Thursday, July 18, 2013

ذکر سنڌوءَ جي کاٻي پاسي واري ماسٽر پلان جو محمد ادريس راجپوت


ذکر سنڌوءَ جي کاٻي پاسي واري ماسٽر پلان جو محمد ادريس راجپوت سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طرح سنڌ جي ضلعي بدين جي ماڻهن کي ڄاڻ آهي ته اربين رپيا خرچ ڪري ٺاهيل ايل بي او ڊي جو شاهه سمندو کوري ۾ ڪرندڙ ٽائڊل لنڪ سال 1992ع واري سامونڊي طوفان ۾ ٽٽي پيو ۽ ان جو چولري ويئر ڪري پيو، جنهنڪري سمنڊ جي اها کوري هاڻي ملڪ ٻوڙي ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين جي زيرو پوائنٽ تي پهچي وئي آهي ۽ ان جي اڃا اڳتي وڌڻ جا امڪان آهن. (ڏسو نقشو) هتي اها ڄاڻ ڏيندو هلان ته LBOD کاٻي پاسي جي ٽن ضلعن شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي ايراضيءَ مان سم ۽ ڪلر گهٽائڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، جيڪا سال 1997ع ۾ مڪمل ٿي. انهيءَ اسڪيم مٿين ايراضين کي ته فائدو ڏنو پر سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ بدين مان لنگهندي اُنهيءَ جي رهاڪن کي سور ڏنا. لاڙ جي ماڻهن جا خدشا: جڏهن کان ايل بي او ڊي ٺهي آهي، تڏهن کان ٺٽي ۽ بدين ضلعن جا ماڻهو ۽ سامونڊي پٽيءَ وارا رهاڪو اهو چوندا رهيا آهن ته LBOD انهن کي سور ڏنا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ضلعن جي اُپت وڌائڻ کي ترجيح ڏئي بدين، ٺٽي ۽ سامونڊي پٽيءَ کي نقصان رسايو ويو آهي. هنن محسوس ڪيو ته سم وارو پاڻي انهن ضلعن مان گذارڻ جي ڪري اتي تمام گهڻا منفي اثر ٿيا آهن ۽ اِتي فصلن جي پيداوار، توڙي مڇين جو نسل گهٽجي ويو آهي، ماڻهن جي روزگار جا ذريعا گهٽجي ويا آهن ۽ غربت وڌي وئي آهي. ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته سمنڊ جي چڙهي اچڻ ۽ سم ناليون اُبتيون وهڻ جي ڪري اُتي جون زرخيز زمينون ڪلراٺيون ۽ سم زده ٿي ويون آهن ۽ سامونڊي پٽيءَ ۽ قدرتي ماحول کي گهڻو نقصان ٿيو آهي. احوال ڪجهه برساتي ٻوڏن جو: سال 2003ع واري سانوڻيءَ جي برساتن LBOD جي ايراضيءَ ۾ بدين ضلعي ۾ تمام گهڻو نقصان ڪيو. ماڻهن سرڪاري ٺاهيل هنڌن (Inlets) بدران سم نالين ۾ ڪيترا غير قانوني ڪٽ ڏنا، جنهن ڪري LBOD اُٿلي پئي ۽ بدين جي نالين ۾ اُبتو پاڻي اچڻ ڪري اهي سم ناليون پاڻي نيڪال ڪري نه سگهيون. انهيءَ وقت واهه به ٽمٽار پئي هليا ۽ کاتيدارن پنهنجا ڪڙيا بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري آبپاشي وارن کي واهن جو پاڻي LBOD ۾ ڇڏڻو پيو. پاڻيءَ کي KBOD ۾ گهٽائڻ لاءِ DPOD جي آر ڊي 159 واري ريگيوليٽر جي Crest کي هيٺ لاٿو ويو. سال 2006ع ۾ لاڙ ۽ وچولي سنڌ ۾ زبردست مينهن پيا. سانگهر، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽو، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ مينهن جو 42 سالن وارو رڪارڊ ٽٽي پيو. اهو سڄو پاڻي LBOD ذريعي سمنڊ ۾ ويو، جنهنڪري بدين ضلعي جون سم ناليون بند ٿي ويون ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيو. سڀني کان گهڻو نقصان ڏيندڙ برساتون سال 2011ع واريون هيون، جيڪي سنڌ جي کاٻي پاسي وارن ضلعن ۾ پيون. 423 ملي ميٽر کان 1143 ملي ميٽر تائين مينهن پيو. جيئن ته سامونڊي علائقن ۾ زمين سنوت ۾ ٿئي ٿي ته انهيءَ پاڻيءَ کي ڪڍڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون آيون، ڪيترا علائقا ٻڏي ويا ۽ پاڻي مهينن جا مهينا بيٺو رهيو. قدرتي وهڪرن ۽ پاڻيءَ جي لنگهن ۾ حد دخليون ۽ رڪاوٽون هجڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. وڌيڪ خرابي اها ٿي ته واهه ٽمٽار پئي هليا، جنهن ڪري واهن ۾ کنڊ پيا ۽ برساتي پاڻيءَ سان گڏ انهيءَ پاڻيءَ به ملڪ ٻوڙيو. فصلن ۽ مال مويشي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو، روڊ رستا ٽٽي پيا، سرڪاري اسڪول ۽ اسپتالون ڊهي پيون. اٽڪل 500 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. آفتن کي منهن ڏيڻ واري صوبائي اٿارٽيءَ مطابق، اٽڪل ساڍا 38 هزار ڳوٺ، 93 لک ماڻهو متاثر ٿيا، اٽڪل 16 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا. نقصان جو ڪاٿو 454 ارب رپيا لڳايو ويو. کاٻي ڪپ وارو ماسٽر پلان: LBOD اسڪيم 1997ع ۾ پوري ٿي، جنهن جو ٽائيڊل لنڪ ۽ چولري ويئر سال 1999ع ۾ ٽٽي پيا. انهيءَ نقصان جي جاچ لاءِ ڪاميٽيون ٺهيون، جن ۾ سڀني کان اهم عالمي بينڪ جي ڪاميٽي هئي، جنهن انهيءَ اسڪيم لاءِ وڌ ۾ وڌ پئسا ڏنا. ان جاچ جو نتيجو اهو نڪتو ته ٽائيڊل لِنڪ هيڊرالڪ ماڊل جي روشنيءَ ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته شاهه سمنڊو کوري مان ايندڙ ويرَ جي ڪري ٽائيڊل لِنڪ ۾ کاڌ نه ٿيندي، پر ٿيو انهيءَ ابتڙ. ٽائيڊل لنڪ ۾ تمام گهڻي کاڌ ٿي ۽ اهو نقصان ٿيو ۽ هاڻي شاهه سمندو کوري KPOD جي زيرو پوائنٽ تي پهچي وئي آهي ۽ اڃا وڌي سگهي ٿي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته جنهن اداري جي غلط ڊيزائن ڪرڻ سبب اها ڪري پئي، اهو انهيءَ نقصان اهو ادارو ڀري ڏئي ۽ نقصان لاءِ عالمي بينڪ مدد ڏئي ٺهرائي ڏئي، پر ائين نٿو ٿئي. مدد ڏيڻ بدران هو ٻيو قرض ڏئي سگهن ٿا. عالمي بينڪ واٽر سيڪٽر اسٽڊي پراجيڪٽ جي نالي سان هڪ ٻيو قرض ڏنو، جنهن ۾LBOD کي ٺاهڻ بابت اهو جز رکيو ويو، جنهن جو نالو Regional master plan for the left bank of Indus, Delta and coastal zone رکيو ويو. انهيءَ پروگرام هيٺ اهو اڀياس هلي رهيو هو، جڏهن سال 2011ع واريون زبردست برساتون پيون. انهن برساتن جي اثرن جو جائزو وٺي اڀياس ڪندڙ اهو اڀياس مڪمل ڪيو آهي، جنهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو: صلاحڪاري طريقو: اڀياس ڪندڙن انهيءَ لاءِ صلاحڪاري طريقو اختيار ڪيو، يعني واسطيدار ماڻهن ۽ ڌرين سان ملاقاتون ۽ انهن جا مشورا. انهيءَ لاءِ پهرين ماڻهن کان مسئلن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته انهن کي ڪهڙيون ڏکيايون پيش اچن ٿيون. تنهن کانپوءِ انهن کان انهن مسئلن جي حل بابت پڇيو ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ اڀياس ڪندڙن انهن مسئلن جو فني حل ٻڌائي صلاح ورتي. اُٿاريل مسئلا: کاتيدارن، سول سوسائٽي ۽ اڀياس ڪندڙن 19 مسئلن تي اتفاق ڪيو، جنهن مان پنج ڳالهيون کنيون ويون ۽ 14 ڇڏيون ويون. جيڪي ڇڏيون ويون، سي اسڪارپ جي ٽيوب ويلن جي بحالي، بندن پٺيان لوپ بند ٺاهڻ، ٻوڏ متاثرن لاءِ مٿي دڙا ٺاهڻ، کاري پاڻيءَ تي زراعت ڪرڻ، سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن جي بحالي، سامونڊي پٽيءَ ۾ جهينگن/ گانگٽن لاءِ فارم ٺاهڻ، گهوٽڪيءَ ۾ نيڪاليءَ وارو پاڻي روڪڻ، شگر ملن مان نڪرندڙ پاڻيءَ جا هاڃيڪار اثر گهٽائڻ، پيئڻ جي پاڻيءَ جي معيار کي بهتر ڪرڻ شامل آهن. جن پنجن نقطن تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سي هي آهن: .LBOD جي بحالي: انهيءَ وسيلي سم ۽ ڪلر ۽ برساتن وارو پاڻي بنا ڪنهن نقصان جي گذري ويندو ۽ سمنڊ جو چاڙهه به رڪجي ويندو. بدين جي ماڻهن جي گهر اها آهي ته KPOD تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ جيڪو پاڻي اچي ٿو، تنهن کي ڍورو پُراڻ آئوٽ فال ڊرين وسيلي شڪور ڍنڍ ۾ موڪليو وڃي. اها گهر مڃي KPOD جي گنجائش ايتري رکي وئي آهي، جيترو پاڻي اها هينئر کڻي سگهي. .قدرتي وهڪرن ۽ پاڻيءَ جي لنگهن جي بحالي: سال 2011ع واري برساتن اسان کي سبق ڏنو ته ملڪ قدرتي وهڪرن ۽ پاڻيءَ جي لنگهن ۾ حد دخليون ۽ رڪاوٽون ٿيڻ ڪري ٻڏو. اڳي جڏهن پاڻي نڪاسي وارو نظام نه هو ته پاڻي ڍورو پُراڻ ۽ ٻين قدرتي رستن وسيلي گذري ويندو هو ۽ ملڪ نه ٻڏندو هو. قدرتي ڍورن کي LBOD ڪٽي ڇڏيو هو. انهن کي وري بحال ڪري LBOD جي هيٺان گذاري ڍورو پُراڻ ۾ وڌو ويو آهي ۽ انهن سڀني جو پاڻي اسپائنل ڊرين جي آر ڊي 159 کان هيٺ DPOD ۾ وڌو ويندو. بدين مان لنگهندڙ KPOD تي وڌيڪ دٻاءُ نه وڌو ويندو ته جيئن انهن جون سم ناليون اُبتيون نه وهن. .سامونڊي پٽيءَ ۾ تمر جا ٻيلا لڳائڻ: سامونڊي پٽيءَ ۾ تمر جا ٻيلا تمام اهم ڪم ڪن ٿا. هڪڙي پاسي اهي ساموندي شدت ٽوڙين ٿا ته ٻئي پاسي جهينگن/ گانگٽن لاءِ نرسري مهيا ڪن ٿا، جتي اهي وڌي وڏا ٿين ٿا. LBOD سان لڳو لڳ، سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۽ ٻنين جي چوڌاريءَ تمر جا وڻ پوکيا ويندا، جيڪي سامونڊي کاڌ کي به روڪيندا. . ديهه آڪڙو- II ۽ چوٽياريءَ وارين ڍنڍن جي بحالي: نارا ڪئنال ۽ LBOD سان لڳو لڳ ٻه ڍنڍون آهن، انهن ۾ پاڻي پهچائڻ ۽ نڪاسي جو نظام آڻڻ سان خطري هيٺ آيل مانگر مڇن، مهمان پکين ۽ ٻين نباتات ۽ جانورن جو بچاءُ ٿي سگهندو. چوٽياري ڍنڍ مان سم گهٽجڻ سبب ۽ سڌريل نڪاسي واري بندوبست سبب فصلن جي اُپت وڌندي. . سم واري پاڻيءَ مان تجرباتي بنيادن تي ٻيلا پوکڻ: LBOD جي ٻنهي پاسن تي ڪيتريون زمينون آهن، جيڪي پاڻي نه هجڻ ڪري بنجر پيون آهن، ڇو جو اهي آبپاشي نظام جي پڇڙين ۾ آهن. اهي زمينون LBOD جي سم واري پاڻيءَ سان ٻيلا پوکي آباد ڪري سگهجن ٿيون. اها هڪ تجرباتي اسڪيم هوندي، جو اڳي اتي اهڙي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. قيمت جو اندازو: اڀياس ڪندڙن انهيءَ منصوبي جي قيمت هيٺين ريت ٻڌائي آهي: ايل بي او ڊي جي بحالي: 15.98 ارب رپيا پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن جي بحالي: 51.22 ارب رپيا تمر جا ٻيلا پوکڻ: 1.36 ارب رپيا ديهه آڪڙا ۽ چوٽياري ڍنڍ: 0.39 ارب رپيا سم واري پاڻيءَ تي ٻيلا پوکڻ: 0.31 ارب رپيا ڪل لاڳت: 69.26 ارب رپيا انهيءَ ۾ جيڪڏهن فزيڪل ۽ مالي اوچتو ٿيندڙ خرچ جوڙ ڪريون ته قيمت ٿئي ٿي 74.11 ارب رپيا. اڀياس ڪندڙن مطابق، اهي سڀئي ڪم، سواءِ تمر جا ٻيلا پوکڻ جي 6 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندا، جڏهن ته تمر جا ٻيلا پوکڻ ۾ 7 سال لڳندا. سنڌ ۾ اڃا RBOD تي ڪافي ڪم رهيل آهي، جنهن جي لاڳت جو ڪاٿو 29 ارب رپيا هو، جنهن مان 18 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن. سال 2010ع واري ٻوڏ ۾ انهيءَ کي نقصان پهتو، جنهن ڪري ان جي قيمت وڌي اٽڪل 40 ارب رپيا ٿي ويندي. پهرين هر صورت ۾ RBOD کي مڪمل ڪرڻو آهي. تنهنڪري منهنجي سوچ مطابق مٿين اسڪيم تي ڪم شروع ڪرڻ ڏکيو آهي. جڏهن سنڌ حڪومت جي مالي حالت سڌرندي، تڏهن ڪجهه ٿي سگهندو، تيستائين انگريزي چوڻي مطابق، اسانکي Wait And Watch (انتظار ڪريو ۽ ڏسو) ڪرڻو پوندو. idrisrajput@hotmail.com

No comments:

Post a Comment