Thursday, July 18, 2013

لا قانو نيت جو لقاءُ ۽ لياري واسين جي لڏپلاڻ سهيل سانگي


لا قانو نيت جو لقاءُ ۽ لياري واسين جي لڏپلاڻ سهيل سانگي سنڌ سڄي لڏ پلاڻ ۾ آهي، ٿر ۾ ڏڪار پوي ٿو ته 10 سيڪڙو آبادي لڏ پلاڻ ڪري ٿي، گذريل ٻن سالن جي ٻوڏن ۽ برساتن سبب سنڌ جي 70 سيڪڙو آبادي لڏ پلاڻ جي تلخ تجربي مان گذري ۽ هاڻي ڪراچي جي قديمي بستي لياريءَ ۾ گينگ وار ۽ لاقانونيت وڌي وڃڻ بعد ڪڇي برادري جي هزارين ماڻهن اتان لڏ پلاڻ ڪري ٺٽو، بدين، ڌاٻيجي، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين علائقن ۾ اچي پناهه ڳولي آهي. سياسي طور تي پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لياري واري علائقي جي اها به سڃاڻپ رهي آهي جو ان گذريل اڌ صدي تائين ملڪ جي جمهوري ۽ قومي حقن واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن بستي ڪيترائي ترقي پسند ۽ روشن خيال دانشور ۽ ڪارڪن پيدا ڪيا. پر هاڻي لياريءَ جو اهو پروفائل بدلجي رهيو آهي. ڏوهه، مارا ماري، اڻ سهپ ان جي سڃاڻپ بڻجي رهي آهي ۽ هاڻ ته لڏ پلاڻ جو عنصر به ان ۾ شامل ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت لياري جي بگڙجندڙ صورتحال کي سمجهڻ ۽ ان جو احساس ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. نتيجي ۾ ڪي به سياسي يا انتظامي اپاءُ نه ورتا ويا. هاڻي هتي گينگ وار ۽ لاقانونيت بعد ماڻهو سياسي توڙي سماجي حوالي سان لاوارث بڻجي ويا آهن. لياري وارو علائقو بلوچن، سنڌين ۽ ڪڇين جي گڏيل آباديءَ وارو علائقو رهيو آهي، جنهن ۾ اڪثريت بلوچن جي آهي. پر انهن ۾ لساني يا نسلي بنياد تي ٽڪراءُ ڪڏهن به نه ٿيو. هلڪا ڦلڪا ذاتي قسم جا ٽڪراءُ ٿيندا هئا ته روايتي طريقي سان انهن برادرين جا چڱا مڙس نبيري ڇڏيندا هئا ۽ مختلف ڌريون ۽ برادريون کير کنڊ ٿي رهڻ لڳنديون هيون. پر گينگ وار ۽ حڪومت جي نا اهلي سان گڏ ناڪامي هن بستي کي مافيائن جي گود ۾ اڇلائي ڇڏيو. ان بعد روايتي ٻنڌڻ ٽٽي ويا. جهيڙن ۽ ٽڪراءُ نبيرڻ جا ڀائپي ۽ راڄوڻي وارا طريقا ختم ٿي ويا. ڪڇي، جيڪي ثقافتي ۽ ٻولي جي حوالي سان سنڌي قوم جي هڪ حصي طور رهيا آهن. اڄ به خود انڊيا جي ڪڇ واري علائقي ۾ لوڪ گيت سنڌيءَ ۾ ڳايا وڃن ٿا. خود ڪراچي ۾ آباد ڪڇين کي ڀٽائي ۽ سنڌي لوڪ ادب ۽ ڪهاڻيون ائين ئي ياد آهن، جيئن سنڌ جي ٻئي ڪنهن علائقي جي ماڻهن کي. استاد ابراهيم، عبدالله ڪڇي ۽ ٻيا ڳائڻا سنڌي جي مشهور فنڪارن طور سڃاتا وڃن ٿا. پر ان طرف اسان جي ادبي ۽ ثقافتي لڏي توڙي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ڪو توجهه نه ڏنو ته ڪراچيءَ ۾ آباد انهي لساني آباديءَ کي سنڌي ثقافت جو حصو بنائڻ ۾ مدد ڪن. ساڳي صورتحال سياسي حوالي سان پڻ رهي. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ جي آهي ته انهن ڪڇين جون ذاتيون، رسم رواج وغيره اهي ساڳيا آهن، جيڪي سنڌ جي حيدرآباد کان هيٺئين علائقي جا آهن. انهن سڀني ڳالهين واڌو ڪراچي ۾ رهڻ، اتي جي مارڪيٽ جي زبان ۽ رهڻي ڪهڻي ڪڇين کي ڌڪيو ته اهي باقي سنڌ جي بدران سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين. مٿان وري ايم ڪيو ايم واري سياسي مظهر پڻ رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي. ڪڇي برادريءَ جي انهي اڪيلائپ ڪراچيءَ ۾ هڪ وڌيڪ لساني ورڇ کي اُڀاري ڇڏيو آهي. ورنه اهو لساني گروهه سنڌي يا بلوچ آباديءَ جو حصو هو. سنڌ جا اتريان علائقا ته قبائلي حوالي سان ورهايل آهن، جنهن سبب جيڪي سياسي، سماجي، معاشي ۽ انتظامي مونجهارا ٿي رهيا آهن، تن کان هر ڪو واقف آهي، پر ڪراچي شهر، جيڪو هن کان اڳ ايم ڪيو ايم جي سياست جي ڪري مهاجر ۽ غير مهاجر بنياد تي ورهايل هو، بلوچ، سنڌي ۽ ڪڇي هڪ گڏيل ڌر طور هئا، تن ۾ پڻ ڏڦير پيدا ٿي ويو آهي. اهو ڏڦير ڪراچي جي اصلوڪن باشندن توڙي سنڌ جي مجموعي مفاد لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ائين کڻي چئجي، ته اها هڪ ٻي وڏي ورڇ آهي، جيڪا اصلوڪن باشندن جي صفن ۾ ئي آهي. لياري کي سياسي ۽ انتظامي طور سنڀالڻ ۾ ناڪامي جو فائدو وٺندي، ڪڇي برادري ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي جڳهه ٺاهڻ لاءِ به هٿ پير هنيا آهن. ڪن اطلاعن موجب، ان جو هڪ حصو ايم ڪيو ايم کي ويجهو ٿي چُڪو آهي. ڪراچي جهڙي صنعتي ۽ ميٽروپوليٽن سٽي مان هزارن جي تعداد ۾ لساني بنياد تي لڏ پلاڻ حڪومت جي ناڪامي جو ئي ثبوت نه پر باقاعده هڪ انساني الميو (Humanitarian Disaster) آهي. صوبائي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي، جنهن جو هي تڪ آهي ۽ صوبي ۾ حڪومت آهي، تنهن ان ڏس ۾ ڪي به ٺوس عملي اپاءُ نه ورتا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي ته حڪومت پنهنجي سياسي توڙي انتظامي ۽ انٽيليجنس نيٽ ورڪ رکڻ جي باوجود ان کان بي خبر رهي ته هزارين ماڻهو هڪ ئي علائقي مان لڏ پلاڻ ڪرڻ وارا آهن. اڳواٽ خبر نه رکڻ حڪومت جي نا اهلي تي هڪ ٻيو ٺپو آهي. حيرت جي ڳالهه جو اهڙين حالتن هوندي به سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي پنهنجي صفن ۾ نه ٽي سال اڳ ۽ نه هاڻي ڪو ماڻهو پيو ملي جو ان جي حوالي گهرو معاملن واري وزارت ڪئي وڃي. وري جڏهن لڏ پلاڻ ٿي ته ان لاءِ وري اهڙي ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو ان معاملي سان واسطو آهي ۽ نه وري ان وٽ ان لاءِ مهارت ۽ ويزن ئي آهي. ڏئي وٺي، قانون واري وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جو تعلق بڻجي ٿو، جو سندس ڪڇي برادري سان تعلق داري آهي. باقي چئن همراهن جي نه لياري ۾ نه، نه ڪڇي برادري ۾، نه وري حڪومت ۾ يا عام ماڻهن ۾ ڪا اهڙي مڃتا آهي، جنهن کي ڏسندي ماڻهو سندن ڳالهه مڃين يا سندن سفارشن کي مڃتا ملي. لڳي ٿو ته حڪومت مڙيئي آڳ لاهڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي. ڪميٽي جا ميمبر جڏهن لڏ پلاڻ ڪري آيلن سان ٺٽي ۽ بدين ۾ مليا ته ڪجهه هنڌن تي انهن حڪومت طرفان آڇيل پنج هزار رپيا موٽائي ڏنا. سڪندر منڌري جي ضلعي بدين ۾ ڀت جون ديڳون لاهي انهن بيگهر ٿيلن کي ڏنيون ويون ته انهن چيو ته اسان کي ڀت نه کپي، امن کپي، جيئن واپس پنهنجي ڪکن ڀيڙا ٿي سگهون. سڪندر منڌري جي ئي ضلعي ۾ هڪ درگاهه وٽ لڏي اچي ڪيمپ ڪيلن کي انتظاميا اٿاري ڇڏيو. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها ڪميٽي ڪيتري موثر ثابت ٿيندي؟ ان صورتحال کي ڏسندي وفاقي حڪومت کي به مداخلت جو بُل ملي ويو. وزير اعظم وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل آءِ بي کي ڪراچي موڪليو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته اهي کيس اچي رپورٽ ڏين. گذريل هڪ مهيني اندر ڪراچيءَ جي حالتن تي وفاقي حڪومت ٽي چار دفعا ڳڻتي جو اظهار ڪري چُڪي آهي ۽ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چئي چُڪو آهي ته جيتوڻيڪ امن امان صوبائي معاملو آهي، پر کيس ”موقعو“ ڏنو ويو ته هو حالتون ٺيڪ ڪري ڏيندو. چوڌري نثار علي خان الائجي ڪهڙي آڌار تي اها ڳالهه چئي آهي؟ ڇا وفاق صوبائي حڪومت کي هٽائي گورنر راڄ يا ٻئي ڪنهن اهڙي قدم بعد سنڌ جا معاملا اُڪلائڻ گهري ٿو؟ يا اهو ته سنڌ حڪومت وفاق کي درخواست ڪري ته اهو صوبائي حڪومت جي مدد لاءِ اچي (جيئن نوي واري ڏهاڪي ۾ مظفر شاهه حڪومت جي ڏينهن ۾ ڪيو ويو هو). ڇا چوڌري نثار وفاقي ادارن کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪندو؟ يا وري اهو ته وفاق جون ڪي ڌريون لياري جي معاملن کي بگاڙڻ ۾ شامل آهن؟ سنڌ جي معاملن ۾ خاص ڪري ڪراچيءَ جي حوالي سان وفاق جي مداخلت ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. نوي واري ڏهاڪي ۾ نواز شريف جي حڪومت ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪيو. ان بعد بينظير ڀٽو جو وزير داخلا جنرل نصير الله بابر لٺ کڻي ڪراچي ۾ گهمندو رهيو. باقي مشرف دور ته هونئن ئي وفاق جو دور هو. پيپلز پارٽي جي گذريل دور حڪومت ۾ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ڄڻ وفاق جو نه پر سنڌ جو گهرو وزير هو. بلڪه هو ته ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ سياسي معاملا به اُڪلائيندو رهيو. انهن روايتن کي ڏسندي جيڪڏهن نواز شريف جي وفاقي حڪومت اڄ به ائين ڪرڻ بابت ڪو آپشن رکي ٿي ته ان کي سوچڻ گهرجي ته ڪنهن هڪ صوبي ۾ آيل حڪومتي ڀڃ ڊاهه ۽ سياسي عدم استحڪام رڳو ان صوبي تائين محدود نه رهندو. جيڪڏهن زلزلي جو مرڪز ڪراچي بڻجي ٿو ته ان جو اثر اسلام آباد تي سڌو سنئون پوندو. نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جي گذريل حڪومت ۾ اهڙا تجربا ٿي چُڪا آهن. ها، اهو رڳو سياسي يا انتظامي اشو ناهي، بلڪه هاڻي اهو انساني الميو بڻجي رهيو آهي، جنهن کي ان حوالي سان ۽ ان پس منظر ۾ به ڏسڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ڪجهه تڪڙا قدم ۽ ڪجهه وري ڊگهي مدت وارا اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرين اهو ته لڏ پلاڻ بابت ڪميٽي تي اهڙا معتبر ۽ با اثر ماڻهو کنيا وڃن، جن جي ڳالهه کي وزن به ملي ۽ ستايل ڪميونٽي کي اعتبار به ٿئي. · متاثر علائقن ۾ امن و امان کي يقيني بنائڻ لاءِ رڳو انتظامي سطح تي ئي نه پر اتي جي ڪميونٽيز جي معتبر ۽ با اثر ماڻهن جي مدد حاصل ڪئي وڃي. · چونڊيل نمائندن ۽ انتظامي مشينري کان علاوه مقامي آبادين ۾ جهيڙن نبيرڻ بابت ڀائپي واري روايتي طريقي کي ڪتب آندو وڃي. sohailsangi@yahoo.com

No comments:

Post a Comment