لياري جو تضاد: حقيقت ڇا آهي؟
غلام مصطفيٰ بلوچ
’هو وٺڙا مينهن ملير تي، جيڪر هيس ڌاري، در در تي رلائي ٿي ماني، اهي تير نه هڻ پل پل تون، سهڻا پنهنجي اکڙين کي جهل تون، ملان ملان نه ڪريو..‘ هي سڀ سريلا آواز سنڌ جي دل ڪراچيءَ جي انهن مزدورن جي بستين مان گونجندا هئا، جتي اڄ گولين جا آواز گونجن ٿا. استاد ابراهيم، عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، موسى حسين سمون ۽ ڇير ٻڌي سنڌي موسيقيءَ کي سر ڏيندڙ سائين سليمان شاهه سڀني جو تعلق لياري سان هو، سڄي ڪراچيءَ ۾ اوپرائپ محسوس ٿيڻ کانپوءِ جڏهن گارڊن، جهونا مارڪيٽ، لي مارڪيٽ، سمنڊ جي طوفان کان پوءِ ڪراچيءَ جو سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جو در ’کارا در‘ ۽ لياري نديءَ جي مٺي ۽ صاف پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ’مٺا در‘ نوا لين، ڪلاڪوٽ، چاڪيواڙا ۽ سائين اياز قادري جي ڪردار ’بلو دادا‘ جي هوٽل جنگيان هوٽل جڏهن پهچبو هو، ته ايتري پنهنجائپ لڳندي هئي، جيئن ايڌي سينٽر ۾ سالن کان ترسيل لاوارث ٻار کي ماءُ پيءُ مليا هجن، منهنجي انسيت سان ڀرپور پل پل جون يادون وابسته آهن، انهن گهٽين سان، جنهن کي اولڊ ڪراچي چئبو آهي. بلوچن جي جدگال پاڙي نوا لين ۾ منهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن گذريا، اڄ به صرف اکيون بند ڪري تصور ڪندو آهيان ته جدگالن جي پاڙي کان صرف روڊ پار ڪري، ڪنڀار واڙي ۾ جيڪو ڪڇين جو محلو آهي، تنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي اڄ به سيخ ڪباب جي انهيءَ دڪان تي محسوس ڪندو آهيان. اڄ به ڪنڀار واڙي ۾ ادي شبانه جو گهر، جيڪا ڪڇياڻي هئي، جنهنجي امڙ مونکي گلي لڳائيندي هئي ته پنهنجي سڳي ماءُ جي آسيس ايندي هئي. تصور به نه ٿو ڪري سگهان ته منهنجي هڪ ڀيڻ جو گهر بلوچ پاڙي ۽ ٻي ڀيڻ جو گهر ڪڇي پاڙي ۾ هو ۽ اڄ اهي ٻئي گهر هڪ ٻئي تي گوليون هلائيندا هوندا! جيڪڏهن نوا لين ۽ ڪنڀار واڙي ۾ هڪ ٻئي تي گوليون نه ٿيون هلن ته پوءِ مان سوچي به نه ٿو سگهان ته بغدادي، هنڱورا آباد، چاڪيواڙا، کارا در ۾ ڪڇي ۽ بلوچ هڪ ٻئي تي گوليون هلائيندا هوندا ته پوءِ هي جهيڙو ڇا جو آهي؟ سنڌ جي ڳوٺن ۾ جڏهن چوري ٿيندي آهي ته چور جو پير کڻندا آهن ته چور اصل ڪٿي جو آهي، سندس دنگ ڪٿي آهي. اچو ته لياري جي بلوچ -ڪڇي تضاد جا پير کڻون ته اصل تضاد جا ڪارڻ معلوم ٿي ويندا. بلوچ، ڪڇي تضاد ۾ مون کي ڪوبه سياسي اختلاف نظر نه ٿو اچي. ڇو جو پيپلز پارٽي جي قيام کان 1967ع کان اڳ تائين، سڄي لياري ۾ ٻئي برادريون (بلوچ ۽ ڪڇي) هارون خاندان کي ووٽ ڪنديون هيون، سياسي افق تي ذوالفقار علي ڀٽو جو نمودار ٿيڻ کانپوءِ ٻئي برادريون اڄ 2013ع تائين پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏين ٿيون ته پوءِ سياسي اختلاف ڇا جو؟
معاشي اختلاف به ناهي، ڪڇي برادري دڪانداري ۽ ننڍن ڪاروبارن ۽ ماهيگيري تي روزگار ڪري ٿي، جڏهن ته بلوچ برادري، مزدور ننڍين نوڪرين ۽ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار ڪن ٿا. سماجي طور سڄي لياري ۽ اولڊ ڪراچي ۾ محله داري آهي، ڪميونٽيز هڪ ٻئي جي شادين ۽ غمين ۾ برابرجون شريڪ آهن. سياسي، معاشي ۽ سماجي اختلاف به نه آهن ته پوءِ هتي صدين کان گڏ رهيل ڪميونٽين ۾ اصل جهيڙو ڇا جو آهي؟ جيڪڏهن مان چوان ٿو ته بلوچ ڪڇي تضاد ناهي ته پوءِ اسان کي پير کڻڻا پوندا ته اصل چور ڪٿي آهي؟ لياري گينگ وار، اسان جي نام نهاد قومي ۽ متعصب ميڊيا جو بار بار دهرائيندڙ لفظ آهي. پهرين ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته ’ لياري گينگ وار‘ جي اصل ڪهاڻي ڇا آهي؟ لياري ۾ حاجي لال محمد، جيڪو حاجي لالو جي نالي سان مشهور آهي، سو منشيات جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ بلوچستان جي ٽرانسپورٽ، جنهن ۾ اڪثريت ٽرانسپورٽ بلوچن جي آهي، انهن کان ڀتو وٺندو هو، انهي گروپ ۾ عبدالرحمان هو، جنهن کي رحمان ڊڪيت چيو ويندو هو، انهن ٻنهي جا پاڻ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ رحمان پنهنجو الڳ گروپ ٺاهيو، جڏهن ته حاجي لالو گروپ جي قيادت سندس پٽ ارشد پپو سنڀالي. انهي دوران عذير جان جي والد فيض محمد کي به ارشد پپو وارن (جيڪو ٽرانسپورٽر هو، ڀتو نه ڏيڻ تي ارشد پپو قتل ڪيو) ۽ بعد ۾ رحمان کي گرفتار به ڪيو ويو، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ رحمان آزاد ٿيو ته هن ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي هئي. هو هڪ ريفارمر جي طور سامهون آيو، هن پيپلز امن ڪميٽي نالي فلاحي ادارو قائم ڪيو، هن مشهور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي سان رابطو ڪيو ته مان جهونا مارڪيٽ، کڏو، نيا آباد، لياري، لي مارڪيٽ سميت تنهنجي قرباني جي کلن جي حفاظت ڪندس (ڇو ته ايڌي جون قرباني جون گڏ ڪيل کلون هڪ سياسي پارٽي کسي ويندي هئي)، پر انهي جي بدلي ۾ ايڌي کي هن تقريباً لياري جي 200 خاندانن جي لسٽ ڏني ته اوهان انهن جي ڪفالت ڪريو. رحمان محترمه بينظير ڀٽو جي قافلي جي حفاظت جي ذميواري کنئي ۽ 18 آڪٽوبر تي محترمه جي ڀليڪار ريلي تي ڪارساز تي جيڪو ڌماڪو ٿيو، انهي ۾ سندس 80 کان مٿي ڪارڪن شهيد ٿيا، پر هن محترمه کي با حفاظت بلاول هائوس پهچايو. رحمان کي پوليس مقابلي جو ڊرامو رچائي کيس ملير ۾ قتل ڪيو ويو ۽ امن ڪاميٽي جي واڳ عذير جان سنڀالي. هن امن ڪاميٽي کي وڌيڪ فعال ڪيو، پٺاڻن، پنجابين ۽ ٻين برادرين سان گڏجي ڪراچي سٽيزن الائينس ٺاهيو. اولڊ ڪراچي ۽ ڪراچي پورٽ جي ارد گرد ڪراچي تي حاڪميت ڪندڙ لساني گروهه جو تسلط ختم ٿيو ۽ نتيجي ۾ مغربي دنيا ۾ انهي تنظيم جي اهميت گهٽ ٿي وئي، ڇو جو ڀلي سڄي ڪراچي بند ڪئي وڃي، پر جي پورٽ هلي ٿو ۽ نيٽو جي سپلاءِ جاري آهي ته لياقت آباد، ناظم آباد بند ٿيڻ سان مغربي دنيا تي ڪهڙو اثر ٿيندو. نتيجي ۾ جڏهن مغربي دنيا ۾ سندن اهميت گهٽ ٿي ته انهن سٽيزن الائنس ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ANP سان دوستي جو هٿ وڌايو ۽ بلوچ- ڪڇي تضاد پيدا ڪيو، ڪڇي ثقافتي لحاظ سان سنڌين سان لاڳاپيل آهن، پر ڪمزور سنڌي قوم پرست پارٽين ۽ پي پي جي مفاهمتي گوڏا کوڙ جو فائدو وٺندي ڪڇي رابطا ڪاميٽي ٺاهي وئي، لفظ رابطا ڪميٽي مان اندازو لڳايو ته هي نالو ڪٿان آيو آهي. ايتري قدر جو امن ڪميٽي سان اختلاف رکندڙ ٻين گروپن، غفار ذگري گروپ ۽ اڪرم بلوچ گروپ ۽ متحده جي ويڙهاڪن کي ڪڇي علائقي ۾ داخل ڪيو ويو، لياري ۾ ويڙهه اگر بلوچن ۽ ڪڇين (ڪڇي سنڌي آهن) جي آهي ته پوءِ غفار ذگري، اڪرم بلوچ، بلوچ آهن، جيڪي آگرا تاج ڪالوني ۽ ٻين ڪڇي علائقن مان بلوچ آبادين تي فائرنگ ڪري رهيا آهن ۽ وري تاجو ڪڇي امن ڪميٽي طرفان ڪيئن وڙهي رهيو آهي؟ جيڪڏهن اهو جهيڙو بلوچ -ڪڇي جهيڙو آهي ته پوءِ نوا لين، ڪنڀار واڙو، سنگولين ۽ ٻڪرا پڙي ۾ اهو جهيڙو ڇو ناهي، جتي بلوچ ۽ ڪڇي پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا ۽ ايتري قدر جو انهن علائقن ۾امن ڪميٽي جي واڳ تاج محمد عرف تاجو جي هٿ ۾ آهي، جيڪو خود ڪڇي آهي. منهنجي خيال ۾ هن جهيڙي جا ٽي بنيادي ڪارڻ آهن.
1. مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڪراچي جي سياسي پارٽي جو اثر پورٽ تان ختم ٿي چڪو آهي، انهي لاءِ هن پارٽي پورٽ تي قبضو ڪرڻ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي آهي ۽ آگرا تاج، بهار ڪالوني ۾ پنهنجا ويڙهاڪ داخل ڪيا آهن. سنڌ پوليس توڙي وزير اعظم جي ڪميٽي، ٻنهي اهو بيان ڏنو آهي ته لياريءَ جو جهيڙو اندروني ناهي، پر ٻاهرين جو آهي. انهيءَ جهيڙي جا ٻه مقصد آهن، هڪ اولڊ ڪراچي تي وري تسلط قائم ڪجي، ڇو ته اها ڪراچي جي وڏي ۾ وڏي هول سيل مارڪيٽ آهي ۽ اها سياسي جماعت وڌ ۾ وڌ ڀتو هتان حاصل ڪندي هئي، ٻيو ته پورٽ تي قبضو ڪري لنڊن ۾ پنهنجي قائد لاءِ رعايت وٺجي.
2. هن اليڪشن ۾ ڪڇين کي پ پ پ نظرانداز ڪيو. اڳ هميشه ڪنهن نه ڪنهن هنڱوري کي ٽڪيٽ ڏيندي هئي، پر هن اليڪشن ۾ پي پي سڀ ٽڪيٽون امن ڪميٽي حوالي ڪيون، جنهن سان ڪڇين ۾ احساس محرومي پيدا ٿي.
3. پي پي ڇڏي متحده ۾ شامل ٿيڻ واري لياري جي اڳوڻي نمائندي انهيءَ جو ڀرپور فائدو ورتو. پهرئين لياري ۾ ميانوالي اتحاد ٺاهي لياري ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري چڪو هو، کيس انهيءَ جي انعام ۾ عزيز آباد مان 2013ع جي اليڪشن ۾ کٽرايو ويو.
بهرحال هن پوري جهيڙي ۾ غريب ڪڇي ۽ بلوچ متاثر پيا ٿين، جنهن جي نتيجي ۾ ڪڇي بدين، ٺٽي ڏانهن لڏ پلاڻ پيا ڪن، جتي سندس سار سنڀال ڪير به نه پيو لهي. سنڌ جي قوم پرست ڌرين ۾ استعداد جي کوٽ ۽ پي پي جي مفاد پرستي ۽ گوڏا کوڙ مفاهمتي پاليسي جي ڪري سنڌي قوم جو هي حصو متحده ڏانهن راغب پيو ٿئي. هن جهيڙي جي حل لاءِ ضروري آهي ته آگرا تاج ڪالوني ۽ بهار ڪالوني ۾ موجود ڌارين ويڙهاڪن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقامي ويڙهاڪن کي به قابو ڪيو وڃي ۽ هڪ سنڌي ۽ بلوچ ڪميونٽين تي مشتمل هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا ٻنهي برادين کي پاڻ ۾ ويهاري مصالحت جون ڪوششون ڪري. انهيءَ جي لاءِ حسين هارون، يوسف مستي خان، حڪيم بلوچ جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، لياري جي بزرگ ڪميٽي ۽ عبدالستار ايڌي کي به ڪو ڪردار ڏنو وڃي، ٻئي طرف وفاق طرفان وفاقي وزير داخلا، سنڌ جي سيڪريٽري داخلا، آءِ جي سنڌ جي نگراني ۾ انتظامي ڪميٽي ٺاهي وڃي، هر حال ۾ غريب ڪڇين ۽ بلوچن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ اولڊ ڪراچي مان ڀتا خوري (ڪنهن به گروپ جي هجي) ختم ڪئي وڃي.
mustafa_baloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment