Thursday, July 18, 2013
سنڌ ۾ ڀوتارڪي سياست جي ”گهڻ منهين بلا“ جو شڪار عوام عرفانه ملاح
لياري رڳو ڪڇين جي مسئلن تائين محدود ناهي ڊاڪٽر مير عالم مري
لياري جو تضاد: حقيقت ڇا آهي؟ غلام مصطفيٰ بلوچ
ذکر سنڌوءَ جي کاٻي پاسي واري ماسٽر پلان جو محمد ادريس راجپوت
لا قانو نيت جو لقاءُ ۽ لياري واسين جي لڏپلاڻ سهيل سانگي
سکر بئراج جي بحالي يا نئون بئراج؟ محمد ادريس راجپوت
محمد ادريس راجپوت
هڪ شاعر جي ڳالهه ٿا ڪن ته جوانيءَ ۾ هڪ ڇوڪري تي دل و جان سان عاشق هو پر ڇوڪري صفا موٽ نه ڏيندي هئي. ڇوڪريءَ جي ٻئي هنڌ شادي ٿي وئي ۽ شاعر کي تنهن کانپوءِ ٻيا عشق ملي ويا پر انهيءَ ڇوڪريءَ کي هميشه ساريندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڇوڪري مڙس سان گڏ ملڪ کان ٻاهر هلي وئي. 15، 20 سالن کانپوءِ ڇوڪري موٽي آئي ۽ شاعر هن ڇوڪريءَ کي ڀيڻ کان پتو معلوم ڪري ڏسڻ ويو. جڏهن در کڙڪايائين ته هڪ ٿلهي متاري مائيءَ در کوليو، جنهن جا مهانڊا ان ڇوڪريءَ سان مليا پئي. ان مائيءَ شاعر کي ٻڌايو ته هو ساڳي ڇوڪري آهي، شاعر ڏاڍو اُداس ٿيو ۽ عشق جا پراڻا نشا ٽٽي پيا، جذبات کان مغلوب ٿي هُن هيٺيون شعر چيو؛ دل فسرده تو هوا ديک ڪئ اُس ڪو ليڪن!
عمر ڀر ڪون جوان، ڪون حسين رهتا هئ؟
(پنهنجي جوانيءَ واري عشق کي ڪراڙو ڏسي دل ڏاڍي اُداس ٿي پر سدائين ڪير ٿو جوان ۽ سهڻو رهي سگهي.) مان هاڻ پڙهندڙن کي 13 جنوري 1932ع واري ڏينهن تي وٺي هلان ٿو، جڏهن هندستان جي گورنر جنرل ۽ وائسراءِ سکر بيراج جو افتتاح ڪيو هو. انهيءَ وقت انهيءَ جو نالو سکر بيراج نه پر لائيڊ بيراج هو. اهو نالو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اتفاق راءِ سان گورنر آف بمبئي سر جارج لائيڊ جي نالي تي تجويز ڪيو هو، جنهن جي ڪوشش سان هن بيراج جو ٺهڻ ممڪن ٿي سگهيو. افتتاح واري ڏينهن انهيءَ بيراج جو ڇا شان هو! درياهه کي 66 در ڏئي خوبصورت ڪمانين (Arches) جي ٻن قطارن سان انهيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ زبردست اضافو ڪيو ويو.
اها هڪ شاندار ۽ عجيب اڏاوت هئي، جنهن جي پاڻيءَ سنڌ جو جهر جهنگ آباد ڪيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت تي زبردست اثر وڌا. هينئر به هوائي جهاز ذريعي سکر ايندي هڪ اهم زميني نشان Landmark ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اڃا به ان جي Aesthetic (جمالياتي) خوبصورتي برقرار آهي. پر وقت سان هر ڪنهن شئي ۾ ڪمزوريون ۽ اوڻايون پيدا ٿين ٿيون. هن بيراج جي عمر به 81 سال ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ان ۾ وقت به وقت خاميون ۽ ڪمزوريون ٿينديون رهيون، جنهن جو علاج پئي ٿيندو رهيو. پر هاڻي ضرورت ٿي پئي آهي ته ان جي Overhauling ڪجي. انهيءَ لاءِ عالمي بئنڪ جي مالي مدد سان هڪ اڀياس ان جي بحالي ۽ جديديت بابت ڪرايو پيو وڃي، جنهن جو نالو Rehabilitation and Modernization of Sukkur Barrage رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪم لاءِ ٽي فرمون چونڊيون ويون آهن، هڪڙي پرڏيهي ۽ ٻه پاڪستاني. پرڏيهي فرم جو نالو Atkins آهي ۽ هڪڙي پاڪستاني فرم ACE آهي ۽ ٻي NDC آهي. هنن 18 مهينن جي عرصي ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڏسڻ لاءِ ته اهو ڪم صحيح ٿيو آهي ۽ انهن جي ڏسيل ڳالهين تي عمل ٿي سگهندو، سنڌ سرڪار هڪ ماهرن جي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن کي Panel of experts جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو چيئرمين مان آهيان ۽ ٻيا ميمبر آهن پنجاب آبپاشيءَ جو چيف انجنيئر محمود الحسن، سنڌ جو رٽائرڊ چيف انجنيئر نور محمد بلوچ، سکر بيراج جو چيف انجنيئر جُنيد ميمڻ، خيرپور سرڪل جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر ولي محمد نائچ ۽ آبپاشي جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر ظريف کيڙو. اهو پئنل انهيءَ ٿيل اڀياس کي ورجائي پيو ۽ جلد پنهنجي رپورٽ سرڪار کي پيش ڪئي ويندي.
مونکي انهيءَ عرصي ۾ پنجاب جي ڪن رٽائرڊ آبپاشي ڪامورن سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ سکر بيراج بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. انهيءَ مان هڪڙي ڪاموري، جيڪو اولهه پاڪستان ون يونٽ واري وقت سنڌ آبپاشي ۾ نوڪري ڪري ويو هو، پڇيو ته اوهان سکر بيراج کي بحال ڪرڻ بدران نئون بيراج ڇو نٿا ٺاهيو؟ هن ٻڌايو ته، ”پنجاب حڪومت تونسا بيراج جي هيٺان نئون weir ٺاهيو آهي، جناح بيراج تي ساڳئي نموني ۾ نئون weir ٺاهين پيا، ۽ خانڪي weir هيٺان نئون بيراج ٺاهين پيا. سکر بيراج پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪو آهي، جو ان کي ٺهي 81 سال گذري ويا آهن ۽ ڪنهن به وقت اهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌ جي زراعت متاثر ٿي سگهي ٿي. 1982ع ۾ سکر بيراج جو هڪ گيٽ ٽٽي ويو هو، جنهن بدران بند ٿيل 10 گيٽن مان هڪڙو گيٽ ڪڍي انهيءَ کي فٽ ڪيو ويو ۽ زراعت نقصان کان بچي وئي. سال 2004ع ۾ سکر بيراج جي ساڄي پاڪٽ ۾ کڏو پئجي ويو، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن FWO وارن کي نه گهرايو وڃي ها ته الائي ڇا ٿئي ها!“ مون هن کي ٻڌايو ته، ”عالمي بئنڪ جي مالي مدد سان اسان ان جو اڀياس ڪرايو آهي ته ان کي ڪيئن بحال ڪجي ۽ جديد ٺاهجي، جنهن تي اٽڪل 34 ارب رپيا خرچ ايندو. هن ٻڌايو ته، پنجاب وارا خانڪي ويئر بدران اتي نئون بيراج ٿا ٺاهين، جنهن تي 23 ارب رپيا خرچ ايندو. اهو بيراج 11 لک ڪيوسڪ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي، انهيءَ تناسب سان بيراج جيڪڏهن 15 لک ڪيوسڪ لاءِ ٺاهيو وڃي ته 31 ارب رپيا خرچ اچڻ کپي پر جيڪڏهن اڃا به ڪي شيون وڌيڪ ڪرڻيون پون ته 31 ارب رپين بدران 40 يا 50 ارب رپيا خرچ اچي سگهي ٿو. ڀلا 34 ارب رپين ۾ بحالي بهتر آهي يا 40 يا 50 ارب رپين ۾ نئون بيراج؟ مون کانئس پڇيو ته اهو ڀلا ڪٿي ٺاهجي؟ چيائين ته، بيراج کان هيٺ يا سکر گارج کان مٿي. هيٺ ٺاهڻ سان واهن کي اها ليول ته ملندي، جيڪا هتي ملي ٿي، تنهن ڪري اهو سکر گارج کان مٿي ٺهڻ کپي. هن چيو ته توهان جا هينئر ٻه وڏا مسئلا آهن، هڪڙو اخراج وڌائڻ ۽ ٻيو ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ نه وڃڻ کپي. انگريزن ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ وڃڻ کي روڪڻ لاءِ ڏهه در بند ڪيا ۽ مٿين ڀر ٻيٽ ٺاهيو ويو (ڏسو نقشو) اوهان جون ٻئي گهرجون متضاد آهن. جيڪڏهن توهان ڏهه بند ٿيل در کوليندا ته ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکي ٿي پوندي ۽ جيڪڏهن بند ٿيل 10 در نه کوليندا ته ڊسچارج وڌائي 15 لک ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهندو. ٽيون مسئلو آهي سکر شهر جي حوالي سان.
بيراج مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ سان بيراج جي مٿين ليول وڌندي. هن ڀيري به پل وٽ اها ليول 207 فوٽ ٿي هئي، جڏهن ڊسچارج اٽڪل ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ هو. وڏي جاکوڙ کان پوءِ سکر شهر کي ٻڏڻ کان بچايو ويو. ٻوڏ کانپوءِ بندر وال 2 فوٽ مٿي ڪئي وئي. وڌيڪ ڊسچارج اچڻ تي بندر وال کي اڃا به مٿي ڪرڻو پوندو. توهان بندر وال کي ڪيترو مٿي ڪندا؟ جيڪڏهن نئون بئراج ٺهي وڃي ٿو ته، توهان 10 بند دروازا کولي ٻيٽ ڊاهي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان هڪ ته 15 لک ڪيوسڪ ڊسچارج سولائيءَ سان گذري ويندو ۽ سکر شهر ٻڏڻ جي خطري کان بچي ويندو. سکر شهر ڏينهون ڏينهن وڌي پيو، ايتري حد تائين جو بندر وال اندر به حد دخليون ٿي ويون هيون. نئين بيراج ٺهڻ ڪري واهن ۾ پاڻي بند ٿي ويندو ۽ اها ايراضي شهر کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي.“ اهي سڀ دليل ٻڌڻ کانپوءِ مون کيس چيو ته، ان سان سکر بيراج جي تاريخي حيثيت ختم ٿي ويندي ۽ اسان سنڌ وارن کي جيڪا بيراج سان اُنس ۽ الفت آهي، اها ختم ٿي ويندي، جنهن تي دل نٿي چاهي. منهنجي ڳالهه ٻڌي هن چيو ته، سکر بيراج کان وڌيڪ تاريخي اهميت ته لينسڊائون پل جي هئي ۽ اوهانجي Folklore (لوڪ ڪٿا) ۾ عاشق سکر واري پل تي ملندا هئا، پوءِ توهان نئين ايوب پل ڇو ٺاهي؟ هينئر لينسڊائون پُل به موجود آهي، ته ساڳئي نموني سکر بيراج به تاريخي يادگار طور موجود رهندي.
ان همراهه جا دليل ته تمام زوردار آهن پر دل اها ڳالهه نٿي مڃي. سکر بيراج برابر پراڻو ٿي ويو آهي پر پوءِ به اهو اڃا مرمت لائق آهي ۽ مرمت ڪرڻ سان ان جي حياتي اڃا 50 سال وڌي سگهي ٿي، تنهن ڪري انهيءَ تي ٿيل اڀياس کي ورجائي ڪم ڪرڻ کپي پر ڊگهي عرصي واري منصوبابنديءَ طور نئين بيراج لاءِ به اڀياس ڪرائڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. اسانکي انهيءَ کي پراڻو ٿيندي ڏسندي ڏک ته ٿئي ٿو پر شاعر مطابق:
دل فسرده تو هوا ديک ڪئ اُس ڪو ليڪن! عمر ڀر ڪون جوان، ڪون حسين رهتا هئ؟
idrisrajput@hotmail.com
ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل ڪرڻ جون تياريون: سهيل سانگي
سهيل سانگي
اڃا 18 هين ترميم تي مڪمل عمل ٿيو ئي ڪونهي، ان کان اڳ اسلام آباد ۽ لاهور جا حلقا اهي ڪوششون وٺي رهيا آهن ته ان ترميم تحت کاتن ۽ وسيلن جي صوبن کي منتقلي ڪنهن طرح سان روڪي وڃي ۽ خود ستين مالياتي ايوارڊ کي به ڪنهن طريقي سان تبديل ڪيو وڃي. ان جو ڪارڻ هڪ دفعو وري سمورن وفاقي ادارن ۾ پنجاب جي هڪ هٽيءَ جي حد تائين بالادستي آهي يا وري اهو ته وفاق جي پراڻي سوچ موٽي آئي آهي؟ يا ڪو ٽيون ڪارڻ آهي؟ ڪجهه به هجي، پر هي ڪو سٺو سنئوڻ ڪونهي.
اختيارين ۽ وسيلن جي صوبن کي منتقلي رڳو پاڪستان جو مظهر ڪونهي، بلڪه انڊيا ۾ به مرحليوار ائين ئي ڪيو ويو آهي، جتي اڳ ئي صوبن کي وڌيڪ اختيار حاصل هئا. ان ڪري اختيارين ۽ وسيلن جي مرڪز کان صوبن ڏانهن منتقلي ڪو سياسي مظهر ڪونهي، جيئن پاڪستان ۾ ڪي حلقا ان کي سياسي قرار ڏيئي رهيا آهن، بلڪه اها بدليل حالتن ۾ وقت جي ضرورت آهي. ٿيو ائين آهي، جو اسلام آباد ۽ لاهور جا ”ٿينڪ ٽينڪ“ اخباري ڪالمن توڙي سرڪاري حلقن ۾ اها مهم هلائي رهيا آهن ته ارڙهين ترميم تحت صوبن کي بنهه گهڻا اختيار ۽ وسيلا ڏنا ويا آهن، ان تي جيڪڏهن مڪمل طور تي عمل ٿيو ته باقي وفاق وٽ نه اختيار بچندا ۽ نه ئي وسيلا. انهن حلقن جو اهو دليل آهي ته وفاقي اختيارن واري لسٽ، جيڪا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي دائري ۾ ڏني ويئي آهي، ان سان ڄڻ هن اداري جي الڳ بادشاهت ٺاهي ويئي آهي. نتيجي ۾ هن اداري ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ دنگل ٿيندو رهندو. ائين انهن حلقن کي ارڙهين ترميم ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو ڪردار ڪنڊي جيان چُڀي رهيو آهي. هو جيڪڏهن ارڙهين ترميم کي تبديل نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ هن ڪائونسل جي ڪردار کي تبديل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. ائين ڪرڻ ۾ هنن کي ڏکيائي ان ڪري آهي، جو اهي ٻئي شيون آئين جو حصو آهن، اتان ڪا تبديلي آڻڻ ايڏو سولو ڪم ڪونهي. وٽن هڪڙو ئي رستو بچيو آهي ته اهي پروسيجرل نموني سان ڪجهه شيون ڪن ۽ ڪجهه شيون روڪين. ان ڪري موجوده حالتن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ اتي نمائندن جي راءِ، صلاحيت ۽ اهليت جي اهميت گهڻو وڌي ويئي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي هاڻي ان ڪري به اهميت آهي، جو عملي طرح ان جي فيصلي يا منظوريءَ بنا پاڪستان آءِ ايم ايف کان رٿيل قرض به حاصل نٿو ڪري سگهي.
نواز شريف حڪومت عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪيو آهي ۽ هو پاڪستان کي 5.3 ارب ڊالر قرض ڏيندو، جنهن سان مالي گهوٽالي ۽ ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ضمانت ٿي ويندي. اها دلچسپ ڳالهه آهي ته آءِ ايم ايف جو نئون قرض در اصل پراڻي قرض لاهڻ لاءِ آهي، يعني قرض وٺي قرض لاهڻ جو قصو آهي. اهو ٺاهه سيپٽمبر ۾ عالمي اداري جي بورڊ ۾ منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو، پر ان کان اڳ پاڪستان کي ڪجهه شرط پورا ڪرڻا آهن ۽ اهي شرط گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي دائرهء اختيار ۾ آهن. آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته ستين مالياتي ايوارڊ بعد وفاق وٽ مالي اختيار يا مالي معاملن تي ڪنٽرول ۽ مالي وسيلا ئي ناهن، جو عالمي ادارو ان سان نئين قرض جو ٺاهه ڪري. ان ڪري هو چاهي ٿو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل اهڙو واعدو ڪري ۽ وفاقي حڪومت جي ٺاهه جي ڄڻ تصديق ڪري. آءِ ايم ايف جي نئين قرض جي شرطن ۾ مالي ضابطو، Discipline توانائيءَ واري شعبي کي سڌارڻ، هر صوبي کي پنهنجا مالي وسيلا پيدا ڪرڻ، اجايا خرچ ۽ گهٽ ترجيح وارا منصوبا گهٽائڻ/ختم ڪرڻ ۽ اختيارين ۽ وسيلن کي ڊي سينٽرلائيز ڪرڻ لاءِ مضبوط فريم ورڪ جوڙڻ شامل آهي. اها راءِ ڏني پئي وڃي ته ستين مالياتي ايوارڊ ۾ وڏي خامي اها آهي جو اهو وڏي سطح جو معاشي استحڪام آڻي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو مرڪز وٽ ڪجهه آهي ئي ڪونه، جيڪو مالي استحڪام آڻي. وري آءِ ايم ايف جو پروگرام تيستائين ڪامياب نه ٿيندو، جيستائين اهڙو مالي استحڪام پيدا نه ٿيندو ۽ مالياتي ضابطو ۽ ڪنٽرول ٺيڪ نه ٿيندو.
عجيب ڳالهه آهي جو ڪڏهن عالمي ادارا چون ٿا ته اختيارن ۽ وسيلن جي مرڪزيت ختم ڪري صفا هيٺين سطح تائين انهن جي منتقلي ڪريو. ان لاءِ وڏا دليل ڏنا وڃن ٿا، خواب ڏيکاريا وڃن ٿا، واسطيدار ادارن جون ٽريننگون ڪرائي انهن جو ذهن تبديل ڪيو وڃي ٿو. پر هاڻي وري چيو وڃي ٿو ته ستين ايوارڊ ۾ وسيلن جي منتقلي تمام تڪڙي ۽ تمام گهڻي Too much and too fast)) ڪئي ويئي آهي، هاڻي آءِ ايم ايف ان جي ٻيهر مرڪزيت گهري ٿو. ان جي پويان آئيڊيا اهو ڏيکاريو پيو وڃي ته مجموعي طور تي مالي خساري کي گهٽائي مالي ضابطو پيدا ڪجي، ان لاءِ صوبن کي به فيصلي ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي، جو وٽن وسيلا جهجها آهن. جي ائين نٿو ڪيو وڃي ته مرڪز اڪيلي سر مالي ٽارگيٽ حاصل ئي نه ڪري سگهندو. آئيڊيا اهو آهي ته صوبا به سڌيءَ طرح قرض ڀرڻ لاءِ جوابدار رهن. اهو دليل به ڏنو پيو وڃي ته موجوده مالياتي ايوارڊ هوندي ملڪ ۾ مالي ضابطو يا ڊسيپيلن قائم نه ٿي سگهندو ۽ اهو جيڪڏهن نه هوندو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام به ڪامياب نه ويندو. انڪري چيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف اهڙو شرط رکيو آهي.
2010ع کان لاڳو اين ايف سي ايوارڊ بعد وڏي سطح جو معاشي استحڪام صوبن جي ذميواري بڻجي ويئي آهي. جيئن ته وسيلا انهن جي بِلي آهن، انڪري صوبائي حڪومتن جي مدد ۽ ڀرپور حمايت بنا وفاقي خزاني وارو وزير وصولين جو ٽارگيٽ حاصل نٿو ڪري سگهي. انڪري آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوريءَ کان اڳ هن پروگرام يا ٺاهه جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (ٻين لفظن ۾ اهو ته صوبن وٽان) منظوري ضروري آهي. ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت 2010ع ۾ صوبن کي 56 سيڪڙو، 2011-12ع ۾ 57.5 سيڪڙو صوبن کي ورهاست جوڳي پول مان مليو. وفاق جو اهو دليل آهي ته ان کي پهرئين سال (2010ع) ۾ 44 سيڪڙو ۽ ٻئي سال 42.5 سيڪڙو مالي وسيلا مليا. جيڪڏهن وصولين جي چارجز جي مد ۾ آيل خرچ، جيڪو 2 کان 5 سيڪڙي تائين آهي، ڪاٽيو وڃي ته وفاق جو حصو هيڪاري گهٽجي وڃي ٿو.
صوبن تي اهو به الزام هنيو پيو وڃي ته جيترا وسيلا انهن کي ڏنا ويا آهن، ايترن وسيلن کي سنڀالڻ ۽ خرچ ڪرڻ جي وٽن نه اهليت آهي ۽ نه ئي صلاحيت. ان سان گڏوگڏ صوبن وٽ مالي ضابطي جي پڻ کوٽ آهي، انهيءَ ڪري وسيلن جي زيان ٿيڻ جو امڪان آهي. اهليت يا صلاحيت يا وري مالي ڊسيپلين واري ڳالهه صحيح به ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن سنڌ جو ڪيس سامهون رکجي ته صوبائي بيورو ڪريسي ۾ حڪومت اهڙا سفارشي ۽ مٽين مائٽين وارا ماڻهو فيصلي سازي ۽ عمل ڪرڻ وارين پوسٽن تي ويهاريا، جن ۾ ڪا به پروفيشنلزم، تجربو، اهليت ۽ صلاحيت ناهي. وڏي ڳالهه اها ته منجهن اهي چارئي شيون، سکڻ يا حاصل ڪرڻ جو جذبو به ناهي. ان جي بدران اهي رڳو مال ميڙڻ لاءِ آيا آهن. صوبائي حڪومت بي وزن سياسي مصلحتن سبب انهيءَ جو شڪار ٿي سڄي صوبي ۽ عوام کي مصيبت ۾ وجهي رهي آهي. آئوٽ آف ٽرن ترقيون، نان ڪيڊر آفيسرن کي ڪيڊر ۾ ضم ڪرڻ ۽ سنڌ سول سرونٽس قانون ۾تبديلي انهيءَ ڳالهه جي چغلي هڻن ٿيون. گذريل ٽن سالن دوران سنڌ حڪومت وسيلن هوندي سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ رکيل رقم جو اڌ به خرچ ڪري نه سگهي. جيڪڏهن ڏسجي ته حڪومت جو ”سنگت پروگرام“ ۽ ميرٽ کي لتاڙڻ وارا قدم هاڻي صوبائي خودمختياريءَ ۽ صوبن کي وسيلن جي منتقليءَ واري عمل کي ڌڪ هڻي رهيا آهن.
معيشت جي ڪن ماهرن جو اهو به خيال آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت جهجها وسيلا ملڻ بعد صوبن پنهنجا وسيلا پيدا ڪرڻ يا مالياتي ڪنٽرول ڪرڻ جي خواهش توڙي مجبوريءَ کي گهٽائي ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ صوبا پنهنجا وسيلا پيدا نٿا ڪن، اهي وفاق مان ايندڙ پنهنجي حصي جي آسري ۽ انتظار ۾ ويٺا هوندا آهن. رٿابنديءَ جي وفاقي ماهرن جو خيال آهي ته اين ايف سي ايوارڊ اهڙي مالي بي ضابطگي ۽ وڏي سطح جي معاشي عدم استحڪام کي جنم ڏنو آهي، جنهن کي سنڀالڻ هاڻي وس جي ڳالهه ناهي. ممڪن آهي ته ائين هجي، پر اهو هڪ عبوري دور آهي. ان کان علاوه اهو مجموعي طور تي گورننس جي سوال سان ڳنڍيل آهي. جيئن ته مجموعي طور تي گورننس جي بنهه خراب حالت آهي، ان ڪري مالياتي شعبو به ان جي لپيٽ ۾ آهي. تنهن ڪري هرو ڀرو اهو قرار ڏيڻ غلط ٿيندو ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ مالي ضابطو يا وري معاشي استحڪام ڪو هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن.
لڳي ٿو ته آءِ ايم ايف جي ”ضمانتي قرض“ جو بهانو بنائي ارڙهين ترميم کي مُڏو ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ هڪ دفعو وري مرڪز کي اڻ سڌي ۽ غير محسوس طريقي سان مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. انهيءَ دليل ۾ ڪو وزن ڪونهي ته صوبن جي اها صلاحيت ۽ اهليت ناهي، جو اهي ايترا وسيلا سنڀالي ۽ فضليت سان خرچ ڪري سگهن. ڳالهه اها آهي جڏهن کين وسيلا ملندا، تڏهن ئي هو پنهنجي گنجائش ۽ صلاحيت پيدا ڪندا، ان سڄي ڪم ۾ ڪجهه وقت به لڳندو. هن صورتحال جي آڏ وٺي صوبن کان وسيلا توڙي اختيار کسڻ نه گهرجن.
sohailsangi@yahoo.com
ڊيلٽا کي ڪيترو پاڻي گه محمد علي
محمد علي شاهه
گذريل ڪيترن ئي سالن کان حڪومت، آبپاشي ماهرن، ماحولياتي ماهرن ۽ سول سوسائٽي ۾ اهو بحث هلندڙ آهي ته انڊس ڊيلٽا کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ سنڌو درياءَ جي ڪيتري پاڻي جي گهرج آهي. ماحو ليات تي ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم آئي يو سي اين جو چوڻ آهي ته تمر ۽ سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گهرج آهي ۽ مهاڻن تي ڪم ڪندڙ تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم هميشه مطالبو ڪندي رهي آهي ته ڊيلٽا ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي حياتين کي بچائڻ لاءِ ساليانو 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي ضرورت آهي، جڏهن ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويندو پر ان تي به اڄ ڏينهن تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ ۽ ان کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪيتري پاڻيءَ جي گهرج آهي، اهو طئي ڪرڻ کان پهرين اچو ته جائزو وٺون ته ڊيلٽا ڪيئن ٺهندا آهن ۽ انهن کي زنده رکڻ جو عمل ڪيئن هوندو آهي. دريائي ڊيلٽا دراصل درياءَ جو هيٺانهون ميداني علائقو ۽ زميني سطح جي قدرتي ساخت آهي، جيڪا درياءَ جي پوڇڙ ۾ هوندي آهي، جتي دريا سمنڊ يا ٻئي پاڻيءَ جي ذخيري ۾ ڇوڙ ڪندو آهي.
ڊيلٽا دراصل دريائي وهڪري ۽ سامونڊي سرشتي جي باهمي عمل جو نتيجو آهي. ان کان علاوه ڊيلٽا هر ان جڳهه تي وجود ۾ ايندا آهن، جتي دريائي وهڪرو کليل تانگهي پاڻيءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. درياءَ جي هيٺين حصي يا درياءَ جي پڇاڙ کي ڊيلٽا چئبو آهي. درياءَ جي پڇاڙ واري علائقي ۾ درياءَ جو وهڪرو آهستي هوندو آهي ۽ ڦهلجي شاهوڪار خشڪ سلٽ وارو علائقو ٺاهي ٿو. ان کان علاوه آب گاهن جي حياتي رنگا رنگي ٺاهي ٿو. ڊيلٽا انسانن جي سرگرمين، مڇي ۽ ٻين جهنگلي جيوت لاءِ تمام گھڻو ضروري هوندو آهي، ڇو ته ڊيلٽا زرخيز سئائل (زمين) ۽ وڏي پئماني تي وڻڪار ۽ نباتاتي جيوت جو قدرتي آماجگاهه آهي. دريائي ڊيلٽا جي زرخيز سئائل (زمين) انسانن لاءِ هزارين سالن کان تمام گهڻو اهم رهي آهي. گهڻو ڪري قديمي تهذيبن جو جنم انهن ڊيلٽائن ۾ ٿيو آهي، جيئن نيل دريا، سنڌو دريا، دجلا ۽ فرات، جنهن سان ماڻهو گڏ رهندا هئا ۽ سکندا هئا ته ڪيئن ڊيلٽا جي سيلابي ڦيري (سائيڪل) سان گڏ حياتي گذارجي. هن ڌرتيءَ تي ڊيلٽا تمام گهڻا اهم ۽ حياتياتي رنگا رنگي سان ڀرپور آهن. جيئن ته اهو ضروري آهي ته اهي صحت مند رهن ته جيئن نباتات، جانورن، ڪيڙن ۽ مڇيءَ کي مضبوط فطرتي آماجگاهه مهيا ڪن، جيڪي انهن ۾ جيئرا رهي سگهن. جهڙي طريقي سان هر ساهه واري جنس جو جسماني ڍانچو (ايناٽامي) هوندو آهي، ساڳئي طريقي سان دريائي ڊيلٽائن جي به ايناٽامي هوندي آهي، جيئن ڪوبه انسان جيڪڏهن جسماني ڍانچي جي ڪنهن عضوي کان محروم ٿي وڃي ته پاڻ ان کي معذور چونداسين ۽ بلڪل اهڙي طريقي سان جڏهن دريائن ۽ ڊيلٽائن جي ايناٽاميءَ مان ڪو به عضوو متاثر ٿيندو ته هي پڻ معذور ٿي ويندا آهن. اچو ته پهرين پاڻ درياءَ جي ايناٽامي کي ڏسون.
حقيقت ۾ درياءَ منڍ (سرو) کان پڇاڙ يعني ڊيلٽا تائين پورو هڪ جسم آهي، جنهن جا مختلف عضوا آهن. جيڪڏهن درياءَ ڪنهن هڪ به عضوي کان محروم ٿيندو ته ان درياءَ کي معذور چيو ويندو. درياءَ جي ايناٽامي جا عضوا، جنهن ۾ ٽريبيوٽري، اپ اينڊ ڊائون، درياءَ جو کاٻو ۽ ساڄو پاسو، درياءَ جو سرو، چينل، دريائي ڪنارو، دريائي سيلابي ميدان، درياءَ جو منهن يا ڊيلٽا، آب گاه ۽ درياءَ جو وهڪرو ٿيندا آهن. فطرت جي اصول مطابق ذڪر ڪيل درياءَ جي عضون مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ عضوي کان درياءَ کي محروم ڪري ڇڏجي ته اهو دريا معذور ٿي ويندو. ڊيلٽائن جي ٺهڻ بعد انهن جا ٽي حصا هوندا آهن. اهي ڊيلٽائي حصا، جنهن ۾ پهريون ڊيلٽا جي زمين جو مٿيون حصو، ٻيو ڍيلٽا جو هيٺيون حصو ۽ ٽيون ڊيلٽا جو پاڻيءَ وارو حصو. ڊيلٽا جو مٿيون پلين اهڙو علائقو آهي، جيڪو زمين جي گھڻو ويجهو هوندو آهي ۽ اهو جنهن ۾ پاڻي گهٽ ۽ زمين جي سطح وڌيڪ هوندي آهي. ڊيلٽا جو آبي حصو اهڙو حصو آهي، جيڪو سمنڊ يا پاڻيءَ جي ٻئي ذخيري کي گهڻو ويجهو هوندو آهي، جنهن ۾ دريا وهندو آهي. ڊيلٽا جو هيٺيون پلين حصو ، جنهن کي ڊيلٽا جو وچيون حصو چئبو آهي، جتي ڊيلٽا جي مٿئين حصي ۽ آبي حصي جي درميان هڪ حالت کان ٻي حالت ۾ تبديل ٿيڻ جو زون آهي.
ڊيلٽائن جي ٺهڻ جو عمل تمام گھڻو آهستي هوندو آهي. جڏهن دريا مٿي پهاڙن ۾ منڍ کان پوڇڙ تائين وهندو آهي ته پاڻ سان گڏ آلي مٽيءَ جا ذرا، سِلٽ، ريتي، ڪڪري ۽ رائو درياءَ جي منهن ۾ جمع ڪندو آهي، ڇو ته درياءَ جو آهستي وارو وهڪرو پاڻيءَ جي وڏي ذخيري سان ملندو آهي. وقت بوقت اها سِلٽ درياءَ جي پڇاڙ يا منهن ۾ جمع ٿيندي ٿيندي سمنڊ ۾ اڳتي وڌندي آهي ۽ ايستائين وڌندي، جيستائين پاڻي وڌ کان وڌ تانگھو نٿو ٿئي. دريا وڏي مقدار ۾ سلٽ يا مٽي اڇليندو زميني سطح جي قدرتي ساخت ٺاهيندو علائقي جي سطح کي وڌائندو اڳتي وڌندو آهي. ان کان علاوه درياءَ جو وهڪرو سگهاري سِلٽ جي ذريعي زمين کي ڪٽي اڳتي نڪري مختلف شاخون ٺاهيندو آهي. انهن شاخن کي درياءَ جون شاخون يا ڍسٽريبيوٽريز چيو ويندو آهي. هتي اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته فطرتي اصول مطابق ڊيلٽائن کي درياءَ ٺاهيندا آهن ۽ انهن جي ٺهڻ جي عمل ۾ لکين سال لڳندا آهن. جيئن آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڊيلٽا درياءَ ۽ سامونڊي ويرن جي باهمي عمل جي ذريعي ٺهندا آهن پر ان باهمي عمل ۾ ضروري آهي ته جڏهن دريا پاڻ سان گڏ آڻيندڙ سلٽ جي مقدار، رفتار ۽ طاقت دريا جي پڇاڙ ۾ سامونڊي لهرن کان تمام گهڻي هوندي، تڏهن ئي دريا سمنڊ کي پوئتي ڌڪي زميني سطحي جي قدرتي ساخت ٺاهي ڊيلٽا ٺاهيندو، نه ته ٻي صورت ۾ سامونڊي لهرون دريا کي پنهنجي اندر جذب ڪري ڇڏينديون ۽ ڊيلٽا ٺهڻ جو عمل نه ٿي سگهندو.
سڄي دنيا ۾ دريائن تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي دريائن جا رخ موڙيا ويا آهن. دريا ۽ ان جي سِلٽ ۽ مٽيءَ کي ڊيمن جي پويان قيد ڪيو ويو آهي، دريائن جي ايناٽامي کي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي دنيا جا خوبصورت ۽ شاهوڪار ڊيلٽا هن ڌرتيءَ تان ختم ٿي چڪا آهن. سائنسدانن جي رپورٽ مطابق، سڄي دنيا جا ڊيلٽا هاڻ غرق ۽ تباهه پيا ٿين ۽ ٻوڏ جا خطرا وڌن پيا، جنهن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿيندا. دنيا جا گهڻو ڪري وڏا دريائي ڊيلٽا ختم پيا ٿين. تمام گهڻي ٻوڏ جي ڪري علائقن جي غير محفوظ هجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. دريائي نظام ۾ انساني هٿ چراند جي ڪري دنيا جي 44 وڏن ڊيلٽائن مان 24 ڊيلٽا ختم ٿي چڪا آهن. ڊيلٽائن جو غرق ٿيڻ ۽ سامونڊي سطحي جي وڌڻ جي ڪري طوفانن ۽ ٻوڏن جا خطرا تمام گهڻا وڌي ويا آهن، جنهن جي ڪري انهن جا نقصان به تمام گهڻا ٿي سگهن ٿا. موسمياتي تبديليءَ جي ڪري گليشيئر ڳرن پيا ۽ سامونڊي سطح وڌي پئي. جنهن جي ڪري ٻوڏ کان غير محفوظ علائقو پوري دنيا ۾ 50 سيڪڙو وڌي ويندو. ڊيلٽائن تي تفصيل سان بحث ڪرڻ کان پوءِ آئون اوهان کي ٻدائڻ ٿو چاهيان ته انڊس ڊيلٽا جي ٺهڻ ۽ ان کي انساني هٿ چراند سان ڪهڙي طريقي تباهه ڪيو ويو آهي، اچو ته ان جو جائزو وٺون. سنڌو ڊيلٽا سنڌو درياءَ جي ايناٽامي جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن کي سنڌو دريا پنهنجي شاهوڪار ۽ زرخيز سِلٽ ۽ مٽيءَ سان تخليق ڪيو آهي. سنڌو دريا هر سال 180 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ سان گڏ 400 ملين ٽن زرخيز سلٽ ۽ مٽي آڻي درياءَ جي پڇاڙ ۾ سمنڊ ۾ اڇلي سمنڊ کي ڪيٽي بندر کان 100 ميل پري ڌڪي ڇڏيو. سنڌوءَ جو پڇاڙ وارو ڊيلٽائي علائقو 17 کارين تي ٻڌل هٿ واري وڃڻيءَ جي شڪل جهڙو سنڌ جو هڪ وسيع علائقو آهي، جنهن جي پکيڙ ڪراچيءَ کان رڻ ڪڇ تائين 52800 چورس ڪلوميٽر آهي. دنيا جو اهو ستون وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا آهي، جنهن کي ٺهڻ ۾ لکين سال لڳا. هن وقت سنڌوءَ مان نڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ چار مکيه کاريون آهن: ڦاٽ، کوبر، روهڙو ۽ مُٽِڻِي. اهي اڳتي هلي ڇوڙ ڪندڙ ننڍين کارين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، جهڙوڪ: ترڇاڻ، راڄواري، واٺو، کڻندُ، لياري، مَلُ، شڪرانو، ڪڏو، ٽڪو، اوچتو، ميرواهه، پکيارو، سنهڙي ۽ اڌ يارِي. درياءَ جو مٺو پاڻي، سمنڊ جي پاڻيءَ کي پوئتي ڌِڪي ٿو، سمنڊ کي ڌرتيءَ ڏانهن وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ تِمر جا ٻيلا اُپائي ٿو، جيڪي سامونڊي پٽيءَ جي ميداني علائقي جِي لوڙهي وانگي حفاظت ڪن ٿا. درياءَ جي پڇڙيءَ تائين مٺو پاڻي نه پهچڻ ڪري سمنڊ ساحلي پٽيءَ وارن ميداني علائقن تي چڙهي رهيو آهي، جنهن ڪري تِمر جي ٻيلن واري ايراضي گهٽجي رهي آهي. ان سان سامونڊي ڀيڙن (پائيندڙ) ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ ڪناري جا وڌ کان وڌ علائقا کارا ٿي رهيا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ضلعي ٺٽي ۽ بدين جا وسيع زرخيز علائقا سامونڊي پاڻيءَ هيٺ اچي کارا ٿي ويا آهن.
سنڌو درياءَ جي پڇاڙ ۾ انڊس ڊيلٽا واري علائقي جو ماحولياتي نظام 1947ع کان گهڻو اڳ ان وقت تباهه ٿيڻ شروع ٿيو هو، جڏهن کان سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ وارن وڏن منصوبن جي رٿابندي شروع ڪئي وئي هئي. 1890ع وارن سالن دوران برطانوي دور ۾ پنجاب جو آبپاشي نظام جڙڻ لڳو هو، جنهن کانپوءِ 1932ع ۾ سکر بيراج تعمير ڪيو ويو. 1955ع ۾ ڪوٽڙي بيراج اڏيو ويو ۽ 1962ع ۾ گڊو بيراج تعمير ڪيو ويو، ان کانپوءِ سنڌو دريائي سرشتي تي ٻه وڏا ڊيم منگلا (1967ع) ۽ تربيلا (1974ع) ۾ تعمير ڪيا ويا. اڄ پوري پاڪستان ۾ سنڌو دريائي سرشتي تي 19 بيراج، 43 ڪينال ۽ 48 ٻيا پاڻي کڻندڙ ذريعا موجود آهن، ان جي نتيجي ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام جوڙيو ويو، جنهن جا 105000 واهه 61000 ڪلوميٽر ڊگها آهن، جن تي 35 ملين (ساڍا ٽي ڪروڙ) ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. سنڌوءَ جي دريائي نظام مان پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ٽي وڏا ذخيرا جوڙيا ويا، هڪ جهلم ندي تي منگلا، ٻيو سنڌوءَ تي تربيلا ۽ ٽيون چشما. پاڻيءَ جي انهن ذخيرن ۾ 20 ايم اي ايف پاڻي رڪجي ويو، ان کان علاوه 12 لنڪ ڪينال تعمير ڪيا ويا، جن الهندي وارين ندين مان اڀرندي وارين (سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارين) پنجاب جي ندين ڏانهن پاڻي موڙي ڇڏيو. هن وقت تخميني مطابق هر سال سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو اٽڪل 150 ايم اي ايف آهي، اهڙي هٿ چراند سبب سنڌو درياءَ جي تازي پاڻيءَ جو انڊس ڊيلٽا ۾ قدرتي وهڪرو 99 سيڪڙو گهٽجي چڪو آهي، نتيجي ۾ سنڌو دريا 17 ننڍن وهڪرن بدران صرف هڪ وهڪرو ٿي وهڻ لڳو آهي.
اها حقيقت آهي ته ڪيئن ماضيءَ جو خوشحال ڊيلٽائي علائقو، جنهن جا ماڻهو به سکيا ستابا ۽ آباد هئا، جيڪو انسانن ۽ حڪومتن جي هٿ چراند جي ڪري بلڪل تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. اها سموري تباهي ترقيءَ جي نالي ۾ سنڌو درياءَ کي ڊيمن ۽ بيراجن جي پويان قيد ڪري ڪئي وئي آهي. ان سڄي ترقيءَ جي قيمت ڊيلٽا جي ماڻهن کي ادا ڪرڻي پئي آهي. سامونڊي چڙهت سبب ٺٽي ۽ بدين جي اٽڪل35 لک ايڪڙ زمين تباهه ٿي چڪي آهي. ڊيلٽا جي ماحوليات بلڪل تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ڊيلٽا مان لکين ماڻهن کي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي. ماضيءَ جي زرخيز ڊيلٽا جي صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو دريا جي پڇاڙ جي ماڻهن کي هاڻ نانگ پڪڙي گذر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سامونڊي چڙهت جي ساڳي صورتحال رهي ته ايندڙ 20 کان 30 سالن ۾ ٺٽي ۽ بدين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. هن وقت ڊيلٽا جي ماحو لياتي، سماجي ۽ معاشي صورتحال ايتري خراب ٿي چڪي آهي ۽ غربت ۾ حد کان زياده واڌارو ٿيڻ جي ڪري هاڻ ڊيلٽا جا ماڻهو خيرات وٺڻ تي مجبور آهن، جنهن جو تازو مثال 29 جون تي جنگي سر ۾ عرب شيخن هڪ با اثر وڏيري جي ذريعي خيرات ورهائڻ تي مسمات بيگان گجڙيو ۽ مسمات سڪينا ملاح چپجي مري ويون ۽ ڪيتريون عورتون زخمي ٿي پيون. منهنجي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جن ماڻهن گرين ريووليوشن جي ترقيءَ جي قيمت ادا ڪئي، انهن ماڻهن کي هن ترقيءَ مان ڇا مليو؟ وڏي ڏک مان ٿو چوڻو پوي ته جن ماڻهن جو سنڌو درياءَ تي سڀ کان پهريون ۽ اولين حق هو، اڄ انهن درياءَ جي پڇاڙ جي ماڻهن کي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نصيب ڪونه ٿو ٿئي، بلڪه ڊيلٽا جي پوري ثقافت برباد ٿي وئي آهي.
آئون پنهنجي بحث کي سهيڙيندي هڪڙي ڳالهه جيڪا انتهائي ضروري ٿو سمجهان، اها اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ۽ ان کي غور سان سمجهڻ جي ضرورت آهي، نه ته پاڻ درياءَ ۽ ان جي ڊيلٽا جي جسماني ڍانچي يا ايناٽامي کي سمجهي نه سگھنداسين. آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته دريائي ڊيلٽا، دريا جي پڇاڙ ۾ دريا ۽ سامونڊي ويرن جي باهمي عمل (انٽر ايڪشن) جي ذريعي جڙندا آهن ۽ درياءَ ۽ سامونڊي ويرن جي ان انٽر ايڪشن ۾ جڏهن درياءَ ۽ سلٽ جي رفتار، مقدار ۽ طاقت سامونڊي ويرن کان وڌيڪ هوندي، تڏهن ئي دريا سمنڊ کي پوئتي ڌڪيندي ڊيلٽا ٺاهيندو. هاڻ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته سنڌو ڊيلٽا به دريا ۽ سامونڊي ويرن جي انٽر ايڪشن جي ذريعي وجود ۾ آيو آهي ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي ۽ ان جي سِلٽ جي مقدار، رفتار ۽ طاقت سامونڊي ويرن کان وڌيڪ هئڻ جي ڪري سنڌو ڊيلٽا ٺهيو آهي. هن وقت سنڌو دريا سلٽ سميت ڊيمن ۽ بيراجن جي پويان قيد آهي. ان صورتحال ۾ اسين اهو ويهي فيصلو ڪريون ته ڊيلٽا جي ماحوليات کي بچائڻ لاءِ هيترا ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گھرج آهي، اهو چاهي 10يا 35 ملين ايڪڙ فوٽ هجي، ان سان دريا ۽ سامونڊي ويرن جو فطرتي انٽر ايڪشن مڪمل ٿي ڪونه سگهندو، ڇو ته دريا ۽ سامونڊي ويرن جي طاقت، رفتار ۽ مقدار جي توازن ۾ بگاڙ اچي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ سامونڊي ويرن جي طاقت ۽ رفتار سنڌو دريا کان وڌيڪ ٿي ويندي، ان ڪري دريا جو گهٽ مقدار وارو پاڻي ۽ سلٽ سامونڊي ويرن ۾ غائب ٿي ويندو.
malishah56@gmail.com
ساک ۽ سگهه جي بحران ۾ ورتل سنڌ جي قومي سياست!
<
جامي چانڊيو <
سنڌ جي قومي سياست جي فڪري ڌارائن، سياسي ڪلچر، تنظيمي بحرانن، ليڊرشپ جي زوال ۽ منجهن گهربل سنجيدگيءَ جي کوٽ بابت سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن. حالتن آهر ڪڏهن انهن ۾ تيزي ايندي آهي ته ڪڏهن اُهي پس منظر ۾ هليا ويندا آهن. جيتوڻيڪ 11 مئي 2013ع تي عام چونڊن ۾ پاڻ کي قومپرست سڏائيندڙ سمورين پارٽين/گروهن حصو نه ورتو ۽ منجهانئن رڳو ٽن سياسي پارٽين ان ۾ حصو ورتو، پر چونڊن جي نتيجن کانپوءِ هڪ ڀيرو وري اهو بحث تيزيءَ سان اُڀري آيو ته آخر سنڌ جي قومي سياست ۾ گهربل سگهه ڇو نه ٿي پيدا ٿئي ۽ سنڌي عوام جي وڏي گهڻائي کين ڇو نه ٿي موٽ ڏئي؟ منهنجي نظر ۾ چونڊن کان قطع نظر به سنڌ ۾ قومي سياست جي تنقيدي، معروضي ۽ حقيقت پسند جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي، جو ان کانسواءِ سنڌ جي قومي سياست جي ڪنهن به ڌارا ۾ معياري ۽ مثبت تبديلي اچڻ جو امڪان نه آهي. سنڌ جي قومي سياست جو هڪ الميو اهو به آهي ته ان ۾ کُليل مباحثي جي روايت نهايت ڪمزور رهي آهي. ڪيترا ڏهاڪا اسان جي قومي سياست جي دعويدار سياسي گروهن رڳو هڪٻئي کي مڪمل طور غلط ۽ غدار ثابت ڪرڻ ۾ وقت گذاريو. سنڌ ۾ حقيقت پسند، سائنسي ۽ عقلي تجزين ۽ بحث مباحثن بجاءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ مناظري جو لاڙو وڌيڪ حاوي رهيو آهي. ٻيو ته هتي قومي ۽ وطن دوست سياست جون دعويدار تنظيمون مٿن تعميري ۽ مثبت تنقيد جي روايت کي نه رڳو سَهن نه ٿيون، پر انهن مان گهڻا گروهه ته انتهاپسندي، ڪردارڪشي ۽ بدزبانيءَ تي لهيو اچن. مون پنهنجي گذريل اڍائي ڏهاڪن جي قلمي سفر ۾ گهرائيءَ ۽ تجربي سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته وڏيرا، پير ۽ حڪمران طبقا مجبوريءَ ۾ ئي سهي، پر وري به تنقيد برداشت ڪري ٿا وڃن، پر قومپرست يا وطن دوست سياست جا دعويدار ڪي گروهه تنقيد کي قطعي طور برداشت نه ٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي معاشري ۾ سياسي ۽ ادبي تنقيد جو لاڙو پختگيءَ سان اُڀري نه سگهيو آهي، جو سنڌ ۾ تنقيد معنيٰ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ. جڏهن ته معروضي، سائنسي ۽ عقلي تنقيد کان صرف ناجائز مفاد رکندڙ، ڪمزور ۽ غيرعقلي قوتن کي ئي خوف ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو ته چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ کانپوءِ به سنڌ جي قومي سياست جنهن نهايت ڪمزور حالت ۾ آهي، ان جي تقاضا آهي ته ان موضوع تي سماج ۾ مثبت ۽ تعميري تنقيد ۽ پرک جي روايت کي سگهارو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست ۾ معياري تبديليءَ ڏانهن ڪا اثرائتي وِک کَڄي سگهي. مان پنهنجي شعور ۽ ضمير موجب اهي سوال سنڌ ۾ کُليل مباحثي لاءِ کڻڻ جي سنجيده ڪوشش ڪريان ٿو. سنڌ جي قومي سياست جي تنظيمن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ان سوال تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو ته آخر هڪ طرف ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ اِهي تنظيمون هڪ دائري کان اڳتي ڇو نه ٿيون وڌن ۽ ٻيو ته اُنهن ۾ مسلسل ڀڃ ڊاهه ڇو ٿي ٿئي؟ “جيئي سنڌ” جي نالي ۾ اڄ سنڌ ۾ ڏهن کان وڌيڪ گروهه آهن، جيڪي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست جي پوئلڳي ۽ تسلسل جي دعويٰ ڪن ٿا. سوال آهي ته جڏهن فڪري روايت هڪ آهي، نعرو ۽ جهنڊو به ساڳيو آهي ۽ ماڳ جي دعويٰ به ساڳي آهي ته پوءِ ڏهن کان وڌيڪ گروهن جو ڪهڙو جواز بچي ٿو؟ عوامي تحريڪ جنهن چئن ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجو نالو بدلائي هاڻي قومي عوامي تحريڪ رکيو آهي، اُها هيستائين انيڪ ڀيرا تنظيمي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي چڪي آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ کي به اڍائي ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر ڏسبو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پارٽيءَ جا سينيئر ڪارڪن، جيڪي پارٽيءَ جا باني ميمبر به هئا، مختلف وقتن تي گروهن جي صورت ۾ پارٽيءَ کان ڌار ٿيندا رهيا آهن. تازو چونڊن کانپوءِ منجهن ٿيل ٽوڙ ڦوڙ هن پارٽيءَ کي ڪاپاري ڌَڪ هنيو آهي. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڃا پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ آهي، پر چونڊن کان اڳ ئي ڪجهه اهم اڳواڻ پارٽيءَ کي ڇڏي ويا. جي انهن ”پارٽين“ کان ان جو سبب پڇبو، ته وٽن ان جو تمام سادو جواب هوندو ته اهي ڪارڪن غدار ثابت ٿيا. ان ڳالهه کان قطع نظر ته انهن پارٽين مان نڪتل ڪارڪنن سماج ۾ وڌيڪ مثبت ڪردار ادا ڪيو يا نه، پر سوال اهو آهي ته ان ۾ بنيادي ڪمزوري انهن سياسي پارٽين جي آهي يا رڳو ڪارڪنن جي؟ جيڪڏهن انهن پارٽين جي تنظيمي صلاحيت، عوامي سگهه، نظرياتي پختگي ۽ ساک اُتساهيندڙ هجي ها ته پوءِ پارٽين مان نڪرندڙ يا خارج ٿيندڙ ڪارڪنن کي بنيادي ڏوهه به ڏجي ها، پر سنڌ ۾ قومي ۽ وطن دوست سياست جي دعويدار سياسي تنظيمن جي سگهه ۽ ساک سنڌ جي سامهون آهي، ان ڪري انهن سياسي تنظيمن کي رڳو ڪارڪنن کي غداريءَ جا لقب ڏئي پنهنجي جِندُ آجي نه ڪرائڻ گهرجي. ان جو حل حقيقت پسنديءَ سان پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ ۾ آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پنهنجين سمورين ڪوتاهين باوجود سنڌ جي قومي ۽ ترقي پسند سياست جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ سنڌ ۾ قومي شعور گهڻو اُسريل ۽ سگهارو آهي. پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به صوبي يا قوم ۾ قومي شعور ايترو سگهارو ناهي، جيترو سنڌ ۽ سنڌين ۾ آهي. اها قومي سياست ئي آهي، جنهن جي مسلسل اَڀرين سڀرين جدوجهدن ۽ تحريڪن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ عوامي سطح تي تحرڪ تمام گهڻو آهي (جيتوڻيڪ هينئر ان ۾ سنڌي ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي). سنڌ جي قومي مفادن تي سنڌ جي عوام جي وسيع تر ٻَڌي پڻ سنڌ جي قومي سياست جو ئي ڦل آهي، پر ساڳئي وقت اِها به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ چئن ڏهاڪن جي قومي ۽ ترقي پسند وطن دوست سياست جي باوجود سنڌي عوام کي انقلابي نه ته ڀلا گهٽ ۾ گهٽ عوامي ليگ جهڙي ڪا معياري سياسي پارٽي به نه ملي سگهي آهي. ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته سنڌ جي قومي سياست جي دعويدار تنظيمن جو اثر رڳو پنهنجي ڪارڪنن تي آهي، پر انهن جو سنڌي عوام ۽ خاص طور هارين، مزدورن، نوجوانن ۽ نارين سان ڪوبه وسيع تر سڌو تنظيمي لاڳاپو نه آهي. اها به حقيقت آهي ته پورهيت طبقا ته پري جي ڳالهه پر سنڌ ۾ 50 لک جي لڳ ڀڳ موجود ۽ گذريل چئن ڏهاڪن ۾ اُڀري آيل سنڌي وچولي طبقي جو هڪ سيڪڙو به انهن تنظيمن ۾ موجود نه آهي. سنڌي سماج جو تعليم يافته معياري طبقو سنڌ جي قومي ۽ ترقي پسند وطن دوست سياست جي دائري کان ٻاهر آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو ان کي رڳو وچولي طبقي جي موقعي پرستي سمجهي ته اِها ڪوتاهه نظري ٿيندي. سوال آهي ته ڇا سنڌ جون قومي ۽ وطن دوست سياست جون دعويدار تنظيمون اهڙي معيار جون آهن، جو اُهي سنڌ جي وچولي طبقي جي گهڻائيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهن يا اُهي انهن کي سچ پچ به پنهنجين صفن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنجيده هجن؟ مان ته سمجهان ٿو ته انهن جي خواهش عملي طور اِها رهي آهي، ته سنڌ جو پڙهيل لکيل وچولو طبقو کانئن پري رهي ته بهتر، ڇاڪاڻ ته اُهي تنظيمون پنهنجي مخصوص مفادن سبب محدود دائرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
مان سمجهان ٿو ته هلندڙ ڏهاڪو نه رڳو سنڌ لاءِ حساس ۽ اهم آهي، پر ان نسبت سان سنڌ جي قومي سياست جي دعويدار تنظيمن ۽ گروهن لاءِ به فيصلائتو آهي. جي منجهن ڪا معياري تبديلي نه آئي ته اُهي وڏيءَ حد تائين سياسي ميدان تي غير واسطيدار ٿي وينديون. اڄ جيڪو سندن ٽڪو پئسو اثر آهي، اُهو به قائم رهندي نظر نه ٿو اچي. ان ڏس ۾ هيٺين نقطن تي غور ڪرڻ جي گهرج آهي.
(1) سنڌ جي قومي سياست بنيادي طور ساک جي بحران جو شڪار آهي. اها هاڻي ڪا راز جي ڳالهه ناهي ته پاڻ کي قومپرست سڏائيندڙ اڪثر تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اخلاقي ڏوهن، ڀته گيريءَ، زمينن تي قبضن جهڙن ڪُڌن ڪمن ۾ ملوث آهن. رڳو قاسم آباد جو ئي مثال وٺجي ته ڪو دڪاندار ۽ ڪاروباري ماڻهو کانئن محفوظ ناهي. هاڻي جڏهن پاڻ کي قومي ڪارڪن عوام ۽ سنڌ جي اُڀرندڙ وچولي ڪاروباري طبقي لاءِ عذاب هوندا ته پوءِ ماڻهو کين ڇو قومي ڪارڪن سمجهندا؟ ڇا اهو الميو ناهي، ته جنهن سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، چاچو حفيظ قريشي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شهيد فاضل راهو، شهيد نظير عباسيءَ جهڙا املهه ماڻڪ پاڻ کي قومي ڪارڪن سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هئا، اُتي اخلاقي ڏوهن ۾ ورتل، چوريون، ڦُرون ۽ ڀته گيري ڪندڙ ڏوهارين کي به قومي ڪارڪن سڏيو وڃي. جن تنظيمن جي صفن ۾ ڏوهاري عنصر يا ڪارڪن آهن، اُنهن کي هرگز قومي سڏڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ڏوهاري قوم، وطن ۽ عوام جو ساٿاري نه ٿو ٿي سگهي. الميو اهو به آهي ته جن وطن دوست تنظيمن ۾ وري اخلاقي ڏوهن ۾ ورتل ڪارڪن ناهن، اُتي وري اهڙو اڻ سهپ ۽ انتهاپسنديءَ وارو سياسي ڪلچر جوڙيو ويو آهي، جو اُهي خودپسنديءَ جي نرگسيت ۾ مبتلا ٿي ٿا پون، جنهن سان پڻ ساک جو بحران جنم وٺي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ (خالق جوڻيجو گروپ) ۽ عوامي جمهوري پارٽيءَ جهڙيون تنظيمون به آهن، جيڪي انهن ٻنهي لاڙن کان آجيون آهن، پر سندن تنظيمي ۽ سياسي سگهه تمام محدود آهي. ان ڪري ساک جي بحران ۾ مبتلا تنظيمون ڪڏهن به وسيع تر عوامي ۽ سگهاريون تنظيمون بڻجي نه سگهنديون.
(2) مون اها ڳالهه بار بار لکي آهي ته فردن ۽ خاندانن جي ذاتي ملڪيت طور هلندڙ سياسي تنظيمون ڪڏهن به گهربل سگهه حاصل نه ڪري سگهنديون. وڏيرڪيون جماعتون شخصيت پرستيءَ ۽ خانداني سياست جي بنياد تي ان ڪري هلن ٿيون، جو اُهي بار بار حڪومتن ۾ اچن ٿيون ۽ پاور سان جُڙيل رهڻ سبب ماڻهو انهن مان ذاتي مفاد حاصل ڪن ٿا، پر هيٺئين وچولي ۽ وچولي طبقي جون قومي سياست ڪندڙ تنظيمون ساڳيءَ طرح ڪڏهن به سگهه حاصل نه ڪري سگهنديون. اها شخصيت پرستي ۽ خانداني سياست ئي آهي، جنهن سبب سنڌي سماج جي وڏي گهڻائي، انهن تنظيمن ۾ شامل نه ٿي ٿئي، جو کين معلوم آهي ته انهن پارٽين ۾ اندروني طور ڪابه جمهوريت نه آهي ۽ منجهن فيصلا ادارن بجاءِ مخصوص فرد ۽ تاحيات اڳواڻ ڪن ٿا. سماج ۾ شعور هڪ مسلسل تخليقي عمل آهي ۽ تاحيات اڳواڻيءَ جو ڪلچر ان آڏو غيرفطري بند ٻڌي ٿو. ان ڪري جيستائين سنڌ جون قومي سياست جون داعي تنظيمون ۽ گروهه پنهنجو سياسي ۽ تنظيمي ڪلچر تبديل نه ڪنديون، تيسين منجهن سچ پچ قومي سگهه پيدا ٿئي، اهو ممڪن نه آهي.<
(3) سنڌ جي قومي سياست جي اڪثريتي تنظيمن وٽ رڳو سَکڻا نعرا، ٺلهيون دعوائون آهن ۽ انهن جو منطقي نتيجو سامهون آهي. ستر جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۽ اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾ انهن وٽ وري به سگهارا نظرياتي بنياد هئا. مثال طور سائين جي ايم سيد پنهنجي سوچ کي ڪتابن ۾ واضح ڪيو ۽ پليجي صاحب پڻ پنهنجي نظرياتي واٽ کي انيڪ ڪتابَ لکي چِٽو ڪيو. اَسيءَ جي ڏهاڪي کانپوءِ نظرياتي سياست زوال پذير ٿي ۽ شخصيت پرستي، نعري بازي ۽ اشوز جي ايڊهاڪ سياست جو لاڙو انهن تنظيمن تي حاوي ٿي ويو. ان ڪري نظرياتي زوال مان نڪرڻ کانسواءِ سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست ۾ معياري تبديلي ممڪن نه آهي. آهي ڪنهن تنظيم وٽ معروضي حالتن مطابق سائنسي تجزيو ته سنڌي عوام کي ڪهڙي سياسي واٽ وٺڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ سندن واٽ ڇو ۽ ڪيئن ٺهڪندڙ آهي؟ اڪثريتي تنظيمن وٽ ته پنهنجو ڪو واضح منشور به ڪونهي ۽ نه وري وٽن ڪو چِٽو پروگرام آهي ته اُهي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي درپيش چئلينجن کي ڪيئن مُنهن ڏيندا؟ ساڳي صورتحال حڪمت عمليءَ جي سوال جي آهي. سياست ۾ نظريي، منشور ۽ پروگرام سان گڏ حڪمت عمليءَ جو سوال پڻ تمام اهم آهي. سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست ۾ حڪمت عمليءَ جو سوال گهربل سنجيدگيءَ سان کنيو ئي نه ويو آهي. جيڪا سياست رڳو ايڊهاڪ ازم جو شڪار هجي، ان وٽ ڪهڙي ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي هوندي؟ سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست جي دعويدار سياسي تنظيمن وٽ هر مسئلي جو حل بک هڙتال، جلوس، جلسو يا وڌ ۾ وڌ نالي ماتر لانگ مارچ ۽ ڪمزور ڌرڻا آهن، جنهن سان سنڌ مخالف قوتن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري. سندن ان سوال سان واسطو ئي نه آهي ته هو پنهنجين خواهشن يا دعوائن مطابق طئي ڪيل مقصد ڪيئن حاصل ڪنديون؟ ظاهر آهي ته سنجيده ۽ سائنسي حڪمت عمليءَ کانسواءِ مقصد حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهن ۽ حڪمت عمليءَ جو سوال ئي هتي گم آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جون لڳ ڀڳ سموريون جدوجهدون بي نتيجه آهن. سنڌ جو آجپو ته پري جي ڳالهه، پر سنڌ جا شهر، وسيلا، درياهه، حاڪميت جو حق، دائمي اڪثريتي حيثيت به اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق بچائي نه سگهيا آهيون. ان ڪري سنڌ ۾ نظريي ۽ حڪمت عمليءَ جي سوال کي وري گهربل سنجيدگيءَ سان کڻڻ جي ضرورت آهي. زرعي سماج جو گهڻو زور هونئن به رٿابنديءَ تي گهٽ ۽ توڪل تي وڌيڪ هوندو آهي، اهو ساڳيو حال اسان جو قومي سياست جي ميدان تي به آهي.
(4) وڏيرڪي سياست جي اصل سگهه تنظيمي صلاحيت نه پر اقتداري سياست هوندي آهي، پر قومي، طبقاتي ۽ حقيقي عوامي سياست جي اصل سگهه تنظيم هوندي آهي. سنڌ ۾ اَسيءَ جي ڏهاڪي تائين قومي ۽ وطن دوست تنظيمن جي تنظيمي صورتحال اڄ جي ڀيٽ ۾ وري به بهتر هئي. ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت جو حال گهڻو بهتر هو، نظرياتي بحث مباحثا معياري هئا، ڪارڪن معياري سرگرمين ۾ متحرڪ هئا، پر جيڪڏهن اڄ ڏسجي ته ڪنهن به تنظيم وٽ بين الاقوامي ۽ ملڪي ته ٺهيو پر سنڌ ۾ به ڪنهن سنجيده فورم تي بيهارڻ جهڙا پنج ماڻهو به نه آهن. جن ٽن تنظيمن هن سال 11 مئي جي چونڊن ۾ حصو ورتو، اُنهن وٽ سڄيءَ سنڌ ۾ بيهارڻ لاءِ ڏهه مضبوط اميدوار به نه هئا. سوال آهي ته ڇا ان تنظيمي سگهه جي آڌار اِهي تنظيمون رياست، سنڌ دشمن قوتن ۽ وڏيرڪي سياست جو مقابلو ڪري سنڌي عوام کي گهربل نتيجا ڏينديون؟ ظاهر آهي ته جڏهن متبادل اڳواڻيءَ لائق ماڻهو پيدا ئي نه ڪبا يا انهن کي برداشت ئي نه ڪبو ته پوءِ تنظيمن ۾ قيادت ڇا آسمان مان ايندي؟ 21هين صديءَ ۾ به اسان جون اهڙيون تنظيمون آخر مخصوص فردن جي تاحيات اڳواڻيءَ ۾ ويساهه رکن ٿيون ته پوءِ تنظيمون ڪيئن ۽ ڇو سگهاريون ٿينديون؟ اسان جون اِهي تنظيمون نه شهرن ۾ ۽ نه ٻهراڙين ۾، ته پوءِ آخر منجهن گهربل سگهه ڪٿان ايندي؟ وڏن شهرن ۾ متحده ۽ ٻيون قوتون سگهاريون آهن، ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ وڏيرو مضبوط آهي ته پوءِ ڇا پنج ڪروڙ سنڌين کي نجات رڳو تعليمي ادارن ۽ قاسم آباد يا نسيم نگر جي ”سرگرمين“ مان ملندي؟ (5) مڙئي ڪم ٽپائڻ خاطر محدود، بي نتيجه ۽ سدائين اڌ ۾ ڇڏيل جدوجهدون حقيقت ۾ هڪ طرف عوام جو اهڙين “جدوجهدن” مان ويساهه کڻائين ٿيون ته ٻئي طرف دشمن کي سگهارو ڪن ٿيون، جو اهو سندن “پاڻي” ڪڇي ٿو وٺي. ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو هو ته هلڪو ڌڪ ۽ اُٻهرو حملو دشمن کي سگهارو ڪندو آهي. ون يونٽ خلاف اسان جي جدوجهد شاندار پر اهو ٽُٽو تڏهن، جڏهن اُهو وڌيڪ هلي نه ٿي سگهيو، سنڌي ٻوليءَ کي اڄ تائين گهربل درجو نه مليو، ڪالاباغ ڊيم کڻي نه ٺهيو، پر گريٽر ٿل ڪئنال ٺهي ويو ۽ ان لاءِ پاڻي به کڄي پيو، پنو عاقل ڇانوڻي ٺهي وئي، ”اڍائي لک بهاري نه کپن“ جا نعرا لڳا، پر انهن سميت چاليهه لک پرڏيهي ڌاريا اچي ويا، ”شهر ڪنهن جا، سنڌين جا، روڊ ڪنهن جا سنڌين جا“ جا نعرا ته جام لڳا، پر رڳو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ چاليهه لک سنڌين جو هڪ سيڪڙو به سياسي طور منظم نه ٿيو، جو اُتي ڪا اثرائتي تنظيم ڪاري آهي ئي ڪونه. اسان ته شهرن جي مالڪي نه ڪئي، پر رهندو متحده سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڄار وڇائڻ ۾ ڪامياب وئي، سنڌ جي تعليم مرڻينگ، صحت، ترقياتي ڍانچي جي حالت پاڪستان ۾ بدترين سنڌين جي علائقن جي آهي. سوال اهو آهي ته پوءِ ڪهڙي سنڌ جو آجپو، ڪهڙي سنڌ ۾ انقلاب يا تبديلي؟ مان سمجهان ٿو ته هاڻي ننڍڙا ننڍڙا ئي سهي، پر عوام کي ٺوس نتيجا ڏيکارڻا پوندا. سنڌ جو ماڻهو بي معنيٰ دعوائون ٻُڌي هاڻي وڌيڪ بدظن ٿئي ٿو. (6) سنڌ ۾ هر تنظيم ۽ گروهه کي پنهنجي پنهنجي سگهه جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي. کين خبر آهي ته اُهي اڪيلي سر ڪيتري جدوجهد هلائي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. هڪ صلاحيت، سنجيدگيءَ، سگهه ۽ ساک جي کوٽ ۽ ٻيو اتحادن کي فضيلت سان هلائڻ جي رويي ۽ سياسي ڪلچر جي کوٽ. دنيا ۾ ڪهڙي قومي تحريڪ آهي، جيڪا وسيع تر ۽ جٽادار اتحادن کانسواءِ ڪامياب ٿي هجي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته هاڻي رڳو نعري بازي ۽ “نه کپي، نه کپي” تي زور ڏيڻ بجاءِ ڪنهن ڊگهي مُدي واري وسيع تر اتحاد جو بنياد رکي، نه رڳو ان جو منشور ۽ پروگرام، پر ان کان به وڌيڪ اهم آئين جوڙجي، ته آخر گڏ ڪيئن هلي سگهجي ٿو؟ سنڌ کي درپيش جيڪي اجگر جيڏا چئلينج آهن، اُهي اڪيلي سر ڪنهن جي به منهن ڏيڻ جي وَس ۾ نه آهن ۽ نه وري سنڌ ۾ رات وچ ۾ وڏين سگهارين تنظيمن جي اُڀرڻ جو امڪان آهي. جيسين ايئن ٿئي، تيسين ان عبوري دور ۾ سنڌ کي ڪو سگهارو ۽ جٽادار ۽ ساک وارو وسيع تر قومي اتحاد يا پليٽ فارم ئي سهارو ڏئي سگهي ٿو، جنهن ۾ تنظيمن سان گڏ سنڌ جا دانشور، اديب، فني ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ پڻ شامل هجن. شرط اهو آهي ته اهڙو پليٽ فارم ڊگهي مُدي لاءِ هجي ۽ ان جو واضح منشور ۽ آئين هجي. جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي سياست جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڃا به گهڻي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي ٿي، پر ظاهر آهي ته هڪ ويهڪ يا هڪ مضمون ۾ ايترو ئي ممڪن هو. مان اُميد ڪريان ٿو ته هن ڀيري سنڌ جي قومي سياست جي هن تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ جي موٽ ۾ غيرمنطقي ردعمل يا سطحي جذباتيت ۽ خودفريبيءَ بجاءِ انهن تي گهربل سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويندو ته جيئن سنڌ جي قومي سياست ۾ ڪا معياري تبديلي اچي سگهي. jchandio@cpcs.org.pk
Friday, July 12, 2013
ومي سلامتي پاليسي:زميني حقيقتون ته مڃيو!
قومي سلامتي پاليسي:زميني حقيقتون ته مڃيو!
سهيل سانگي
حڪومت قومي سلامتي پاليسي جوڙڻ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهي هئي ته ميڊيا ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ ”لِيڪ“ ڪري ڇڏي. هن رپورٽ جي ڇپجڻ بعد قومي سلامتيءَ جي نئين پاليسي جوڙڻ جي اهميت هيڪاري وڌي وئي آهي. نئين پاليسي جوڙڻ جا اعلان ڪي اڄوڪا ناهن، ڊسمبر 2008ع ۾ تڏهوڪي گهرو معاملن واري صلاحڪار رحمان ملڪ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻڌايو هو ته، حڪومت نئين قومي سلامتي پاليسي جوڙي رهي آهي، جيڪا نون چئلينجن جو مقابلو ڪندي. نواز ليگي ميمبر احسن اقبال سعودي ماڊل تي اها پاليسي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي، رحمان ملڪ وري سريلنڪا جي پاليسيءَ جو حوالو ڏنو. ان ڳالهه کي پنج سال ٿي ويا، پر پاليسي سامهون نه آئي. هاڻي وري نواز ليگ حڪومت اها پاليسي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا جي اطلاعن موجب، هڪ مسودو پڻ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي حڪومت سياسي ۽ عسڪري قيادت سان صلاح مشورو ڪري رهي آهي. گهرو معاملن واري وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ان پاليسيءَ تي بحث ڪيو ويندو. ان اجلاس ۾ آرمي چيف، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ چئني وڏن وزيرن کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. هڪ پارٽي تحريڪ انصاف، جنهن جو پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪ اندر ويڙهاڪن بابت مختلف نقطهء نظر آهي، ان جي سربراهه عمران خان هن اجلاس ۾ شرڪت کان معذوري ڏيکاري آهي ۽ چيو آهي ته هو انهن تاريخن تي ملڪ کان ٻاهر هوندو، پر سندس پارٽيءَ جا عيوضي شرڪت ڪندا. هاڻي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته نئين پاليسيءَ بابت رٿيل ڪل جماعتي ڪانفرنس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ موجود نه هوندا. حيرت جي ڳالهه آهي، جو هڪ عرصي کان تشدد ۽ دهشتگرديءَ وارين ڪاررواين ملڪ کي معاشي توڙي سياسي طور تي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي، ٻاهريان خطرا ته ڇڏيو، ملڪ اندر لاقانونيت، دهشتگردي ۽ مارا ماري عام آهي پر اسان وٽ ڪا به مربوط پاليسي ناهي. اها سٺي ڳالهه آهي ته نواز ليگ حڪومت کي سجاڳي ٿي آهي ۽ اها قومي سلامتيءَ بابت نئين پاليسي جوڙڻ گهري ٿي. ڇا موجوده حڪومت واقعي ڪا موثر، سٺي ۽ مربوط پاليسي جوڙي سگهندي، جيڪا ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني خطرن کي، جيڪي گڏ مڏ ٿي ويا آهن، تن جو خاتمو آڻي سگهي؟ هن پاليسيءَ ۾ سڀ کان وڏا اسٽيڪ هولڊر سياسي ۽ عسڪري قوت کان علاوه پرڏيهي اثر به رهيا آهن، جيڪي اسان جي پرڏيهي پاليسي، قومي سلامتي ۽ خود ملڪ اندر امن ۽ امان جي صورتحال تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن. سوال اهو آهي ته انهن سڀني جي اطمينان وٽان اها پاليسي جوڙي ويندي؟
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي قومي سلامتيءَ وارو معاملو عسڪري اسٽئبلشمينٽ جي دائره اختيار ۾ رهيو آهي. اڃا تائين جيڪا پاليسي هلي پئي، ان جو بنيادي نقطو غير ملڪي يا ٻاهريان خطرا رهيو آهي. ڪجهه مهينا اڳ فوجي سربراهه جنرل ڪياني فوج جو نئون ڊاڪٽرائين ڏيندي اندروني معاملن کي به ان ۾ شامل ڪيو، پر اڃا تائين پراڻي حڪمت عملي ۽ پاليسي جاري آهي. مختلف حلقن ۾ اهو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته نئين پاليسيءَ جو فوڪس به پراڻو وارو ئي هوندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇا اها نئين پاليسي بدليل حالتن ۾ ضرورتن کي پورو ڪري سگهندي؟ اهو سوال ان ڪري به اٿاريو پيو وڃي، جو ڪجهه موقعن تي سيڪيورٽي سسٽم جي ناڪامي پڻ سامهون آئي آهي.
ملڪ کي سيڪيورٽي جا مختلف قسم جا مسئلا درپيش آهن. ماضيءَ جي تجربن ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته اهي در اصل ناقص يا غلط حڪمت عملين جو نتيجو آهن. دهشتگردي، شدت پسنديءَ کي اسان جو مسئلو قرار ڏيئي محدود طريقي سان اُڪلائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ڪڏهن به ڊگهي نظر رکندي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي. هڪ اهڙي ڪوشش، جنهن ۾ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ معاشي پاليسين جو ميلاپ هجي. اهي ٽيئي جزا قومي سلامتيءَ جي حوالي سان نهايت اهم آهن. ملڪ دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ جي گهيري ۾ آهي. فاٽا، خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان سبب محرڪات ۽ طريقيڪار کي نظر ۾ رکڻو پوندو. پرڏيهي خطرا پنهنجي جاءِ تي پر معاشي بحران ۽ سيڪيورٽي جي ڪمزور هئڻ جا معاملا به سامهون اچي چڪا آهن. اهي حقيقتون به نظر ۾ هجڻ گهرجن ته لڳاتار عدم استحڪام معاشي ترقيءَ کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آهي. هنگامن ۽ بد امنيءَ سبب قانون جي حڪمراني ڏينهون ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي. ملڪ جو وڏو صنعتي شهر ڪراچي لاقانونيت جو شڪار آهي، جتي هڪ ڊزن ماڻهو مرڻ بنهه رواجي ڳالهه بڻجي وئي آهي، هتي هٿياربند گروه پنهنجي بالادستي ۽ پٽيليءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن، جن کي مختلف سياسي، پارٽين جي سرپرستي حاصل آهي. ٻئي طرف ملڪي سڃاڻپ جهادين جي نرسري طور ٿي وئي آهي، جنهن سان نه رڳو ملڪ ۾ پر خطي ۾ به امن ۽ استحڪام جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. اسانجو ملڪ ڪجهه عرب ملڪن ۽ ايران جي وچ ۾ هلندڙ پراڪسي Proxy جنگ جو به عرصي تائين مرڪز رهيو آهي، جنهن سان هيڪاري فرقيواريت وڌي آهي پر خفيه ادارن جي رپورٽن جي حوالي سان ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون آهن ته ڪجهه بنياد پرست گروپ ڪن عرب ملڪن جي آشيرواد سان جهادي ڀرتي ڪري رهيا آهن، جيڪي شامي باغين سان گڏجي وڙهندا. ائين ٿو لڳي ته رياست پنهنجو ڪنٽرول وڃائي رهي آهي.
پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ ٽي نڪاتي فارمولو ترقي، چٿڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ متعارف ڪرايو، يعني پيچيده بحرانن ۽ تضادن کي بنا سمجهڻ يا سلجهائڻ جي چٿڻ يا چيڀاٽڻ. اهو مشرف جي پاليسيءَ جو تسلسل هو. اسين پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل بحرانن کي مڃڻ جا عادي ناهيون، ان ڪري جلد ڪو پرڏيهي نسخو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. نواز ليگ جي حڪومت چين ۽ ملائيشيا جي ماڊل کي سامهون رکي پنج نڪاتي پاليسي جوڙي آهي. زميني حقيقتون اهي آهن ته هي ملڪ معاشي طور تي ڪمزور، سياسي طور غير مستحڪم، لساني طور تي ورهايل، مذهبي طور تي فرقيواريت جي ور چڙهيل آهي. حڪمرانن ٻاهريون ماڊل ڪاپي ڪرڻ کان اڳ انهن زميني حقيقتن تي ڄڻ نظر به ڪانه وڌي. پاڪستان چين وانگر نه معاشي طاقت آهي ۽ ورري ملائيشيا وانگر خود ڪفيل. اسين ته پرڏيهي امداد يا قرض بنا جهڙو ڪر ٻڌا ويٺا آهيون. اهي نه هجن ته ڪو ضمانت ڪرائڻ وارو به نه هجي.
ڪي معاملا ملڪ ۾ تضادن ۽ بي چيني پيدا ڪرڻ جو پڻ بنياد رهيا آهن. جيڪڏهن انهن اندروني تضادن جو جائزو وٺون ته هي بنيادي نقطا بيهندا: انتها درجي جي مرڪزيت، صوبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ، اڻ برابري، صوبن جي وسيلن تي سندن حق ملڪيت نه مڃڻ، فيصلي سازيءَ ۾ صوبن کي پري رکڻ، مذهب کي سياست ۽ حڪومت جي دائري ۾ آڻڻ. هاڻي صورتحال اها وڃي بيٺي آهي، جو هر صوبي ۾ هڪ ڌار قسم جي صورتحال آهي. فاٽا ۽ خيبر پختونخوا جي بحران ۽ بلوچستان جي بي چينيءَ کي مختلف پاليسيءَ ۽ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي، جڏهن ته فرقيواريت کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ هيڏي مارا ماري ۽ ٻين نقصانن بعد به اسان جا ادارا اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته موجوده بحران سياسي ۽ معاشي تضاد آهي. بلوچستان جي معاملي ۾ اسان جي ادارن، سياستدانن ۽ حڪومت کي سڀ کان پهرين ان تضاد کي مڃڻو پوندو ۽ ان جي حل کي وسيع نظر ۽ کليل دل سان جاءِ ڏيڻي پوندي ته ڪهڙا ڪهڙا آپشنز آهن ۽ مضبوط ارادي جو مظاهرو ڪندي ان حل تي عمل ڪرڻو پوندو.
سنڌ جو معاملو بنهه مختلف آهي. جتي سنڌ جي وحدت جو سوال به آهي ته وري ڪراچيءَ ۾ مختلف مافيائون سرگرم آهن، جن وٽ هاڻي رڳو هٿيار ۽ افرادي قوت ئي نه، بلڪ انهن سياسي سگهه به حاصل ڪري ورتي آهي. هتي سياست ۽ عسڪريت پسندي ايترو ته پاڻ ۾ گڏ مڏ ٿي ويون آهن، جو انهن کي الڳ ڪرڻ ۽ سمجهڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي وسيلن ۽ صوبائي حقن جو پڻ سوال آهي، جيڪو صوبي اندر بيچينيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهي. ٽڪراءُ يا بحران جي حل لاءِ اهو ضروري آهي ته پهرين ان کي تسليم ڪيو وڃي، ان بعد ان کي سمجهيو وڃي ۽ ٽيون شرط اهو آهي ته ان جي حل بابت مختلف آپشنز تي ٿڌي دل سان ويچاريو وڃي. جيستائين نئين پاليسيءَ ۾ بحران ۽ تضاد کي مڃيو ۽ سمجهيو نه ويندو، تيستائين پيچيده ۽ ڊگهي عرصي کان جاري بحران کي حل ڪرڻ جون ڪوششون رائيگان وينديون. نئين پاليسيءَ جو اهم نقطو اهو به هجڻ گهرجي ته قومي سلامتيءَ جي معاملن ۾ پارليامينٽ جي حيثيت ۽ ان جي بالادستي تسليم ٿيڻ گهرجي. تعميري پاليسي صرف تڏهن جڙي سگهندي ۽ نتيجا ڏئي سگهندي، جڏهن ان ۾ ماضيءَ جي غلطين، موجوده بحران کي مڃيو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ اصل اسٽيڪ هولڊرن کي مڃتا ڏيندي انهن کي جاءِ ڏني ويندي.
لياري جي ڪهاڻي قسط -1 لياري- مورڙي ميربحر کان امن ڪميٽيءَ تائين
ارڙهين صديءَ جي شاهوڪار ”ڪراچي“ جي ڪهاڻي کي ڳوليندي ڳوليندي ڪراچي بندرگاهه تائين پهچجي ٿو. بندرگاهه کي سمجهندي سمجهندي ٻن دروازن جي ڪهاڻي ملي ٿي. کارودر ۽ مٺو در. ٻنهي دروازن جي تاريخ 18 هين صديءَ کان پراڻي آهي. جڏهن ڪراچيءَ جو نالو ڪلاچي يا ڪولاچي هو. شاهه ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ ”ڪلاچي جي ڪُن“ جو ذڪر ڪيو آهي.
مورڙو ميربحر ۽ سندس ست ڀائرن جي ڪٿا ملي ٿي. ان ڪٿا جي حساب سان ته ڪراچي 16 هين صديءَ ۾ آباد هُئي ۽ سُر ”گهاتو“ جي خالق شاهه سائين تڏهن لکيو هو ”گهاتو گهر نه آيا.“ يعني ڪراچي جي ملاحن جو ”سمنڊ“ سان سڌو واسطو ڏيکاريل آهي. اهڙي ريت سامونڊي بندرگاه ۽ بندرگاهه مان شهر ڏانهن نڪرندڙ رستن يعني ٻنهي دروازن جو تعلق به تڏهوڪو هوندو. کارودر ۽ مٺو در ٻئي لياريءَ ۾ آهن. چون ٿا هڪ دروازو سمنڊ مان لياري ڏانهن داخل ٿيندو هو. سامونڊي کاري پاڻيءَ سبب ان جو نالو ”کارو در“ پئجي ويو ۽ لياريءَ مان ٻيو دروازو لياري نديءَ ڏانهن ويندو هو. نديءَ جو پاڻي مٺو هوندو هو، ان سبب ان کي مٺو در سڏيو ويندو هو. (ڪراچي جي قديم ماڳن جا پراڻا نالا 1947ع کانپوءِ تبديل ٿيندا ويا ان ڪري اڄڪلهه اسان سنڌي ميڊيا ۾ به ”کارادر“ ۽ مٺا در لکندا آهيون). پر هي علائقا انگريزن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ لڳا، جڏهن 18 هين صديءَ ۾ انگريزن ڪراچي بندرگاهه کي ترقي ڏياري. بندرگاهه سان لڳ لياريءَ مان ئي سڌو روڊ ٺاهيو ويو هو. ”بندر روڊ“ (ايم اي جناح روڊ). هن روڊ تي ٽرامون هلنديون هيون. جڏهن ته شهر جي ٻين آبادين ڏانهن ماڻهو اُٺن، گهوڙن يا ٽانگي تي سفر ڪندا هئا. بندرگاهه لڳ ”لياري“ جو علائقو هتان جي قديم ماڻهن تي ٻڌل هو، جن ۾ قديم سنڌي ذاتيون آباد هيون. لياري ۾ ”کڏا مارڪيٽ“ قديم آهن. لياري جي پراڻن علائقن ۾ آگرو تاج، چاڪيواڙو، بغدادي، درياهه آباد، ڪنڀار واڙو، ميران ناڪو، پراڻي گوليمار وغيره. 18 هين صديءَ جون مشهور مارڪيٽون پڻ لياريءَ ۾ هيون جن ۾ ”بولٽن مارڪيٽ“، لي مارڪيٽ، جُونا مارڪيٽ، کڏا مارڪيٽ وغيره شامل آهن. هنن مارڪيٽن ۾ ڪراچي جي ڏورانهن علائقن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان به ماڻهو وڻج واپار ڪرڻ ايندا هئا. لياريءَ مان کجور، چمڙو، تيل، ڪپڙو خريد ڪيو ويندو هو. بلوچستان جي پهاڙن مان ايندڙ ماڻهو گيهه، چوپايو مال، مال جون کلون، پيش (واڻ ٺاهڻ لاءِ) وغيره هتي وڪرو ڪندا هئا. اهڙي ريت هيءُ سنڌ جو خوشحال شهر هو. سنڌ ۾ راڄڌاني حيثيت رکندڙ ڪراچيءَ جي اهميت پڻ 18 هين صديءَ ۾ اهم بڻجي وئي. واحد آئين ساز اسيمبلي هن شهر ۾ هُئي. لياريءَ سان واسطو رکندڙ سردار الهه بخش خان گبول (نبيل گبول جو ڏاڏو) ۽ عبدالله هارون (حسين هارون جو ڏاڏو) آئين ساز اسيمبليءَ جا ميمبر هئا.
لياري ۾ آفريڪي نسل جي بلوچن جي آمد جو اهم ڪارڻ ئي بندرگاهه هُجڻ هو. هي محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو هتان جا مستقل رهاڪو بڻجي ويا، جيڪي اصل ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي ”ڪيچ مڪران“ جي شهرن مان آيا. ان ڪري مقامي ماڻهن کين ”مڪراني“ جي سڃاڻپ ڏني. اصل ۾ هي شيدي نسل جا بلوچ آهن. عام طور تي لياري جا هي ٻروچ ويڙهاڪ نسل سان واسطو رکڻ سبب هنن علائقن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائيندا رهيا. خوجا نسل جو قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ لياريءَ سان گهرو واسطو رهيو. قائداعظم جو مادر علمي سنڌ مدرسته السلام پڻ لياريءَ ۾ آهي، جيڪو مرحوم حسن علي آفنديءَ قائم ڪيو هو. لياري ۾ کڏي وارا عالم پڻ تعليمي ميدان ۾ اڳيان هئا. اهڙي ريت ڪراچي ۾ لياري علم جو مرڪز هو. ڪراچيءَ جي پراڻي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي عمارت پڻ بندر روڊ تي لي مارڪيٽ جي ويجهو آهي. اهڙي ريت چارلس نيپئر جي نالي سان واڳيل نيپئر روڊ پڻ لياري ۾ آهي. (ڪنهن زماني ۾ هتي جي ڳاڙهي بازار لاهور جي هيرامنڊيءَ کان وڌيڪ پُرڪشش هوندي هئي) لياريءَ جو هڪ هڪ علائقو تاريخي حيثيت رکندڙ آهي. جيئن ته اسان کي لياري جي تاريخ کي آڏو رکي ان جي سياسي منظر ڏانهن وڌڻو آهي ۽ ان کانپوءِ اڄوڪين حالتن ڏانهن اچڻو آهي جنهن ۾ لياريءَ اندر رتوڇاڻ سالن کان جاري آهي. هتان جا قديم رهاڪو هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ڇو بڻيا. لياري جا ڪڇي ڇو دربدر آهن. لياري ۾ دهشتگردي ۽ گينگ وار جي نالي ۾ گذريل ويهارو سالن کان رت جي راند جا ڪهڙا سياسي محرڪ آهن؟ ڏوهارين جا گينگ ڇو ٺهيا ۽ اهي سياسي مقصدن لاءِ ڪيئن استعمال ٿيا. رحمان بلوچ کان رحمان ڊڪيت تائين، پيپلزپارٽيءَ جي ڳڙهه لياريءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي دلچسپي کان وٺي پيپلز امن ڪميٽيءَ تائين ۽ لياريءَ مان شروع ٿيل ويڙهه سڄي ڪراچيءَ جي بلوچن ۽ سنڌين تائين ڪيئن پکيڙي وئي. انهن سڀني واقعن جو تعلق سياست ۽ اقتدار سان آهي. هونئن ته لياري ۾ ڏوهاري گروپن جي ڪهاڻي 1960ع جي ڏهاڪي کان نظر اچي پئي پر تڏهن اها نج ڏوهاري گروپن جي ڪهاڻي هئي، جيڪا بعد ۾ سياسي ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. لياريءَ جو سياسي بنيادن تي ورهاڱو اصل ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي سياسي تحريڪن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي اهڙي سازش آهي، جنهن جا پيرا جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ لڌا ويا هُئا، بعد ۾ جنرل مشرف پنهنجي حامين کي ڪراچي جو ڪنٽرول ڏنو، جن لياري تي قبضي جي مڪمل رٿابندي ڪئي. لياري مان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سموريون سيٽون کڻندڙ پيپلزپارٽيءَ اڄ قومي اسيمبليءَ جي صرف هڪ سيٽ کڻي سگهي پئي. لياري جي ٻي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار ڪامياب ٿيندو آهي. لياري بابت هن ڊگهي مضمون ۾ پهرين لياري ۾ ڏوهاري گروپن جي تاريخ تي نظر ٿا وجهون.
لياريءَ جا ڏوهاري گينگ:
ماهي گير بلوچن ۽ سنڌين جي قديم وسندي لياري جو پراڻو نالو ڊرٻو، مڇي مياڻي وغيره به رهيا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ لياري جي خنجر بردار ويڙهاڪ سئنيما هالن جا چوڪيدار يا ٽڪيٽ چيڪر هوندا هئا. هو سئنيمائن ۾ هر قسم جي غنڊن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا هئا، مختلف هنڌن تان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب انگريزن جي دور ۾ به هتي سنڌي ۽ بلوچ ڌاڙيل ايندا هئا. مون کي لياريءَ جي هڪ قديم رهاڪو ٻڌايو هو ته لياري جو ”ميران ناڪو“ انگريز دور جي ڌاڙيل ”ميران خان“ جي نالي سان منسوب آهي. ميران خان (ميران جمالي) انگريز دور ۾ نوابشاهه کان دادو ۽ سنڌ بلوچستان جي سرحدن تي ڌاڙا هڻندو هو. سندس ٽولي ۾ اسان جو هڪ ويجهو مائٽ به شامل هو، جنهن مون کي پاڻ اهو ٻڌايو هو ته ميران خان انگريزن ۽ هندوئن کي نشانو بڻائيندو هو. پر مون کي ميران خان جي لياري ۾ ڏوهن بابت ڪٿان به ڪو حوالو نه ملي سگهيو پر ”ميران ناڪو“ بس اسٽاپ اڄ به موجود آهي، جنهن کان هڪ ڪلوميٽر اڳي شير شاهه جي مشهور ڪٻاڙي مارڪيٽ آهي، جتي سنڌ ۽ بلوچستان مان چوري ٿي ايندڙ گاڏين جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي ۽ هر قسم جي گاڏيءَ جا پُرزا هن مارڪيٽ ۾ دستياب آهن. 1964ع ڌاري داد محمد عرف دادل جو گروپ ملي ٿو. داد محمد ۽ سندس ڀاءُ شيرل عرف شيروءَ جو مشهور گروپ داداگيري ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هي ريڪس سئنيما جا ملازم هئا ۽ چرس جو پڻ وڪرو ڪندا هئا. داد محمد رحمان بلوچ (رحمان ڊڪيت) جو پيءُ هو. هي گروپ بعد ۾ منشيات فروش گروپ جو حصو بڻيا. ڪالا نانگ گروپ چيو ويندو هو. ڪالا نانگ جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کانپوءِ سندس پُٽ فضلو اقبال ڊڪيت عرف بابو ڊڪيت جا گروپ مشهور ٿيا. هي گروپ وري لياري جي حاجي لال محمد (لالو) گروپ جا مخالف هئا. 1990ع ڌاري رحمان ڊڪيت جو لياري ۾ عروج هو. چون ٿا ته کارادر جي هڪ واپاري کي رحمان گروپ اغوا ڪيو ۽ لالو پاران رحمان تي زور ڀريو ويو ته بنا ڪنهن ڀنگ جي هو واپاري سليم ميمڻ کي آزاد ڪري. پر رحمان اها ڳالهه نه مڃي اتان کان رحمان ۽ لالو ۾ اختلاف شروع ٿيا. هي ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا. لالو جي گروپ ۾ سندس پُٽ ارشد پپو به شامل هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ وري ارشد پپو رحمان بلوچ جي ويجهي مائٽ واپاري فيض محمد بلوچ کي اغوا ڪيو ۽ اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو (فيض محمد بلوچ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي هاڻوڪي سربراهه عزير جان بلوچ جو والد هو. عزير جان تڏهن انجنيئرنگ ۾ پڙهندو هو. وٽس انجنيئرنگ جي ڊگري آهي) بس اتان کان لالو گروپ پڻ سندس پٽ ارشد پپو ۽ رحمان بلوچ جي ڀنگ ۽ اغوائن تان شروع ٿيل جنگ ذاتي دشمني ۾ بدلجي وئي. ارشد پپو گروپ لياري نديءَ جي ٻئي پاسي پاڪ ڪالوني جي علائقي ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو. رحمان جو لياريءَ ۾ ئي اثر رهيو. رحمان جيئن ته شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل رهيو، سندس دوستيون به پيپلزپارٽيءَ ۾ رهيون. رحمان بلوچ جي پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول سان ويجهڙائپ رهي. رحمان کي 2008ع ۾ پيپلز پارٽي سرڪار ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سي آءِ ڊي پوليس هڪ جعلي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي. البته کيس گرفتار ڪري ماريو ويو هو. رحمان بلوچ ۽ ارشد پپو گروپ وچ ۾ ويهه سالن کان وڌيڪ عرصو ڇڪتاڻ رهي. غير سياسي تبصرو اهو آهي ته اشد پپو گروپ ڪراچي جي سياسي ڌر جي هُشي تي لياري تي قبضو ڪرڻ پئي چاهيو. رحمان گروپ سندس لياري ۾ انٽري کي روڪيندو رهيو. سياسي تبصرو اهو آهي ته رحمان گروپ کي پيپلزپارٽيءَ جي ۽ ارشد پپو گروپ کي ايم ڪيو ايم جي پٺڀرائي رهي. ٻئي هٿياربند گروپ هڪ ٻئي خلاف ڪارروايون ڪندا رهيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين آڪٽوبر 2007ع تي آمد وقت رحمان بلوچ بينظير ڀٽو جي جان نثارن ۾ شامل هو. هُن بعد ۾ لياري ۾ امن ڪرائڻ خاطر لياري امن ڪميٽي ٺاهي جيڪا بعد ۾ پيپلز امن ڪميٽي بڻجي وئي. رحمان بلوچ گينگ جون ڪارروايون ڇڏي جڏهن سياست ڏانهن مڙيو ته کيس قتل ڪرايو ويو. جڏهن ته رحمان ڪاررواين جي عروج واري زماني ۾ گرفتار ٿيو هو ته کيس آزاد ڪيو ويو هو. اهڙي ريت ارشد پپو به گرفتار ٿي آزاد ٿيو هو. رحمان ۽ ارشد جي ذاتي جنگ کي سياسي پارٽين پناهه ڏني. گروپ عام ماڻهن کي ماريندا رهيا. ارشد پپو تازو ڪجهه عرصو اڳ لياري ۾ مارجي ويو. لياري مان چونڊيل پيپلزپارٽيءَ جو ايم اين اي شاهجهان بلوچ ارشد پپو قتل جي الزام ۾ گرفتار آهي. رحمان ۽ ارشد ٻئي ڪو نه رهيا پر ٻنهي جا گروپ موجود آهن. ماڻهو مارڻ جو سلسلو جاري آهي. پر پيپلز امن ڪميٽيءَ جي اڄ لياري ۾ هڪ سياسي حيثيت به آهي. لياري مان چونڊيل قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ٻه صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر پيپلز امن ڪميٽيءَ سان واسطو رکن ٿا. اهڙي ريت پيپلزپارٽيءَ سياسي طور امن ڪميٽي کي پنهنجو تسليم ڪيو آهي پر امن ڪميٽيءَ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي منهن ڏيڻ لاءِ سڌو رستو اختيار ڪيو، جنهن جو بنياد بلوچ ازم تي آهي، نه رڳو لياري پر هاڻي ملير ۽ ڪراچي جي ٻين بلوچ علائقن ۾ به امن ڪميٽيءَ جو اثر آهي. امن ڪميٽيءَ هٿياربند سياست جو رستو اختيار ڪيو. ان لاءِ وٽس دليل اهو آهي ته هٿياربند نسلي ۽ لساني گروپن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هٿيار کنيو آهي، انهن سان مقابلي لاءِ هٿيار کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن ڪميٽيءَ کي پاڻ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سمجهي ٿي ۽ امن ڪميٽي ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سمجهي ٿي. ان وچ ۾ لياري اندر ڪڇي برادري ۽ ڪڇي علائقن جي صورتحال هڪ نئون رخ اختيار ڪيو آهي، جنهن جا تفصيل اڳتي هلي ڏينداسين. Ibrat July 12, 2013(جاري)
ايبٽ آباد ڪميشن رپورٽ:ڏوهي ڪير؟
جامي چانڊيو
پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪنهن به هاءِ پروفائيل واقعي جي جاچ ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ اهو سوال وڏو ته ضرور آهي پر منجهيل يا ڏکيو قطعي به نه آهي. محمد علي جناح کي خراب ايمبولينس ڏئي، کانئس جِندُ ڪنهن ۽ ڇو ڇڏائي؟، لياقت علي خان کي گولي هڻندڙ ته ٿڏي تي ئي مارجي ويو پر اها رٿا ڪنهن تيار ڪئي؟، ايوب خان اقتدار ڪيئن ڇڏيو؟، اوڀر پاڪستان ۾ قتلام ڪيئن ٿيو؟، الشمس ۽ البدر جي پٺيان ڪنهن جو هٿ هو؟، حمودالرحمان ڪميشن جو ڇا ٿيو؟، شهيد ڀُٽي کي ڦاهي ڏيڻ جو پلان ڪٿي ۽ ڪيئن تيار ٿيو؟، ضياءُ الحق آمريڪي سفير ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل اختر عبدالرحمان سميت هوا ۾ ڪيئن تحليل ٿي ويو؟، آپريشن مڊ نائيٽ جيڪال ڇا هو؟، محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ اوجڙي ڪئمپ جو واقعو دراصل ڇا هو؟، ڪارگل جي ڪهاڻيءَ جا اصل محرڪ ڪير هئا؟، مير مرتضيٰ ڀٽو راهه ويندي، پنهنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ شهيد ڪيئن ٿيو؟، ڪراچيءَ ۾ نيول بيس ۽ راولپنڊيءَ ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيئن ٿيا ۽ ڪنهن ڪيا؟ ڀلا ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ عالمي سطح جي مدبر سياستدان محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ ۾ ڇو شهيد ڪئي ويئي؟ انهن سوالن جا جواب هن ملڪ ۾ ڪڏهن به سامهون نه اچڻا هئا ۽ نه آيا ۽ نه وري ڪڏهن اهي راز عوامي سطح تي پڌرا ٿيندا، جو انهن سمورن واقعن پٺيان اُهي ئي هٿ هئا ۽ آهن، جن جو سڄو جهان ”ڳُجهه“ تي هلي ٿو، پر تاريخ هر راز کي پس و پيش پڌرو ڪري ٿي، ان ڪري ڀل ته انهن سوالن جا جواب ڪنهن ساک واري سرڪاري رپورٽ ۾ نه هجن پر تاريخ جي ايف آءِ آر ۾ سڀ ڪجهه درج آهي ۽ هر سوال جو جواب پڌري پٽ پيو آهي.
ان ساڳئي تسلسل ۾ ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ پڌري ٿي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ مئي 2011ع يعني لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ ايبٽ آباد ۾ اُسامه بن لادن خلاف ڳُجهي آمريڪي آپريشن بابت تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن. حقيقت ۾ ان واقعي جي اصل خبر اُسامه بن لادن جو آمريڪي آپريشن ۾ موت نه پر ان سڄي ڪارروائي يا اُسامه جي ”ڪاڪول“ ڀرسان رهائش بابت ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي ”اڻڄاڻائي“ هئي. ان وقت اِهو سوال شدت سان اُڀريو هو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن طرفان اُسامه جي پاڪستان ۽ خاص طور ”ڪاڪول“ ڀرسان موجودگيءَ کي ”لڪائڻ“ وڏو اشو هو يا سندن سچ پچ ”بي خبري“ اصل سوال هو. ان ڪري ٻه سال اڳ ايبٽ آباد ۾ اُسامه بن لادن خلاف آمريڪي ”ڳُجهي“ ڪارروائيءَ آمريڪا کي ته جيڪو فائدو ڏنو، سو ڏنو پر ان سان پاڪستان جي جيڪا پَتِ وائکي ٿي، ان جو ڪو تدارڪ ان واقعي کانپوءِ پاڪستان اصل نه ڪري سگهيو ۽ نه وري ڪري سگهندو. يعني جنهن ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ ۾ اهم حصيدار طور پاڪستان آمريڪا کان ڪروڙين ڊالر وٺندو رهيو، ان جو مُک ڪردار اُسامه بن لادن 2002ع کانپوءِ پشاور، سوات، هري پور ۽ آخر ۾ ايبٽ آباد ۾ آرام سان خاندان ۽ ساٿين سميت ڦِرندو ۽ رهائشون تبديل ڪندو رهيو ۽ ان جي خبر ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن کي پئجي نه سگهي. ماڻهو دنيا ۾ حيران هئا ته ان تي ويساهه ڪرڻ وڏو معاملو آهي يا ان جي امڪاني اُبتڙ حقيقت حقيقي هاڃو آهي.
اهو حال ان ملڪ جو آهي، جنهن کي پنهنجي شروعاتي سالن ۾ ئي عوامي نه پر هڪ ”سيڪيورٽي رياست“ ڄاڻايو ويو هو، جتي گذريل ڇهن ڏهاڪن کان ملڪي ناڻي جو وڏو حصو تعليم، صحت، شهري سهولتن، زراعت، صنعتڪاري يا عوامي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ بدران هٿيارن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان کي فخر آهي ته اهو وڏو اسلامي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي. هر ڀيري آمريتن جمهوريت تي راتاها هڻڻ کانپوءِ اهو جواز پيش ڪيو ته ملڪ جي واحد اُميد فوج آهي ۽ ملڪ ۾ سويلين ادارا تباهه حال آهن. جيتوڻيڪ ان دعويٰ جي حقيقت جي دنيا کي اڳ ئي خبر هئي پر هن واقعي ان کُليل راز جي پَت وائکي ڪري ڇڏي، ٻنهي صورتن ۾ يعني جيڪڏهن اُسامه بابت ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا سچ پچ به بي خبر هئا تڏهن به ۽ جي نه هئا تڏهن به.
تازو ايبٽ آباد ڪميشن جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي آهي، ان لاءِ ناز سهتي بلڪل صحيح چيو ته اها رپورٽ به بلڪل ايئن آهي جيئن مير مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت بابت رپورٽ پڌري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڪابه خبر نه پئجي سگهي ته ان جي قتل پٺيان اصل ذميوار ڪير هئا ۽ ان جا محرڪ ڇا هئا؟ هن ڀيري به رپورٽ ۾ حڪومت ۽ پوليس جي لاپرواهيءَ کي ذميوار ڄاڻايو ويو آهي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته ان سطح جي حساس سيڪيورٽي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن بابت بنيادي طور ڪير ذميوار آهي؟ سويلين حڪومت ۽ پوليس يا ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا؟ ۽ هن ملڪ ۾ حساس معاملن ۾ انٽيليجنس جو ڪم به سويلين حڪومت ڪندي ته پوءِ سيڪيورٽي ادارا ڇا ڪري رهيا آهن؟
ايبٽ آباد واقعي هڪ ٻيو به بنيادي سوال اُٿاريو آهي ته ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا بلوچستان مان ته مکڻ مان وار ڪڍي ٿا اچن، هزارين سياسي ڪارڪنن کي کنڀيو ٿو وڃي، سنڌ ۾ مظفر ڀُٽي، سرائي قربان کهاوڙ ۽ ڪيترن سياسي ڪارڪنن کي ته ڳولي ڳولي ماري سندن لاش رستن تي ڦِٽي ڪري ٿا وڃن ۽ انهن ”محاذن“ تي اِهي ادارا نهايت ڪامياب نظر اچن ٿا پر اُهي اُسامه بن لادن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾ ڇو نه ٿا ڪامياب ٿين؟ هو بندش پيل مذهبي انتهاپسند ڌرين جي دهشتگردن تائين ڇو نه ٿا پُڄي سگهن يا ڪراچيءَ ۾ کين ڪي به سرگرم ”ملڪ دشمن“ هَٿَ ڇو نه ٿا نظر اچن؟ باجوڙ، دير ۽ وزيرستان ۾ اِهي ادارا ڪاميابيون ڇو نه ٿا ماڻين؟ سوال اِهو ٿو اُڀري ته ڪٿي اِيئن ته ناهي ته جتي سندن اوليتون آهن ۽ جتي هو پنهنجون من پسند ڪارروايون ڪرڻ چاهين ٿا، اُتي وڏي ڪاميابيءَ ۽ ”مهارت“ سان گهربل نتيجا حاصل ڪن ٿا ۽ جتي هو نِهارڻ چاهين ئي نه ٿا ته اُتي کين ”ڪجهه“ به نظر ڇو ايندو؟ ان ڪري شايد سوال ”اکين جي ديدَ“ جو ناهي پر ”ڪٿي نهارجي“ ۽ ”ڪٿي نه نهارجي“ جي اوليتن جو آهي.
ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ کي هڪ وڌيڪ الميو چئجي يا هڪ سنگين چيڙائيندڙ ڀوڳ، جنهن ۾ ان ڳالهه جو ٺلهو تعين به نه ڪيو ويو آهي ته ان جو ڏوهي ڪير هو؟ جرمنيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته، ”ناڪاميءَ جو وارث ڪوبه ناهي هوندو“، پر هتي رياستي ناڪامين جو ڪو ڌڻي ڪيئن ٿيندو، جو ان اڻ وڻندڙ داستان جا پيرا ”ڪاري ڏاند جي مالڪن“ تائين پڄن ٿا.
Kawish
jchandio@cpcs.org.pk