Wednesday, June 17, 2015

ٿر جي وسيلن کي ڪاروباري نظرن سان نه ڏسو!

ٿر جي وسيلن کي ڪاروباري نظرن سان نه ڏسو!
جمع 09 جنوري 2015ع
ٿر جي ڏڪاريل ڏيهه ۾ مٺي کي آر او پلانٽ ملي ويو. اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري افتتاح ڪيو. دعوى آهي ته اهو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو آر او پلانٽ آهي. هونئن به اسين هر معاملي ۾ پاڻ کي وڏو ڪرڻ لاءِ اهڙي وڏائي جو اصطلاح ججهو استعمال ڪندا رهيا آهيون. خير اهو ڀلي کڻي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو پلانٽ نه به هجي، مٺي، اسلام ڪوٽ سان گڏوگڏ وچ ۾ آباد 80 کن ڳوٺن کي مٺو پاڻي پهچائيندو. هونئن نئون ڪوٽ وٽان درياهه جو پاڻي مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تائين پهچايو ويندو هو، ان جي جاءِ تي هاڻي آر او وسيلي پاڻي ڏنو ويندو. اها به خوشخبري آئي آهي ته ٿر ۾ ست ارب روپين جي ماليت سان 750 آر او پلانٽ لڳايا ويندا. اهي سمورا پلانٽ لڳائڻ کان اڳ ۾ ڪو اسٽڊي يا سروي به ڪيو ويو؟ ضرورتن ۽ سهوليتن توڙي ايندڙ وقت کي ڪيترو نظر ۾ رکيو ويو؟ ان ڏس ۾ حڪومت توڙي پلانٽ لڳائيندڙ ڪمپني ٻنهي وٽان ڪابه ڄاڻ نه ڏني ويئي آهي. اهو ان ڪري به سوال اٿي رهيو آهي جو دريائي پاڻي جي سپِلاءِ جي مرمت ۽ ان جي توسيع جي لاءِ گذريل ٻن سالياني بجيٽن ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم رکي ويئي هئي. جيڪڏهن حڪومت وٽ آر او پلانٽ لڳائڻ جي رٿا موجود هئي ته دريائي پاڻي جي سپلاءِ ۽ انهن جي لائينن لاءِ ڇو رقم رکي ويئي؟
 
ٿر جي ماڻهن کي مٺو پاڻي ملڻ تي ڪير به ارهو ڪونهي. پر جنهن طريقي سان اهي پلانٽ لڳايا پيا وڃن، سي گهڻو وضاحت طلب آهن. ڪجهه عرصي لاءِ ڪمپني انهن پلانٽن جي هلائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لاءِ ذميوار هوندي. پر هڪ دفعو ڪمپني ان مان هٿ ڪڍيا ته پوءِ انهن پلانٽن کي جاري رکڻ لاءِ ڪير ذميروار هوندو؟ ڪيترن ڳوٺن ۾ اهي پلانٽ بااثر ماڻهن جي گهرن ۽ اوطاقتن تي به لڳايا ويا آهن. يا وري اهو ته هڪ ئي ڳوٺ ۾ مختلف پاڙن ۾ هنيا ويا آهن. پلانٽ لڳائڻ بدران اها رقم پاڻي گهرن تائين پهچائڻ لاءِ خرچ ڪري ماڻهن کي وڌيڪ سهولت ڏيئي ٿي سگهجي. موجوده رٿا هيٺ ماڻهو رڳو کوهه مان پاڻي ڪڍڻ جي محنت کان بچي سگهيا آهن. باقي پاڻي ڀري گهرن تائين وڃڻ واري محنت پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي. هي اها محنت آهي جيڪا عورت کي ڪرڻي آهي، ان ڪري وڏي تعداد ۾ اهي پلانٽ لڳائڻ بدران رٿابندي سان لڳايا وڃن ها ته انهن جي پائيداري، مستقبل ۾ جاري رهڻ ۽ وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جو سبب ٿين ها. ان صورت ۾ خرچ ۾ شايد اوترو ئي ٿئي ها. ائين نه ڪري حڪومت اڌ مبارڪ حاصل ڪرڻ کان رهجي وئي.

ٿر جي معاملن تي گهري نظر رکندڙن وٽان اهو به سوال ٿي رهيو آهي ته ٿر جي ماڻهن کارو پاڻي ايترين صدين کان پيتو پئي ۽ ڏکيو سکيو پاڻي حاصل ڪري رهيا هئا. پر ايڏي وڏي رقم جيڪڏهن ڏڪار جي مستقل حل لاءِ خرچ ڪئي وڃي ها ته ماڻهن جو گهڻو ڀلو ٿي پوي ها. کارو پاڻي يا بيماريون ماڻهن کي تڏهن تڪليف ڏين ٿيون جڏهن ڏڪار پوي ٿو. غذائي کوٽ ٿئي ٿي.
صدر آصف زرداري جي مٺي ۾ آمد جي موقعي سمجهيو پئي ويو ته هو ڏڪار جي مستقل حل لاءِ ڪجهه عملي اپاءُ وٺندو ۽ ڪجهه اعلان ڪندو. زرداري صاحب جي علم ۾ اها ڳالهه ضرور هوندي ته ٿر جو ڏڪار ۽ اتي ٻارڙن جي مرڻ وارو معاملو گهڻو حساسيت اختيار ڪري ويو آهي. ميڊيا جون رپورٽون ۽ تبصرا پنهنجي جاءِ تي خود پارٽي اندر به ڏڦيڙ جو ڪارڻ بڻيل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري طرفان نوٽيس وٺڻ، ٻن مخدومن خلاف وڏي وزير جي ڪارروائي، منظور وساڻ واري انڪوائري، ايم ڪيو ايم طرفان معاملو اٿارڻ انهن مان ڪي چند واقعا آهن. 

انهي حساسيت ۽ ڏڪار جي شدت جي پيش نظر ئي سنڌ حڪومت ٿر ڊولپمينٽ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ٽي مهينا اڳ پنهنجون ٻه سفارشون حڪومت سنڌ کي موڪلي ڇڏيون هيون. انهن سفارشن ۾ سنڌ بابت ڏڪار پاليسي ۽ ٿر ۾ ڏڪار جي مستقل حل لاءِ ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهڻ مکيه آهن. اهي ٻئي مسودا حتمي شڪل ۾ سنڌ حڪومت وٽ پيل آهن، جن کي رڳو اسيمبلي مان پاس ڪري قانوني شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي. خبر ناهي ته اهي ٻئي سفارشون پارٽي جي ڪنهن اندروني ڇڪتاڻ جو شڪار آهن يا ٻين ”لازمي“ خفن وچان اهي ٻئي سفارشون حڪومت جي ترجيح نه بڻجي رهيون آهن؟ جيڪا به صورت هجي ڀوڳڻو ٿر جي ماڻهو کي پوي پيو. جيڪڏهن اندروني ڇڪتاڻ يا گروهه بندي جو معاملو آهي ته زرداري صاحب کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. اهو به ڪري پيو سگهجي ته فوري طور تي سمورين سفارشن تي جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري عمل ممڪن ناهي ته ڪجهه شيون مثال طور ٿر يونيورسٽي، ميڊيڪل ڪاليج، پيرا ميڊيڪل اسڪول، انجنيئرنگ ڪاليج وغيره جي شروعات ڪري سگهجي ٿي. ان سان گڏوگڏ سنڌ زرعي يونيورسٽي کي زرعي جنسن ۽ چوپائي مال جي سار سنڀال لاءِ خاص پروگرام ٺاهڻ جون هدايتون ڏيئي سگهجن ٿيون.

 ڪن حلقن جي طرفان اها تنقيد ٿي رهي آهي ته آر او پلانٽ حڪومت جي نه، پر ڪمپني جي ترجيح آهي، ان جو ڌنڌو ۽ ڪاروبار آهي. ان تنقيد جي باوجود اها چڱي ڳالهه آهي جو حڪومت ان ۾ هٿ وڌو آهي ۽ پنهنجو ڪيو آهي. ڪمپني ڀلي پنهنجو ڌنڌو ڪري پر حڪومت کي ته پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجو ڪم نٿي ڪري ته پوءِ رڳو ڪمپني جو ڌنڌو ئي رهجي وڃي ٿو.

آر او پلانٽ ذريعي ٿر واسين کي مٺو پاڻي ڏيڻ اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته ٿر کي درياءَ مان پاڻي نٿو ڏئي سگهجي ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي“ يعني ٿر کي پنهنجي وسلين تي ئي ڀاڙڻو پوندو. اها چڱي ڳالهه آهي، پوءِ ٿر جي ڪوئلي کي به مڪمل طور تي ٿر جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اهو ٿر جو واحد وسيلو آهي، جنهن جي ذريعي هتي ترقي اچي سگهي ٿي. زرداري صاحب پنهنجي تقرير ۾ ٿر جون زمينون فارم لاءِ ڪمپني کي ڏيندي اتي زراعت کي ترقي ڏيارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٿر ۾ زير زمين پاڻي جي مقدار ۽ ان جي استعمال بابت مڪمل اڀياس جي ضرورت آهي، ان اڀياس جي نتيجي ۾ جيڪڏهن اهو پاڻي پوک لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو ته ٿر جي ماڻهن کي بي زمين ڪرڻ بدران مقامي ماڻهن کي ئي سهولتون ڏنيون وڃن، جو اهي پنهنجون ٻنيون کيڙين. اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي راجسٿان واري علائقي ۾ جڏهن پاڻي پهچايو ويو ته اتي ٻاهرين ماڻهن کي فارم لاءِ زمينون ڏيڻ بدران مقامي ماڻهن جي سگهه وڌائي ويئي ۽ کين سهولتون ڏنيون ويون ته اهي پوءِ پنهنجون زميون پاڻ کيڙين. جيڪڏهن حڪومت وٽ ڪا اهڙي تجويز آهي ته ان تي نظرثاني ڪري ماڻهن جي حق ۾ پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.

اصل ڳالهه اها آهي ته ٿر جي زميني، معدني ۽ قدرتي وسيلن کي ڪمپنين ۽ ڪاروبارين جي نظر سان نه، پر عوام جي نظر سان ۽ عوام جي لاءِ ڏسڻ جي ضرورت آهي. اهو ئي ڀٽي صاحب جو فلسفو آهي جنهن جو زرداري صاحب پنهنجي تقرير ۾ حوالو ڏنو هو، اها ئي پيپلز پارٽي جي پرک بيهندي ته اها ڪهڙي پاليسي تي ٿي بيهي.

No comments:

Post a Comment