قومي سلامتي پاليسي:زميني حقيقتون ته مڃيو!
سهيل سانگي
حڪومت قومي سلامتي پاليسي جوڙڻ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهي هئي ته ميڊيا ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ ”لِيڪ“ ڪري ڇڏي. هن رپورٽ جي ڇپجڻ بعد قومي سلامتيءَ جي نئين پاليسي جوڙڻ جي اهميت هيڪاري وڌي وئي آهي. نئين پاليسي جوڙڻ جا اعلان ڪي اڄوڪا ناهن، ڊسمبر 2008ع ۾ تڏهوڪي گهرو معاملن واري صلاحڪار رحمان ملڪ قومي اسيمبليءَ ۾ ٻڌايو هو ته، حڪومت نئين قومي سلامتي پاليسي جوڙي رهي آهي، جيڪا نون چئلينجن جو مقابلو ڪندي. نواز ليگي ميمبر احسن اقبال سعودي ماڊل تي اها پاليسي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي، رحمان ملڪ وري سريلنڪا جي پاليسيءَ جو حوالو ڏنو. ان ڳالهه کي پنج سال ٿي ويا، پر پاليسي سامهون نه آئي. هاڻي وري نواز ليگ حڪومت اها پاليسي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا جي اطلاعن موجب، هڪ مسودو پڻ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي حڪومت سياسي ۽ عسڪري قيادت سان صلاح مشورو ڪري رهي آهي. گهرو معاملن واري وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ان پاليسيءَ تي بحث ڪيو ويندو. ان اجلاس ۾ آرمي چيف، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ چئني وڏن وزيرن کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. هڪ پارٽي تحريڪ انصاف، جنهن جو پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪ اندر ويڙهاڪن بابت مختلف نقطهء نظر آهي، ان جي سربراهه عمران خان هن اجلاس ۾ شرڪت کان معذوري ڏيکاري آهي ۽ چيو آهي ته هو انهن تاريخن تي ملڪ کان ٻاهر هوندو، پر سندس پارٽيءَ جا عيوضي شرڪت ڪندا. هاڻي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته نئين پاليسيءَ بابت رٿيل ڪل جماعتي ڪانفرنس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪجهه سياسي اڳواڻ ملڪ ۾ موجود نه هوندا. حيرت جي ڳالهه آهي، جو هڪ عرصي کان تشدد ۽ دهشتگرديءَ وارين ڪاررواين ملڪ کي معاشي توڙي سياسي طور تي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏيو آهي، ٻاهريان خطرا ته ڇڏيو، ملڪ اندر لاقانونيت، دهشتگردي ۽ مارا ماري عام آهي پر اسان وٽ ڪا به مربوط پاليسي ناهي. اها سٺي ڳالهه آهي ته نواز ليگ حڪومت کي سجاڳي ٿي آهي ۽ اها قومي سلامتيءَ بابت نئين پاليسي جوڙڻ گهري ٿي. ڇا موجوده حڪومت واقعي ڪا موثر، سٺي ۽ مربوط پاليسي جوڙي سگهندي، جيڪا ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني خطرن کي، جيڪي گڏ مڏ ٿي ويا آهن، تن جو خاتمو آڻي سگهي؟ هن پاليسيءَ ۾ سڀ کان وڏا اسٽيڪ هولڊر سياسي ۽ عسڪري قوت کان علاوه پرڏيهي اثر به رهيا آهن، جيڪي اسان جي پرڏيهي پاليسي، قومي سلامتي ۽ خود ملڪ اندر امن ۽ امان جي صورتحال تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن. سوال اهو آهي ته انهن سڀني جي اطمينان وٽان اها پاليسي جوڙي ويندي؟
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي قومي سلامتيءَ وارو معاملو عسڪري اسٽئبلشمينٽ جي دائره اختيار ۾ رهيو آهي. اڃا تائين جيڪا پاليسي هلي پئي، ان جو بنيادي نقطو غير ملڪي يا ٻاهريان خطرا رهيو آهي. ڪجهه مهينا اڳ فوجي سربراهه جنرل ڪياني فوج جو نئون ڊاڪٽرائين ڏيندي اندروني معاملن کي به ان ۾ شامل ڪيو، پر اڃا تائين پراڻي حڪمت عملي ۽ پاليسي جاري آهي. مختلف حلقن ۾ اهو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته نئين پاليسيءَ جو فوڪس به پراڻو وارو ئي هوندو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇا اها نئين پاليسي بدليل حالتن ۾ ضرورتن کي پورو ڪري سگهندي؟ اهو سوال ان ڪري به اٿاريو پيو وڃي، جو ڪجهه موقعن تي سيڪيورٽي سسٽم جي ناڪامي پڻ سامهون آئي آهي.
ملڪ کي سيڪيورٽي جا مختلف قسم جا مسئلا درپيش آهن. ماضيءَ جي تجربن ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته اهي در اصل ناقص يا غلط حڪمت عملين جو نتيجو آهن. دهشتگردي، شدت پسنديءَ کي اسان جو مسئلو قرار ڏيئي محدود طريقي سان اُڪلائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ڪڏهن به ڊگهي نظر رکندي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي. هڪ اهڙي ڪوشش، جنهن ۾ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ معاشي پاليسين جو ميلاپ هجي. اهي ٽيئي جزا قومي سلامتيءَ جي حوالي سان نهايت اهم آهن. ملڪ دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ جي گهيري ۾ آهي. فاٽا، خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان سبب محرڪات ۽ طريقيڪار کي نظر ۾ رکڻو پوندو. پرڏيهي خطرا پنهنجي جاءِ تي پر معاشي بحران ۽ سيڪيورٽي جي ڪمزور هئڻ جا معاملا به سامهون اچي چڪا آهن. اهي حقيقتون به نظر ۾ هجڻ گهرجن ته لڳاتار عدم استحڪام معاشي ترقيءَ کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو آهي. هنگامن ۽ بد امنيءَ سبب قانون جي حڪمراني ڏينهون ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي. ملڪ جو وڏو صنعتي شهر ڪراچي لاقانونيت جو شڪار آهي، جتي هڪ ڊزن ماڻهو مرڻ بنهه رواجي ڳالهه بڻجي وئي آهي، هتي هٿياربند گروه پنهنجي بالادستي ۽ پٽيليءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن، جن کي مختلف سياسي، پارٽين جي سرپرستي حاصل آهي. ٻئي طرف ملڪي سڃاڻپ جهادين جي نرسري طور ٿي وئي آهي، جنهن سان نه رڳو ملڪ ۾ پر خطي ۾ به امن ۽ استحڪام جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. اسانجو ملڪ ڪجهه عرب ملڪن ۽ ايران جي وچ ۾ هلندڙ پراڪسي Proxy جنگ جو به عرصي تائين مرڪز رهيو آهي، جنهن سان هيڪاري فرقيواريت وڌي آهي پر خفيه ادارن جي رپورٽن جي حوالي سان ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيون آهن ته ڪجهه بنياد پرست گروپ ڪن عرب ملڪن جي آشيرواد سان جهادي ڀرتي ڪري رهيا آهن، جيڪي شامي باغين سان گڏجي وڙهندا. ائين ٿو لڳي ته رياست پنهنجو ڪنٽرول وڃائي رهي آهي.
پيپلز پارٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ ٽي نڪاتي فارمولو ترقي، چٿڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ متعارف ڪرايو، يعني پيچيده بحرانن ۽ تضادن کي بنا سمجهڻ يا سلجهائڻ جي چٿڻ يا چيڀاٽڻ. اهو مشرف جي پاليسيءَ جو تسلسل هو. اسين پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل بحرانن کي مڃڻ جا عادي ناهيون، ان ڪري جلد ڪو پرڏيهي نسخو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. نواز ليگ جي حڪومت چين ۽ ملائيشيا جي ماڊل کي سامهون رکي پنج نڪاتي پاليسي جوڙي آهي. زميني حقيقتون اهي آهن ته هي ملڪ معاشي طور تي ڪمزور، سياسي طور غير مستحڪم، لساني طور تي ورهايل، مذهبي طور تي فرقيواريت جي ور چڙهيل آهي. حڪمرانن ٻاهريون ماڊل ڪاپي ڪرڻ کان اڳ انهن زميني حقيقتن تي ڄڻ نظر به ڪانه وڌي. پاڪستان چين وانگر نه معاشي طاقت آهي ۽ ورري ملائيشيا وانگر خود ڪفيل. اسين ته پرڏيهي امداد يا قرض بنا جهڙو ڪر ٻڌا ويٺا آهيون. اهي نه هجن ته ڪو ضمانت ڪرائڻ وارو به نه هجي.
ڪي معاملا ملڪ ۾ تضادن ۽ بي چيني پيدا ڪرڻ جو پڻ بنياد رهيا آهن. جيڪڏهن انهن اندروني تضادن جو جائزو وٺون ته هي بنيادي نقطا بيهندا: انتها درجي جي مرڪزيت، صوبن جي وچ ۾ ٽڪراءُ، اڻ برابري، صوبن جي وسيلن تي سندن حق ملڪيت نه مڃڻ، فيصلي سازيءَ ۾ صوبن کي پري رکڻ، مذهب کي سياست ۽ حڪومت جي دائري ۾ آڻڻ. هاڻي صورتحال اها وڃي بيٺي آهي، جو هر صوبي ۾ هڪ ڌار قسم جي صورتحال آهي. فاٽا ۽ خيبر پختونخوا جي بحران ۽ بلوچستان جي بي چينيءَ کي مختلف پاليسيءَ ۽ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي، جڏهن ته فرقيواريت کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ هيڏي مارا ماري ۽ ٻين نقصانن بعد به اسان جا ادارا اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته موجوده بحران سياسي ۽ معاشي تضاد آهي. بلوچستان جي معاملي ۾ اسان جي ادارن، سياستدانن ۽ حڪومت کي سڀ کان پهرين ان تضاد کي مڃڻو پوندو ۽ ان جي حل کي وسيع نظر ۽ کليل دل سان جاءِ ڏيڻي پوندي ته ڪهڙا ڪهڙا آپشنز آهن ۽ مضبوط ارادي جو مظاهرو ڪندي ان حل تي عمل ڪرڻو پوندو.
سنڌ جو معاملو بنهه مختلف آهي. جتي سنڌ جي وحدت جو سوال به آهي ته وري ڪراچيءَ ۾ مختلف مافيائون سرگرم آهن، جن وٽ هاڻي رڳو هٿيار ۽ افرادي قوت ئي نه، بلڪ انهن سياسي سگهه به حاصل ڪري ورتي آهي. هتي سياست ۽ عسڪريت پسندي ايترو ته پاڻ ۾ گڏ مڏ ٿي ويون آهن، جو انهن کي الڳ ڪرڻ ۽ سمجهڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي وسيلن ۽ صوبائي حقن جو پڻ سوال آهي، جيڪو صوبي اندر بيچينيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهي. ٽڪراءُ يا بحران جي حل لاءِ اهو ضروري آهي ته پهرين ان کي تسليم ڪيو وڃي، ان بعد ان کي سمجهيو وڃي ۽ ٽيون شرط اهو آهي ته ان جي حل بابت مختلف آپشنز تي ٿڌي دل سان ويچاريو وڃي. جيستائين نئين پاليسيءَ ۾ بحران ۽ تضاد کي مڃيو ۽ سمجهيو نه ويندو، تيستائين پيچيده ۽ ڊگهي عرصي کان جاري بحران کي حل ڪرڻ جون ڪوششون رائيگان وينديون. نئين پاليسيءَ جو اهم نقطو اهو به هجڻ گهرجي ته قومي سلامتيءَ جي معاملن ۾ پارليامينٽ جي حيثيت ۽ ان جي بالادستي تسليم ٿيڻ گهرجي. تعميري پاليسي صرف تڏهن جڙي سگهندي ۽ نتيجا ڏئي سگهندي، جڏهن ان ۾ ماضيءَ جي غلطين، موجوده بحران کي مڃيو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ اصل اسٽيڪ هولڊرن کي مڃتا ڏيندي انهن کي جاءِ ڏني ويندي.
No comments:
Post a Comment