گذريل حڪومت ۾ سنڌ کي ڇا مليو
اختيار کوکر سنڌ ڄائي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي پهرين چونڊيل صدر وارو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن ان عهدي تي مقرري جو پنجن سالن وارو آئيني مدو پورو ڪيو هجي ۽ گارڊ آف آنرز ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان ايوان صدر مان رخصت ڪيو ويو هجي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهو سڀ ڪجهه صدر جي مفاهمت واري پاليسي ۽ غير جمهوري قوتن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ صدر پاران اختيار ڪيل ڪامياب حڪمت عملي سبب ممڪن ٿي سگهيو، ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي ته هن جي پنجن سالن جي دور ۾ 1973ع وارو آئين پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ٿيو، آئين جي 18، 19 ۽ 20 هين ترميمن جي نتيجي ۾ صوبن جي خودمختياري ۾ اضافو ٿيو، ڪجهه وفاقي کاتا ۽ ادارا صوبن ڏانهن آئيني طور منتقل ٿيا، خدمتن وارو سيلز ٽيڪس وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيو، جنهن سان سنڌ کي وڏو فائدو ٿيو.
ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائي وئي، پر ان سان گڏ ڀاڻ، ٻج ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ پڻ واڌ آئي، صدر پارليامينٽ ۽ چونڊيل حڪومت کي ٽوڙڻ وارا آئين جي 58/2B شق وارا پنهنجا اختيار ختم ڪرائي پڻ جمهوريت کي ملڪ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيو. صدر جي قيادت ۾ هلندڙ اڳوڻي حڪومت ڇهون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو، غريب عورتن جي مالي سهائتا لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو ويو. صوبائي ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ 75 هزار نيون ڀرتيون ٿيون، سنڌ حڪومت جي دعويٰ آهي ته صدر جي قيادت ۾ هلندڙ صوبائي حڪومت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي 7 سئو ارب رپيا خرچ ڪيا. اهو پڻ جمهوريت ۽ جمهوري روايتن جي روح مطابق آهي ته عوام جي ووٽن سان اقتدار جي اعليٰ منصب تي پهچندڙ هر حڪمران، خاص ڪري حڪمران پارٽين جي سربراهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو حڪومت دوران ۽ سندن حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي. ملڪ، قوم ۽ ادارن جي ڀلي لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن هر تصوير جا ٻه رخ ظاهر ٿين، ڇو ته هر عمل جا مثبت ۽ منفي پاسا ٿين ٿا، اهڙي طرح سندن حڪمراني واري تصوير جي ٻئي رخ کي پڻ تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ ضروري آهي. جيئن صدر جي قيادت ۾ هلندڙ پيپلز پارٽي جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪاميابين ۽ سٺن ڪمن کي صدر جون ڪاميابيون ۽ سٺا ڪم ڳڻيو پيو وڃي، جيڪو اعزاز پارٽي سربراهه جي حيثيت ۾ کيس ملڻ گهرجي، پر جيستائين ساڳي حڪومت جي دور جي ناڪامين، بد انتظامين، نا انصافين، بدعنوانين ۽ ٻين منفي پاسن کي رڪارڊ تي نه آندو ويندو، ايستائين ان دور جي اصل تصوير مڪمل نه ٿي سگهندي. اهو ان ڪري پڻ ضروري آهي ته ڪنهن به خرابي يا غلطي کي صرف ان وقت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ان جي نشاندهي ٿئي. جيڪڏهن نشاندهي نه ٿيندي ته خرابيون وڌي ڊزاسٽر واري صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون، انهن خرابين جي ذميوار سياستدانن جو احتساب نه ٿيڻ ڪري عوام ۽ ادارن کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو. اڳوڻي صدر جي پنجن سالن واري دور ۾ ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن کان ڪنهن کي به انڪار نه ڪرڻ گهرجي، پر جيئن ته اڳوڻي صدر ۽ سندس پارٽيءَ کي سڀ کان وڏو مينڊيٽ سنڌ مان مليو، ان ڪري اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته سندس دور ۾ موٽ ۾ سنڌ کي ڇا مليو ۽ سنڌ سان ڇا ٿيو؟ پهرين ڳالهه اها ته جنهن سياسي مفاهمت واري پاليسي جي نتيجي ۾ صدر ۽ سندس پارٽي جي حڪومت پنج سال پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، انهي سياسي مفاهمت سبب سڀ کان گهڻو سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پيو. مرڪزي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ميمبرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شهري علائقن مان چونڊيل پارٽي کي اتحادي بڻائڻ لاءِ سندن سياسي ۽ مالياتي انگل سنڌ حڪومت ذريعي پورا ٿيندا رهيا، سنڌي ماڻهن پاران پيپلز پارٽيءَ کي صوبائي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي واري واضح اڪثريت سان چونڊڻ جي باوجود صوبائي حڪومت کي اقليتي اتحادي ڌر جي مرضي سان هلائي ڇا صوبي جي اڪثر عوام جي مينڊيٽ ۽ ووٽ جي توهين نه ڪئي وئي؟ ڪراچي شهر ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿيڻ جي باوجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ٿيڻ بدران آخر تائين کين راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان حد تائين مفاهمت وارو اهو عمل جاري رهيو، جو کين نگران صوبائي حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان 15 ڏينهن اڳ هنن کي صوبائي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي حيثيت ملي، سندن مشوري سان نگران حڪومت قائم ڪئي وئي. انهي مفاهمت جو ئي نتيجو هو، جو صوبي ۾ مشرف وارو مڪاني نظام قانوني طور سال 2011ع ۾ ختم ٿي وڃڻ جي باوجود ۽ قانون بار بار تبديل ٿيڻ باوجود صوبي ۾ عملي طور تي اڍائي سالن تائين ٽرانزيشن جي نالي ۾ مشرف واري مڪاني قانون هيٺ مڪاني ادارن کي صوبائي حڪومت کان مالي وسيلا منتقل ٿيندا رهيا، جنهن سبب ڪراچي جي ٻهراڙي وارين ڪائونسلن جي حصي جا فنڊ به ڪي ايم سي کي ملندا رهيا ۽ هر مهيني 5 ڪروڙ رپيا خاص گرانٽ ان کانسواءِ ملندي رهي، ۽ اڃا به ائين ئي پيو ٿئي. ڪراچي شهر جو پر امن ترين علائقو ۽ پارٽي جو سياسي ڳڙهه لياري غلط پاليسين ۽ حڪمت عملين سبب پارٽي جي سينيئر ۽ معتبر مقامي اڳواڻن جي هٿن مان نڪري علائقي جي دادا گيرن جي ور چڙهي ويو، امن ڪميٽي جي نالي ۾ انهن دادا گيرن کي اڳتي وڌائي سينيئر سياسي اڳواڻن کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ بعد ۾ شهري اتحادين جي ناراضگي دور ڪرڻ لاءِ لياري ۾ آپريشن ڪري پنهنجن ئي جيالن کي سبق سيکاريو ويو. اڄ حالت اها آهي جو عملي طور لياري پارٽي قيادت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي. اهو درست آهي ته ڇهين اين ايف سي ايوارڊ جي نتيجي ۾ وفاق کان صوبن کي وڌيڪ مالي وسيلا منتقل ٿيا، جنهن تي هاڻي آءِ ايم ايف پڻ اعتراض واريو آهي، خدمتن واري سيلز ٽيڪس صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سان پڻ سنڌ کي مالي فائدو ٿيو، ته پوءِ سوال اهو آهي ته سنڌ هن وقت سخت مالي بحران جو شڪار ڇو آهي، ۽ هر مهيني ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ پڻ اسٽيٽ بينڪ کان ڳري وياج تي قرض کڻڻ تي مجبور ڇو آهي؟ ڇا وڌيڪ مالي وسيلن جي منتقلي واريون دعوائون غلط هيون، يا مالي وسيلا منتقل ٿيڻ جي باوجود صوبائي حڪومت انهن جو درست استعمال نه ڪري سگهي. گذريل پنجن سالن دوران ترقياتي رٿائن تي 6 سئو 85 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ايڏي وڏي رقم خرچ ٿي آهي ته اها ترقي نظر به اچڻ گهرجي ۽ ان جو عوام کي لاڀ به ملڻ گهرجي. صرف تعليم واري شعبي تي 5 کرب خرچ ٿيا آهن ته پوءِ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهي نڪرندڙ ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ لکڻ پڙهڻ ته اچڻ گهرجي، جيڪڏهن ترقياتي رٿائن تي 7 کرب خرچ ٿيڻ جي باوجود روڊن رستن، اسپتالن، اسڪولن، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪالي، ٽرانسپورٽ ۽ زراعت ۽ آبپاشي جا نظام تباهه ٿيل هجن ته پوءِ يقين سان سمجهڻ گهرجي ته يا رقم خرچ ٿيڻ جون دعوائون غلط آهن يا فنڊ سان رٿائن بدران ڪنهن ٻئي جي فنڊنگ ٿي وئي آهي. سنڌ گذريل پنجن سالن دوران جنهن بيڊ گورننس جو شڪار رهي، ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ صوبي لاءِ چونڊيل وڏو وزير هجڻ جي باوجود صوبائي حڪومت جي کاتن ۽ ترقياتي رٿائن بابت اهم فيصلا جيڪڏهن ڪي ٻيا ڪندا رهيا، اعليٰ صوبائي انتظاميا سي ايم هائوس بدران ڪنهن ٻئي هائوس جي هدايتن تي هلي، ايتري تائين جو سي ايم هائوس جو پرنسپل سيڪريٽري به ڪنهن ٻئي جي مرضي سان مقرر ٿيندو رهي ته صوبي کي اهڙي حڪمراني ڏيڻ جو پڻ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏجي! ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب مختلف کاتن ۾ 75 هزار نوان ڀرتي ٿيل ملازم حڪومت جي پي رول تي آيا، نوجوانن کي نوڪريون مليون، پر اهي نوڪريون ڪيئن مليون، کاتن جي آفيسرن کي ڀرتي لاءِ ڪٿان ڪٿان لسٽون اينديون رهيون، ۽ ڪنهن کي مليون، ايڪسائيز، روينيو، مڪاني ادارن ۽ پوليس کاتن جي سڻڀن عهدن تي پارٽي ۽ حڪومتي عهديدارن وزيرن ۽ ٻين چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل نمائندن جا اولاد ۽ مٽ مائٽ اڪثريت ۾ ڪيئن ڀرتي ٿي ويا؟
ٻيو ته ڇڏيو، ان جي پڻ جاچ ٿيڻ گهرجي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي معتبر اداري جو ڪيئن استعمال پيو ٿئي، ان اداري مان به وڏي تعداد ۾ حڪومتي ماڻهن جا مٽ مائٽ اعليٰ عهدن لاءِ ڪيئن ٿا سليڪٽ ٿين! ائين پڻ پهريون ڀيرو ٿيو، جو صوبائي حڪومت جي سيڪريٽرين، ڪمشنرن، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ايس ايس پيز، ايس پيز، ڊپٽي ڪمشنرن وارن ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اعليٰ ترين انتظامي عهدن تي ٻاهرين نان ڪيڊر ۽ نان سول سرونٽ ماڻهن کي ضم ڪري صوبائي سروسز جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. اها ته جس هجي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جناب جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ قائم بئنچ کي، جنهن تاريخي فيصلو ڏئي انتظامي عهدن تي سڌو ضم ٿيل ۽ آئوٽ آف ٽرن ترقيون وٺندڙ نا اهلن ۽ جونيئر ماڻهن کي فارغ ڪرائي، سنڌ جي سروسز تي تاريخي احسان ڪيو. سوال اهو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سنڌ ۾ بيڊ گورننس جي آيل ان طوفان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي، اهو پڻ سوال پنهنجي جاءِ تي پيدا ٿئي ٿو ته ڪراچي جي 14 هزار ايڪڙ قيمتي زمين جي ڀڳڙن مٽ تي ڌارين کي ٿيل نيلامي جو ذميوار ڪير هو، لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي پوليس کاتي، ورڪس ۽ سروسز کاتي، آبپاشي کاتي، رٿابندي کاتي، سروسز کاتي، ڪو آپريشن کاتي جا قلمدان قانوني طور وڏي وزير وٽ هجڻ جي باوجود پر عملي طور اهي کاتا ڪي ٻيا ڪيئن پيا هلائين ۽ زمينن جي الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائيزيشن ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪنهن جي هدايت تي رهي؟ سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ بلڊر ملڪ رياض جي ڪمپني کي وڪڻڻ ۽ ڪراچي جي سامونڊي ڪناري وارين زمينن تي ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم اٿارٽي کي 50 سيڪڙو حصيدار بڻائڻ واري سنڌ حڪومت پاران وفاقي وزارت پورٽ ۽ شپنگ ۽ ڪي پي ٽي کي آڇ ڪنهن جي هدايت تي ڏيئي، سنڌ جي پيرن هيٺيان زمين کسڪائڻ واري تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي وئي؟ صوبي ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا بنياد وجهندڙ ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت واري رٿا ڪنهن جي هدايت تي شروع ٿي؟ صوبائي خزاني مان 30 ارب رپيا هڪ ئي مخصوص ڪمپني ذريعي 7 هزارن کان وڌيڪ مهانگي ترين آر او پلانٽن واري اهڙي رٿا تي ڪنهن خرچ ڪرايا، رقم ادا ٿي وڃڻ جي باوجود جن مان اڪثر پلانٽ لڳا ئي ناهن ۽ جيڪڏهن لڳا آهن ته گهڻا هلن ئي ڪو نه ٿا. صوبو مسلسل ٽن وڏين درياهي ۽ برساتي ٻوڏن جي لپيٽ هيٺ آيو، اٽڪل 30 لک گهر ڊٺا ۽ لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿيو، چوپايو مال مري ويو، ٻوڏ متاثرن کي گهرن جي اڏاوت ۽ سندن ٿيل مالي نقصان جا ازالي لاءِ مناسب معاوضا ڇو نه ملي سگهيا؟
صوبائي اسيمبلي جهڙي بامقصد ايوان کي اهم انتظامي عهدن تي ضم ڪيل نا اهل ۽ سفارشي نان ڪيڊر ملازمن جي انضمام ۽ غير قانوني آئوٽ آف ٽرن ترقيون ڏيڻ، سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جهڙي تڪراري قانون، صوبي جون يونيورسٽيون وڏي وزير بدران وفاق جي نمائندي گورنر جي ڪنٽرول هيٺ ڏيڻ، وڏي وزير کي گورنر جي ماتحت بنائڻ واري سنڌ هاءِ ڊينسٽي بورڊ جهڙن قانونن جي منظوري لاءِ ڪنهن استعمال ڪرايو؟ مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 6 هزار جايون خالي هجڻ باوجود 40 هزار ملازم مڪاني ڪائونسلن ۾ ڀرتي ڪري صوبي جي مڪاني ادارن جو انتطامي ڍانچو ڪيئن تباهه ڪيو ويو، تعليم کاتي ڪراچي ۾ 15 سئو جايون خالي هجڻ جي باوجود بي روزگار نوجوانن کان ڪروڙين رپيا لُٽي 9 هزار ملازم ڀرتي ڪري ڇڏڻ جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟
Kawish Sept 18, 2013
No comments:
Post a Comment