروپس جا اهي نو گو ايرياز آهن، هر زورآور طاقت جي زور تي انهن علائقن مان ڀتو وصول ڪندو آهي، غير قانوني ڌنڌن کان ويندي هر قسم جون ڏوهاري وارداتون ٿينديون آهن، پنهنجي علائقي کي وسعت ڏيڻ جون ڪوششون به ٿينديون آهن، ته ان کي ٻين ڌرين جي قبضي کان بچائڻ لاءِ هٿياربند ويڙهه به ٿيندي آهي، اُتي قانون بدران انهن ڏوهاري مافيائن جي رٽ هلي ٿي، تنهنڪري هي آپريشن به گذريل ڪيترن ئي آپريشنن وانگر آهي، بدامنيءَ ۾ هڪ مختصر مدي جو وقفو آڻڻ کانسواءِ هن آپريشن مان ڪوبه پائيدار ۽ مستقل حل نه نڪري سگهندو.
هاڻي جيڪڏهن مٿين راين جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته، هڪ ڳالهه ته يقيني آهي ته، ڪراچي شهر ملڪ جي معيشت توڙي ڪاروبار جي حوالي سان انتهائي اهم شهر آهي، ان کان علاوه هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ پڻ هن جي ڳچيءَ جو ڳٽ بڻيل آهي، هن شهر جي مٿان مالڪيءَ يا قبضي جو جيڪو ڌنڌو ٻه اڍائي ڏهاڪا اڳ شروع ٿيو، تنهن جڏهن انڊا ٻچا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ٻين به ڏٺو ته هي ته ڪو بنهه منافع بخش ڪاروبار آهي، ته ٻين به پنهنجو حصو وصول ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ هن شهر مٿان هڪ ڌر جي قابض هجڻ وارو تاثر ختم ٿيندو ويو. انهن ڏوهاري ڪاررواين کي وري سياست جو ليبل چنبڙائي باقاعده هڪ انڊسٽريءَ جي شڪل ڏني وئي، غنڊن، بدمعاشن ۽ قاتلن کي سياسي پارٽين جي پناهه ۾ وٺي، کين گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ عهدا ڏنا ويا، انهن جا ليڊر وري ملڪي سياست ۾ حصو وٺي صوبائي ۽ ملڪي عهدا حاصل ڪندا رهيا. ڏوهن کي سياسي پشت پناهي هجڻ سبب اهي ڏوهاري مافيائون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان محفوظ رهنديون آيون آهن، بعد ۾ ته هنن پوليس جون ورديون پڻ پهري ڇڏيون. ڪراچي ۾ لساني، مذهبي ۽ فرقيواراڻن فسادن کان ويندي ٽارگيٽ ڪلنگس، ڀتي، قبضي ۽ منشيات سميت هر اهو ڏوهه، جنهن ۾ سرڪاري توڙي نجي ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ کان ويندي، انساني جانين جي زيان تائين، بربريت ۽ دردندگيءَ جو هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن کي هر آپريشن ماٺو ڪرڻ بدران وڌيڪ تيز ڪندو رهيو آهي. سبب اهو آهي ته، ان حوالي سان فقط اثرن کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ويندي آهي، ان جي سببن تي نظر وجهڻ توڙي ان جي خاتمي جي حوالي سان ڪا ٺوس ۽ سائسني بنيادن تي حڪمت عملي ڪڏهن وجود ۾ ناهي آئي. ظاهر آهي ته پوءِ امن امان جي بحاليءَ جي حوالي سان ٿيندڙ ڪوششن جا به ڪي ديرپا ۽ اثر انگيز نتيجا سامهون نه اچي سگهيا آهن.
ڪراچي ڪو دنيا جو اڪيلو شهر ڪونهي، جتي لاقانونيت جو راڄ رهيو آهي پر توهان لاطيني آمريڪا جي شهرن کان ويندي، بيجنگ، ٽوڪيو، لنڊن، نيويارڪ ۽ شڪاگو تائين نظر ڦيرايو ته، ماضيءَ ۾ اهي شهر به امن امان جي بدترين صورتحال مان گذريا آهن، انهن شهرن کي بدامنيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اتان جي حڪومتن کي ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙڻيون پيون، ان حوالي سان هنن نه رڳو اسپيشل فورسز قائم ڪيون پر سماجي سائنسدانن کان ويندي، اجتماعي نفسيات جي ماهرن، جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان مدد وٺڻ سان گڏ عوام کي به انهيءَ آپريشن جي عمل جو حصو بڻايو ويو. لنڊن ۾ اڄ کان لڳ ڀڳ هڪ سئو سال اڳ، جڏهن اتان جون حالتون انتظاميا جي هٿن مان نڪري ويون، ته هنن ڪو فوج کي ڪونه سڏايو پر پوليس ۾ مرحليوار تبديلي آڻي، هڪ نئين پوليس فورس جوڙي ورتي، ٿيو ايئن جو شهر کي مختلف حصن ۾ ورهائي هڪ هڪ حصي جي پراڻي پوليس فورس کي نئين تربيت ورتل پوليس فورس سان بدلايو ويو ۽ انهيءَ نئين پوليس فورس چارج وٺندي ئي انهيءَ علائقي تي پنهنجو ڪنٽرول ڪري ورتو، ايئن ڪندي ڪندي پوري پوليس فورس کي بدلايو ويو ۽ سموري شهر جي مٿان ان جو ڪنٽرول ٿي ويو، اڄ جيڪو اتي پوليسنگ جو معيار آهي، اهو انهيءَ طريقي سان اڳتي وڌائي بلند ڪيو ويو آهي. 1920ع وارن پڇاڙڪن سالن ۾ شڪاگو جو شهر بدترين گينگ وارس ۽ مافيائن جي ور چڙهيل هو، جتي قتل، بينڪ ڌاڙن کان ويندي ڦرن، منشيات سميت هر قسم جا ڏوهه کلي عام ٿيندا هئا، پر اتي به شهر جون حالتون فوج نه پر پوليس ئي معمول تي آنديون. هاڻي جنهن قسم جو ڊگهي مدي جو منصوبو هن شهر جون حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ گهربل آهي، ان تي عملدرآمد لاءِ سياسي ۽ انتظامي طور مستحڪم معاشري جي ضرورت هوندي آهي، جتي عام ماڻهن کي حڪومت جي نيڪ نيتي، فرض شناسي ۽ ايمانداريءَ تي اعتماد هوندو آهي. هتي ته حد اها آهي جو ماڻهن کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ لاءِ جيڪا مهم شروع ڪئي وئي آهي، تنهن کي ڳجهو ۽ راز ۾ رکڻ جا هر ممڪن اپاءُ ورتا پيا وڃن. پوري دنيا ۾ اهو طريقو آهي ته، ڏوهارين جي تصويرن سميت لسٽون پڌريون ڪيون وينديون آهن، جن ۾ سندن مجرماڻين ڪاررواين جو حوالو ۽ ڏوهاري گروپ سان واسطو به ٻڌايل هوندو آهي، پوءِ انهن خلاف ڪاررواين دوران عام ماڻهن کي اهو به آگاهه ڪيو ويندو آهي ته گهربل ڏوهارين مان ڪيترا گرفتار ٿيا، ڪيترا مقابلي ۾ مارجي چڪا آهن. هتي ته ماڻهن کي هوا ئي نٿي لڳڻ ڏني وڃي ته جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، اهي ڪير آهن، سندن تعلق ڪهڙي ڌر يا گروپ سان آهي، اهي ڪهڙن ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن. جڏهن اهڙي قسم جي رازداريءَ سان آپريشن ڪيو ويندو، ته پوءِ ماڻهن ۾ تحفظ جو احساس ڪيئن پيدا ٿيندو ۽ ڏوهارين جي دلين ۾ قانون جي دهشت ڪيئن ويهندي؟ ٻيو مسئلو ڏوهارين جي سياسي پشت پناهيءَ جو به آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن هڪڙي ڌر جو ڪو ماڻهو گرفتار ٿئي ٿو، ته ٻئي ڏينهن شهر ۾ رِڻ ٻاريو وڃي ٿو پر گرفتار ڪندڙ اهو ٻڌائڻ جي زحمت به نٿا ڪن، ته وٽن ڪهڙيون ثابتيون آهن، جن جي بنياد تي انهيءَ همراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نتيجو اهو نڪري ٿو جو اهو معاملو هڪ طرفي پروپيگنڊا جي ذريعي شڪي بڻايو وڃي ٿو.
اهو ٺيڪ آهي ته، نواز حڪومت هن ڀيري جمود کي ٽوڙيندي ۽ حالتن کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيڻ واري پاليسيءَ جي ابتڙ ڪراچيءَ جون حالتون سڌارڻ لاءِ ڪوششون ڪري پئي پر خدشو اهو آهي ته، جيتري تڪڙ ۽ جلد بازيءَ ۾ معاملن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سان ڪي نتيجا سامهون اچي نه سگهندا، پر اهڙي عمل سان هي مهم به تڪراري بڻجي ويندي. هن شهر جي بدامنيءَ واري مسئلي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته، سائنسي بنيادن تي اهڙيون ٺوس ۽ جامع پاليسيون ۽ حڪمت عمليون به جوڙيون وڃن، جنهن سان في الوقت نه به، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ سالن ۾ ان جا ڪي بهتر نتيجا سامهون اچي سگهن. حڪومت کي بهرحال اهو مڃڻو پوندو ته، ڏوهن تي ضابطو فقط پوليس آڻي سگهي ٿي، فوج ۽ رينجرز کي ڀل ڪيترا به اختيار ڏنا وڃن پر اهي فورسز ڏوهن تي ضابطو نٿيون آڻي سگهن، جيڪڏهن فوج ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ها، ته پوءِ ملڪ ۾ چار مارشل لا ناڪام نه ٿين ها، فوج ۽ رينجرز حملو ڪري سگهي ٿي، انهن کي قانوني پيچيدگين، شقن توڙي عدالتي نظام جي خبر ناهي هوندي، ان ڪري ضرورت پوليس تي ڌيان ڏيڻ جي آهي، پوليس جي سربراهي بهتر پوليس آفيسرن کي سونپڻ گهرجي، جيڪي پروفيشنل بنيادن تي اداري ۾ تربيت ۽ احتساب جو نظام لاڳو ڪن، پوليس بهتر ٿيندي ته ان جون ڪارروايون اثرائتيون ٿينديون ۽ امن امان جي بحالي ديرپا ۽ مستقل طور ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي سگهندي.
No comments:
Post a Comment