لياري رڳو ڪڇين جي مسئلن تائين محدود ناهي
ڊاڪٽر مير عالم مري
گذريل سال ٻن کان وٺي لياريءَ ۾ بدامني، دهشتگرديءَ جو مسئلو نمايان آهي، جنهن ۾ تازو وڌيڪ شدت آئي آهي. ڪڇي برادريءَ جا ڪيترائي ماڻهو، پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي دربدريءَ تي مجبور ڪيا ويا آهن. هونئن ته سڄي ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي پر لياريءَ جي حوالي سان هن وقت تائين ميڊيا تي يا سرڪار پاران يا مخالف ڌر پاران جيڪي تجزيا ڪيا ويا آهن ۽ نتيجا ڪڍيا ويا آهن، اهي هيٺيان آهن:
.پيپلز امن ڪميٽي، لياريءَ جي بلوچن جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ ايم ڪيو ايم جي اثر کي روڪڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ٽئين سياسي قوت طور بڻجي اُڀري پئي.
.لياريءَ ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ چاهي ٿي ۽ ڪڇين جي معرفت ويڙهه وڙهي پئي وڃي.
.عام چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ سبب لياريءَ ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي ۽ بلوچ ۽ ڪڇي ٻن برادرين جو پاڻ ۾ جهيڙو آهي.
.موجوده وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت کي نظر انداز ڪري، لياري مسئلي جي آڙ ۾ آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي ۽ پيپلز پارٽي حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ چاهي ٿي، وغيره.
اسانجي معلومات، مشاهدي ۽ تجربي موجب، مٿي بيان ڪيل سمورا تجربا ۽ نتيجا يا ته مخصوص مفاد رکندڙ سياسي ڌرين پاران قائم ڪيا ويا آهن يا وري اڌوري ۽ غلط معلومات تي مبني آهن. اچو ته ڏسون ته اصل حقيقت ڇا آهي؟
لياري ڪراچيءَ جي قديم ترين وسندي آهي، جنهن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ذاتيون ۽ برادريون تڏهن کان رهندڙ آهن، جڏهن ڪراچي، ڪلاچي سڏبي هئي. انهن ذاتين ۾ هڱورا، ڪڇي، منڌرا، ڀٽي، سومرا ۽ ٻيا شامل آهن. لياريءَ ۾ آباديءَ جو ٻيو وڏو تعداد بلوچن جو آهي، جيڪي پڻ قديمي رهواسي آهن، جيڪي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا بلوچستان جي مڪران، تربت، گوادر جي علائقن سان تعلق رکندڙ رهيا آهن ۽ ٻيا ايراني بلوچستان سان تعلق رکندڙ آهن. پئسي ۽ ڪاروبار جي لحاظ سان هتان جا مقامي قديمي رهواسي بلوچ توڙي سنڌي، ماهيگيري، واپار، سپاهه گيري ۽ ڏهاڙي اجرت سان لاڳاپيل رهيا آهن. سياسي لحاظ سان، گذريل چئن ڏهاڪن کان وٺي، پارليماني سياسي حوالي سان لياري، پيپلز پارٽيءَ جو مضبوط ڳڙهه رهيو آهي، جڏهن ته قومي تحريڪن جي حوالي سان لياري، سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن جو اهم مورچو رهي آهي. پيپلز پارٽي وارا، جيئن وڏيرڪي، زمينداري ذهنيت ۽ نفسيات هوندي آهي، پنهنجن تڪن کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهندا آهن، اهي انهن سياسي جاگيرن مان ووٽ ته وٺندا آهن پر ترقياتي ڪم نه ڪرائيندا آهن. سڄي سنڌ وانگر، سنڌ جي ان وسنديءَ لياريءَ جو به اهو ئي حال آهي. پاڻي، بجلي، گئس، روزگار، امن گم آهي، ناليون، اسپتالون، اسڪول، پارڪ وغيره ۽ امن ناپيد آهي.
گذريل دورِ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ۽ مفاهمتي پاليسيءَ جي سوال تي، خود پيپلز پارٽيءَ اندر اختلاف هو، جنهن جو حل، ڪجهه اڳواڻن اهو ڪڍيو ته MQM جو زور ٽوڙڻ لاءِ، ڪراچيءَ ۾ لياريءَ کي بنياد بنائي، پيپلز امن ڪميٽيءَ جو بنياد وڌو ويو. امن ڪميٽيءَ کي پئسو، سياسي تحفظ ۽ هٿيار به مليا، ۽ کين Free Hand ڏنو ويو. نتيجي طور امن ڪميٽي خود بدامنيءَ جو سبب بڻجي وئي. اقتداري مفادن ۽ مصلحتن سبب، اڳتي هلي امن ڪميٽيءَ کان پهرين لاتعلقي اختيار ڪئي ويئي ۽ بعد ۾ پابندي وڌي وئي پر ان وچ ۾ اُهي مَچي مواڙ ٿي ويا ۽ خود انهن جي به ڪنٽرول مان نڪري ويا، جيڪي ان جا ڄڻيندڙ ۽ نپائيندڙ هئا. امن ڪميٽي ڪيئن ۽ ڪنهن جي هٿان استعمال ٿي، ان جو مثال هن ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته نه رڳو پيپلز پارٽيءَ کي، سنڌ حڪومت کي ان مان اعلان ڪري هٿ ڪڍڻا پيا پر لياري، جيڪا قومي سياست جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن جو مورچو هئي، ان لياريءَ مان سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن کي ختم ڪيو ويو ۽ سياست جي جاءِ تي ڏوهه حاوي ٿيو. انهيءَ فساد جو سڀ کان پهرين نشانو جيئي سنڌ هلچل ۽ بلوچ قومي تحريڪ بڻي. نعيم منڌرو، سهيل ابڙو، جاني شاهه، مشتاق شيخ کان وٺي سوَن جي تعداد ۾ جيئي سنڌ سان لاڳاپيل قومي ڪارڪنن کي، پنهنجن ڪُٽنبن سميت، لياريءَ مان دهشگردي جي زور تي لڏايو ويو ۽ امن ڪميٽيءَ جي آڙ ۾ خود لياريءَ جي بلوچن سان به اهي ويل وهايا ويا، جو خود منهنجي
ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي ۾ لياريءَ جي بلوچن جا پنجاهه گهراڻا بي گهر دربدر ٿي، واسطيداريءَ جي بنياد تي اچي رهي پيا آهن. اهي ڳالهيون نه ميڊيا تي آيون ۽ نه سرڪار ڪا فرياد ٻُڌي. اڄ به لياريءَ جا بلوچ جيڪي اڃا رهن پيا، خود انهي به PAC جي دهشت جا شڪار آهن ۽ سنڌي ۽ بلوچ قومي ڪارڪن انهن سان وڙهي ٿڪجي، بي يارو مددگار ٿي، پنهنجا گهر خالي ڪري لڏي چُڪا آهن ۽ انهن جي گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا آهن. نتيجي طور اڄ لياري سنڌي ۽ بلوچ قومي تحريڪن جي سرگرم ڪارڪنن کان خالي ٿي چُڪي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ئي ڪجهه اڪابرن جي تخليق PAC ايتري آپي کان ٻاهر نڪري ڇڙواڳ ٿي وئي، جو رفيق انجنيئر کان وٺي نبيل گبول تائين خود پيپلز پارٽيءَ جا ئي ماڻهو لياريءَ کان ٻاهر رهڻ تي مجبور ڪيا ويا. مون کي ڏاڍي حيرت آهي ان سياسي ڌر تي، جنهن ٻه سال اڳ لياريءَ مان محبت سنڌ ريلي ڪڍي هئي، لياري جي مسلسل ۽ موجوده رتو ڇاڻ ۽ لڏ پلاڻ بابت ان ڌُر جي مڪمل خاموشي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. رهيو سوال ايم ڪيو ايم جو، ته نبيل گبول جهڙن پراڻن پ پ پ اڳواڻن پاران، MQM ۾ شموليت بعد ظاهر ڳالهه آهي ته اهي پنهنجن ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي تحفظ لاءِ ڪجهه ته ڪندا. ڪجهه ڪڇي نوجوان به MQM ۾ آهن، تنهنڪري پنهنجن ڪارڪنن جي بچاءَ لاءِ MQM انهن جي مدد ڪري ٿي. اسين جيئي سنڌ وارا يا پيپلزپارٽي وارا، پنهنجن حامين، ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي نڌڻڪو ڇڏي ڏيندا آهيون، انهن جي مالڪي نه ڪندا آهيون ته اهو ضروري ڪونهي ته ٻيا به ائين ڪن. تنهنڪري لياريءَ اندر قتل، غارتگري، دهشتگرديءَ جا سبب ۽ نتيجا اڄڪلهه ڪڍيا پيا وڃن، منهنجي نظر ۾ اهي صحيح ناهن. جڏهن ته بنيادي ڳالهه اها آهي ته:
.لياريءَ جي مورچي مان سڀ کان پهرين سنڌي ۽ بلوچ قومي تحريڪن کي بيدخل ڪيو ويو آهي.
.سياست جي جاءِ تي منظم ڏوهاري ٽولا وجود ۾ آندا ويا آهن.
.رڳو ڪڇين جو مسئلو ناهي پر لياريءَ ۾ رهندڙ منڌرا، هنڱورا، ڀٽي، سومرا، بلوچ وغيره سڀ ان بدامنيءَ ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار آهن.
.پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجن ئي فيصلن ۽ اندروني تضادن جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، پنهنجن ئي هٿن سان پيدا ڪيل ڏاڍا مڙس انهن جي به ڪنٽرول ۾ ناهن رهيا. پ پ پ وارا MQM سان به ٺهڻ چاهين ٿا ۽ رياستي طاقت جي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي نه اهليت آهي ۽ نه سياسي ارادو.
.وفاقي حڪومت، مسلم ليگ (ن) وارا ان صورتحال جو فائدو وٺي سگهن ٿا. بدامني کي بنياد بنائي سنڌ ۾ وفاقي مداخلت ڪنهن به شڪل ۾ ڪري سگهن ٿا، سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي ڪجهه ڪري سگهڻ جي نه حيثيت ۾ آهي ۽ نه ئي ڪجهه ڪري سگهڻ جو انداز ئي اختيار ڪري ٿي.
.ڪجهه سياسي ماڻهو اهڙا هئا، جن پهرين امن ڪميٽيءَ کي ڪراچيءَ ۾ ٽئين متبادل سياسي طاقت پئي سمجهيو ۽ چيو پر هاڻي اُهي وري تحريڪ انصاف کي ڪراچيءَ ۾ ٽئين قوت ثابت ڪرڻ لاءِ دليل بازيءَ ۾ مصروف آهن ۽ اهي ٻئي مفروضا ۽ تجزيا غلط آهن.
.ان سڄي صورتحال جو اصل فائدو، افغاني پٺاڻ، ڪشميري، پنجابي، سرائيڪي ۽ بنگالي وغيره وٺي رهيا آهن، جيڪي نه رڳو قانوني ۽ غير قانوني طريقن سان نه صرف ڪراچي پر سڄي سنڌ ۾ وڌي ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن.
مسئلي جو حل:
منهنجي نظر ۾ لياريءَ سميت سڄي ڪراچي ۽ ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ بدامني ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت يا حڪومت کان ٻاهر ويٺل سياسي جماعتن کي سڀني اختلافن جي باوجود، هيٺين قدمن تي اتفاق ڪرڻو پوندو. اهي گهٽ ۾ گهٽ ڳالهيون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان امن جي قيام ۾ وڏي مدد ملندي.
.ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ فوري طور تي غير قانوني ۽ غير ملڪي ڌارين ماڻهن کي فوري طور واپس انهن جي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.
. پاڪستان جي ٻين صوبن مان آيل ماڻهن جي سنڌ اندر ووٽ ڏيڻ ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.
.سنڌ حڪومت انهن ماڻهن کان مخصوص Tax وٺي ورڪ پرمٽ جاري ڪري ۽ ان لاءِ آئيني ترميمون ڪيون وڃن.
.رينجرز کي سنڌ مان واپس موڪليو وڃي ۽ اُتي سنڌ حڪومت جي اربين رپين جي رقم کي سنڌ پوليس تي خرچ ڪيو وڃي.
.دهشت پسند ۽ ويڙهاڪ تنظيمن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سنڌ حڪومت سخت فيصلو ڪري.
.حڪومت، مخالف ڌرين ۽ شهرين جي نمائندن تي ٻڌل امن ڪميٽي ٺاهي لڏي ويل سڀني ماڻهن کي واپس سندن اجهن تي آڻي رهايو وڃي ۽ انهن جي ٿيل نقصانن جو سنڌ حڪومت فوري طور تي تدارڪ ڪري.
dr_meeralammari@yahoo.com
No comments:
Post a Comment