Monday, September 2, 2013

ٿر جي ڪوئلي خلاف سرگرم ڌريون ۽ ٿرڪول انرجي بورڊ جو ڪردار: اختيار کوکر


ٿر جي ڪوئلي خلاف سرگرم ڌريون ۽ ٿرڪول انرجي بورڊ جو ڪردار اختيار کوکر

بجلي جي کوٽ هن وقت پاڪستان جو سڀ وڏو مسئلو بڻجي سامهون آيو آهي، خاص ڪري گرميءَ جي موسم ۾ اها کوٽ اٽڪل 7 هزار ميگاواٽ تي پهچي وڃي ٿي، جنهن سبب ملڪ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي روزانوگهٽ ۾ گهٽ 12 ڪلاڪ ۽ شهري علائقن کي 8 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جي عذاب مان گذرڻو پوي ٿو. چيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن ملڪ اندر نوان بجلي گهر اڏڻ لاءِ هاڻ کان ڪوششون نه ورتيون ويون ته ايندڙ سالن ۾ اها کوٽ اڃا گهڻو وڌي ويندي. ان ڪري حڪومت جو سڄو زور نوان بجلي گهر اڏڻ تي آهي. بجليءَ جي کوٽ جا گهڻا سبب آهن، پر هڪ وڏو سبب ڦرندڙ قرض (سرڪيولر ڊيٽ) آهي، جيڪو هن وقت 5 کرب رپين تي پهچي ويو آهي. اهو مسئلو هيئن آهي جو ملڪ اندر هلندڙ اڪثر بجلي گهر پرڏيهه کان امپورٽ ٿيندڙ تيل تي هلن ٿا ۽ تيل جي اگهه ۾ عالمي منڊي ۾ واڌ ٿيڻ سان بجلي گهرن جي لاڳت ۾ پڻ واڌ اچي ٿي. حڪومت انهن بجلي گهرن کان مهانگي بجلي خريد ڪري ان تي رعايت ڏئي عوام کي فراهم ڪري ٿي ۽ بجلي جي فراهمي جي ذميوار سرڪاري ادارن کي موٽ ۾ ايتري آمدني نٿي ٿئي، جو بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي پوري ادائيگي ڪري سگهن. نتيجو اهو ٿو نڪري جو ڦرندڙ قرض وڌندو پيو وڃي، ۽ وقت سر ادائيگيون نه ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙن کي پنهنجا يونٽ بند ڪرڻا پون ٿا، يا مناسب سار سنڀال نه ٿيڻ سبب بجلي گهرن جي پيداواري صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي، ٻيو اهو ته تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان ايندڙ واڌ ملڪ اندر بجليءَ جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو سبب پڻ بڻجي ٿي. ان ڪري ملڪ اندر بجلي ۽ توانائيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جو صرف اهو رستو آهي ته سستي فيول تي هلندڙ بجلي گهر لڳايا وڃن. تيل کان پوءِ سستو ۽ سٺو فيول گئس آهي، پر گيس جي وڌندڙ کوٽ پڻ ان جي اجازت نٿي ڏي ته ملڪ اندر گئس تي هلندڙ نوان بجلي گهر لڳايا وڃن. ان ڪري پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي، جو هميشه ملڪ اندر ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام جي مخالفت ڪندڙ وفاقي لابي پڻ اعتراف ڪيو آهي، ته ملڪ اندر توانائيءَ جي وڌندڙ بحران کي حل ڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته ڪوئلي کي توانائي جي استعمال جو بنيادي ذريعو بڻايو وڃي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام کي هٿي ڏني وڃي. اهڙو اعتراف وزير اعظم ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ وفاقي حڪومت پاران تازو جوڙيل پاڪستان پاور مينجمينٽ ڪمپني پنهنجي جاري ڪيل پاليسي پيپر ۾ ڪيو آهي. وفاقي ڪمپني جي پاليسي پيپر ۾ ٻيو وڏو اعتراف اهو ڪيو ويوآهي ته ملڪ جي نهرن ۾ پاڻي جي گهربل فراهمي صرف مندائتي (سيزنل) بنياد تي هجڻ سبب پاڻي جي دٻاءُ تي هلندڙ هائيڊرو بجلي گهرن جي قيام تي پڻ بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نٿو ڀاڙي سگهجي. وفاقي اختيارين جي ان اعتراف کان پوءِ بجليءَ جي کوٽ کي بنياد بڻائي ڪالاباغ ڊيم جهڙن سنڌ دشمن رٿائن جي اڏاوت لاءِ وفاقي ۽ ان جي ساٿاري لابي پاران ٿيندڙ وڪالت پڻ وزن وڃائي ويهي ٿي. وڌيڪ اهو چيو ويو آهي ته هوا ۽ بايوماس ۽ سج جي روشني وارا متبادل توانائي وارا ذريعا پڻ بجلي جي 10 هزار ميگاواٽ واري وڏي کوٽ پوري نٿا ڪري سگهن. اهڙي صورتحال ۾ صرف ڪوئلو ئي توانائي جو واحد ذريعو بچي ٿو، جنهن تي حڪومت پاڪستان جي سڄي پاور پاليسي جو بنياد هجڻ گهرجي. مطلب اهو ته ڪوئلي جي استعمال کي ملڪ جي توانائي جو بنيادي وسيلو بڻائڻ واري جيڪا ڳالهه گذريل 20 سالن کان سنڌ ڪري پئي، اها ڳالهه امپورٽيڊ تيل واري ڪاروبار تي ملندڙ ڪميشن جي خمار ۾ ورتل ۽ سنڌ جي ڪوئلي سان بعض رکندڙ وفاقي ڪامورن جي لابي کي هاڻي سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. پر سنڌ جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل ان لابي جو سنڌ جي ڪوئلي سان وير اڃا ختم نه ٿيو آهي ۽ جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي جو وفاقي حڪومت پاران جوڙيل پاڪستان پاور مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ پنهنجي پاليسي پيپر ۾ چوي ٿي ته ڪوئلي جو نالو وٺڻ سان ٿر جو ڪوئلو پاڻ مرادو سامهون اچي وڃي ٿو. پر ٿر جي ڪوئلي جو خراب معيار، گهڻو اونهائي ۾ هجڻ، پاور پلانٽ کي ٿڌو رکڻ لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي موجود نه هجڻ، هاءِ ڪمرشل رسڪ ۽ سيڙپڪارن کي اميدن موجب نفعو نه ٿي سگهڻ، اهڙا بنيادي سبب آهن، جو بجلي گهرن لاءِ ٿر جي ڪوئلي جي استعمال واريون سڀ دعوائون فرضي بڻجي وڃن ٿيون ۽ ٿر جي ڪوئلي جو کاڻين مان نڪرڻ اڃا ’دلي هنوز دور است‘ جي مصداق آهي. ان ڪري چون ٿا ته ملڪ اندر بجليءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ان وفاقي ڪمپني ذريعي فوري طور تي بلوچستان جي گڏاڻي واري علائقي ۾ پاڪستان پاور پارڪس نالي نئون صنعتي علائقو قائم ڪري، پرڏيهه کان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي هلندڙ 660 ميگاواٽ وارا 10 بجلي گهر قائم ڪري 6600 ميگاواٽ بجليءَ جي پيداوار جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. ان پاور پارڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اٽڪل 5 ارب ڊالرز جي سيڙپ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته انهن بجلي گهرن لاءِ روزانو پرڏيهه مان 2 ڪروڙ ٽن ڪوئلو امپورٽ ٿيندو، جنهن لاءِ گڏاڻي واري علائقي ۾ اونهي سمنڊ ۾ ست ڪلوميٽر اندر هڪ وڏي جيٽي پڻ قائم ڪئي ويندي، جتي ڪوئلو کڻي ايندڙ بحري جهاز لنگر انداز ٿي سگهندا. ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام لاءِ قائم ٿيندڙ اهو پاور پارڪ، دنيا جو چوٿون نمبر ڪوئلي جا ذخيرا رکندڙ سنڌ صوبي ۾ قائم نه ٿي سگهڻ جو ٻيو جواز اهو ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جي ٻنهي بندرگاهن ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ جي دڪن جي سمنڊ جي اونهائي ايتري گهڻي ناهي، جو ڪوئلو پرڏيهه مان کڻي ايندڙ ڪئپسائيز بحري جهاز اتي لنگر ڪري سگهن، بهرحال بجلي گهرن لاءِ پرڏيهه مان ڪوئلو امپورٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ وفاقي لابي پڻ اهو اعتراف ڪري ٿي ته ڪوئلي جو نالو وٺڻ سان فوري طور تي ٿر جو ڪوئلو اکين آڏو اچي وڃي ٿو، پر ان کان اکيون چورائڻ لاءِ ضروري هو ته پهريان ٿر جي ڪوئلي کي استعمال نه ڪرڻ جو جواز پيش ڪن. ٻيو وڏو سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام لاءِ صنعتي علائقو قائم ٿيڻو آهي ته پوءِ اهو ڪنهن ٻئي علائقي بدران ڪوئلي جون سڀ کان وڏيون کاڻيون رکندڙ سنڌ صوبي ۾ ڇو نٿو قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اڄ ٿر جو ڪوئلو کاڻين کان ٻاهر ناهي اچي سگهيو ته سڀاڻي ته ٻاهر اچي سگهي ٿو ۽ امپورٽيڊ ڪوئلي بدران مقامي سستو ڪوئلو انهن بجلي گهرن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ کل جهڙو جواز ڏنو ويو آهي ته سنڌ جا بندرگاهه وڏن بحري جهازن جي لنگر انداز ٿيڻ جا اهل ئي ناهن. وفاقي لابي مقامي ڪوئلي بدران پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي زور ڇو پئي ڏي ۽ سنڌ جي ڪوئلي کي نظر انداز ڪرڻ جي پويان ڪهڙيون سازشون لڪل ٿي سگهن ٿيون؟ انهي جو جائزو وٺڻ کان پهرين اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا واقعي ٿر جو ڪوئلو ايترو غير معياري آهي جو بجلي گهرن جي قيام لاءِ استعمال نٿو ٿي سگهي؟ جرمني، آمريڪا ۽ چين جي عالمي ماهرن پاران ٿر جي ڪوئلي بابت تيار ڪيل رپورٽن موجب ٿر ۾ دنيا جي لگنائيٽ ڪوئلي جو سڀ کان وڏيون 178 ارب ٽن کاڻيون موجود آهن. ان ڪوئلي جو اسٽرپنگ ويليو 6:1 ۽ هيٽنگ ويليو 6200 کان 11000 Btu/Ib آهي، جيڪو دنيا ۾ بجلي گهرن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪوئلي جي گهڻين کاڻين کان وڌيڪ معيار جو قرار ڏنو ويو آهي. ڀارت جي نيولي وارين کاڻين جي لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار اڄ 7:1 اسٽرپنگ ريشو ۽ 2500 Btu/Ib هيٽنگ ويليو وارو آهي، جنهن تي 2700 ميگاواٽ وارا بجلي گهر هلندڙ آهن. اهڙي طرح هنگري جي لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار 9:1 اسٽرپنگ ريشو ۽ 3035 Btu/Ib هيٽنگ ويليو وارو آهي، ان تي 1800 ميگاواٽ وارا بجلي گهر هلن ٿا. ساڳي طرح جرمني رائن لينڊ لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار 4.9:1 اسٽرپنگ ريشو 45/4 کان 11054 Btu/Ib هيٽنگ ويليو آهي، ان ڪوئلي تي 10200 ميگاواٽ وارا بجلي گهر ڪاميابي سان هلندڙ آهن. ان کانسواءِ گريس جي لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار 10:1 اسٽرپنگ ويليو ۽ 5000 Btu هيٽنگ ويليو آهي. جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ ٿر جي ڪوئلي کان گهٽ معيار رکندڙ ڪوئلو بجلي گهرن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ٿر جي ڪوئلي کي خراب معيار وارو قرار ڏيڻ واري زهر اوڳاڇڻ جو سنڌ سان دشمني کانسواءِ ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو؟ باقي رهي ڳالهه ته ٿر جو ڪوئلو 20 سال گذري وڃڻ باوجود اڃا کاڻين کان ٻاهر ڇو نه اچي سگهيو آهي ۽ ان جي استعمال لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي، ٽرانسميشن لائن، ريلوي لائن ۽ گهربل بنيادي ڍانچي جي اڏاوت ڇو نه ٿي سگهي آهي، ته ان جي ذميوار به سنڌ حڪومت سان گڏ ساڳي ٿر ڪول دشمن وفاقي لابي رهي آهي، جيڪا اڄ تائين اهو طئه ناهي ڪري سگهي ته ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي جو اگهه ڪيترو هوندو ۽ ان ڪوئلي تي لڳندڙ بجلي گهرن کان ڪيتري اگهه تي حڪومت بجلي خريد ڪندي. رهي ڳالهه سنڌ جي بندرگاهن تي وڏن بحري جهازن جي لنگر انداز نه ٿي سگهڻ جي ته گڏاڻي ۾ ڀلا ڪهڙو سمنڊ جي ڪناري تي انهن بحري جهازن لاءِ جيٽي اڏي پئي وڃي! جيڪڏهن گڏاڻي ۾ 7 ڪلوميٽر اندر اونهي سمنڊ ۾ انهن جهازن لاءِ جيٽي اڏي سگهجي ٿي ته پوءِ سنڌ جي سمنڊ ۾ 10 ڪلوميٽر اندر اهڙي جيٽي ڇو نه ٿي تعمير ٿي سگهي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي 1993ع واري حڪومتي دور ۾ ڪيٽي بندر تي هانگ ڪانگ جي سيڙپڪار گورڊن ووکي پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي بجلي گهر لڳائڻ جي اجازت ملڻ سان ساڳي نواز شريف ۽ سندس ساٿين هاءِ گهوڙا ڪئي ته وڏي ڪميشن وٺي ڪيٽي بندر تي پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر لڳائڻ جو ٺاهه ڪيو پيو وڃي، ۽ ٿر جي ڪوئلي بدران پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي جي استعمال جي مخالفت ڪئي وئي. جڏهن ته ان ٺاهه ۾ اها شق به شامل هئي ته ڪيٽي بندر تي لڳندڙ بجلي گهر لاءِ مستقبل ۾ ٿر جو ڪوئلو استعمال ٿيندو. سوال اهو آهي ته ڇا هاڻي گڏاڻي ۾ به پرڏيهه کان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي لڳڻ پويان پڻ وڏي ڪميشن واري ڪا ڪهاڻي لڪل آهي، جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ پرڏيهه مان مٽا سٽا واري ناڻي جي بدلي خريد ٿيندڙ ڪوئلي واري توانائي تي ڀاڙڻ بدران پنهنجن مقامي ذخيرن تي ڇو نٿو ڀاڙيو وڃي؟ جيڪڏهن تيل تي هلندڙ بجلي گهرن لاءِ پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ تيل گهربل مقدار ۾ فراهم ڪرڻ ان ڪري ڏکيو بڻيل آهي ته تيل جي امپورٽ تي ڊالرن جي صورت ۾ پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿئي ٿو ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن جي واڌ سان حڪومت کي ملڪ اندر پڻ بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪرڻي پوي ٿي ته ڇا ساڳيو مسئلو پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي جي حوالي سان نه رهندو؟ ان کان وڌيڪ ٻيائيءَ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿيندو، جو پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي لڳندڙ بجلي گهرن سان ٿيندڙ ٺاهن ۾ اها شق به نٿي رکي وڃي ته مستقبل ۾ جڏهن به ٿر جو ڪوئلو کاڻين کان ٻاهر ايندو ته اهو ڪوئلو استعمال ڪيو ويندو. بلڪه اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته بجلي گهر لڳائيندڙ ڪمپنين کي پرڏيهه ۾ ڪوئلي جون کاڻيون خريدڻ ۽ مستقل طور اهو ڪوئلو استعمال ڪرڻ جي اجازت به ڏني ويندي. وڏو سوال اهو آهي ته سنڌ جي ڪوئلي خلاف وفاقي سطح تي کلي عام ٿيندڙ ان سازش خلاف سنڌ حڪومت اڃا تائين ڇو خاموش آهي؟ ڇا ان خاموشي جو اهم سبب اهو ته ناهي جو سنڌ حڪومت پاڻ به امپورٽيڊ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ هيٺ لڳائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته هن وقت تائين صوبائي اختيارين ڪو باقاعده تحرڪ ڇو نه ورتو آهي، ٻيو اهو ته جيڪڏهن اڄ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت ٿر جي ڪوئلي کي نظر انداز پئي ڪري ته اهو پڻ ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته پيپلز پارٽي جي تازو پنج سال مدو پورو ڪندڙ وفاقي حڪومت ٿر جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ پيپلز پارٽي اڄ ٿر جي بنيادي ڍانچي وارين رٿائن ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن لڳائڻ لاءِ جيڪي مطالبا موجوده وفاقي حڪومت کان پئي ڪري، اهي ڪم سندن پنهنجي وفاقي حڪومت ڇو نه ڪري سگهي؟ اڳوڻي حڪومت ٿر جي ڪوئلي لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ مکي فرش ڪئنال رٿا لاءِ 24 ارب رپيا ڇو نه فراهم ڪري سگهي؟ سنڌ اينگرو مائننگ ڪمپني کي فنانشل ڪلوزنگ جي گارنٽي ۽ بجلي جو اگهه ڇو نه ڏئي سگهي؟ اهو پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت پاڻ صوبي جي ڪوئلي جي ذخيرن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ گذريل 5 سالن دوران ٿر جي بنيادي ڍانچي جي اڏاوت تي 15 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ٿر جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي اڏاوت ڀلو ڪم آهي، پر اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته ڪراچي کان ٿر تائين اڏجندڙ روڊ جي لاڳت 4 ارب رپين مان وڌي 9 ارب رپيا ڪيئن ٿي وئي آهي ۽ ايل بي او ڊي سم نالي مان وايا نبي سر ٿر جي ڪوئلي وارين کاڻين لاءِ پاڻي پهچائڻ واري رٿا جي لاڳت به 5 ارب رپين واري بنيادي ڪاٿي مان وڌي 15 ارب رپيا ڪيئن ٿي وئي آهي؟ اينگرو ڪمپني جڏهن سم واري صاف ٿيندڙ ان پاڻي جي استعمال کي غير معياري قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته پوءِ به اها رٿا ڪيئن پئي اڏي وڃي؟ ان کانسواءِ اهو پڻ ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت جن پرڏيهي ڪمپنين کي ٿر جي ڪوئلي جو کاڻيون ليز تي ڏئي ڇڏيون آهن ۽ انهن ان ليز دستاويزن جي بنياد تي عالمي سطح تي وڏا ڪاروباري فائدا حاصل ڪرڻ جي باوجود ڪوئلي جي کاڻين کي استعمال هيٺ آڻڻ لاءِ جڏهن ڪا به سرگرمي ناهي ڏيکاري، ته پوءِ به انهن ڊفالٽر ڪمپنين خلاف ڪا ڪارروائي ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ آخري ڳالهه اها ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ٿر ڪول انرجي بورڊ جي گڏجاڻي ڪوٺائي ٿر جي ڪوئلي خلاف وفاقي سطح تي ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ جي ڪا حڪمت عملي ڇو نه جوڙي سگهي آهي ۽ ان بورڊ جي ميمبر وفاقي وزيرن کي گهرائي کانئن پڇاڻو ڇو نه پيو ڪيو وڃي ته هو ٿر جي ڪوئلي خلاف وفاقي سطح تي ٿيندڙ رٿابندي جو حصو ڪيئن بڻيل آهن؟ جيڪڏهن هو ان سازش جو حصو بڻيل آهن ته پوءِ سندن ميمبر شپ ڇو نٿي ختم ڪئي وڃي؟ akhtiarkhokhar@hotmail.co.uk

Kawish Sept 2, 2013

No comments:

Post a Comment