محمد ادريس راجپوت
هڪ شاعر جي ڳالهه ٿا ڪن ته جوانيءَ ۾ هڪ ڇوڪري تي دل و جان سان عاشق هو پر ڇوڪري صفا موٽ نه ڏيندي هئي. ڇوڪريءَ جي ٻئي هنڌ شادي ٿي وئي ۽ شاعر کي تنهن کانپوءِ ٻيا عشق ملي ويا پر انهيءَ ڇوڪريءَ کي هميشه ساريندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڇوڪري مڙس سان گڏ ملڪ کان ٻاهر هلي وئي. 15، 20 سالن کانپوءِ ڇوڪري موٽي آئي ۽ شاعر هن ڇوڪريءَ کي ڀيڻ کان پتو معلوم ڪري ڏسڻ ويو. جڏهن در کڙڪايائين ته هڪ ٿلهي متاري مائيءَ در کوليو، جنهن جا مهانڊا ان ڇوڪريءَ سان مليا پئي. ان مائيءَ شاعر کي ٻڌايو ته هو ساڳي ڇوڪري آهي، شاعر ڏاڍو اُداس ٿيو ۽ عشق جا پراڻا نشا ٽٽي پيا، جذبات کان مغلوب ٿي هُن هيٺيون شعر چيو؛ دل فسرده تو هوا ديک ڪئ اُس ڪو ليڪن!
عمر ڀر ڪون جوان، ڪون حسين رهتا هئ؟
(پنهنجي جوانيءَ واري عشق کي ڪراڙو ڏسي دل ڏاڍي اُداس ٿي پر سدائين ڪير ٿو جوان ۽ سهڻو رهي سگهي.) مان هاڻ پڙهندڙن کي 13 جنوري 1932ع واري ڏينهن تي وٺي هلان ٿو، جڏهن هندستان جي گورنر جنرل ۽ وائسراءِ سکر بيراج جو افتتاح ڪيو هو. انهيءَ وقت انهيءَ جو نالو سکر بيراج نه پر لائيڊ بيراج هو. اهو نالو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اتفاق راءِ سان گورنر آف بمبئي سر جارج لائيڊ جي نالي تي تجويز ڪيو هو، جنهن جي ڪوشش سان هن بيراج جو ٺهڻ ممڪن ٿي سگهيو. افتتاح واري ڏينهن انهيءَ بيراج جو ڇا شان هو! درياهه کي 66 در ڏئي خوبصورت ڪمانين (Arches) جي ٻن قطارن سان انهيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ زبردست اضافو ڪيو ويو.
اها هڪ شاندار ۽ عجيب اڏاوت هئي، جنهن جي پاڻيءَ سنڌ جو جهر جهنگ آباد ڪيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت تي زبردست اثر وڌا. هينئر به هوائي جهاز ذريعي سکر ايندي هڪ اهم زميني نشان Landmark ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اڃا به ان جي Aesthetic (جمالياتي) خوبصورتي برقرار آهي. پر وقت سان هر ڪنهن شئي ۾ ڪمزوريون ۽ اوڻايون پيدا ٿين ٿيون. هن بيراج جي عمر به 81 سال ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ان ۾ وقت به وقت خاميون ۽ ڪمزوريون ٿينديون رهيون، جنهن جو علاج پئي ٿيندو رهيو. پر هاڻي ضرورت ٿي پئي آهي ته ان جي Overhauling ڪجي. انهيءَ لاءِ عالمي بئنڪ جي مالي مدد سان هڪ اڀياس ان جي بحالي ۽ جديديت بابت ڪرايو پيو وڃي، جنهن جو نالو Rehabilitation and Modernization of Sukkur Barrage رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪم لاءِ ٽي فرمون چونڊيون ويون آهن، هڪڙي پرڏيهي ۽ ٻه پاڪستاني. پرڏيهي فرم جو نالو Atkins آهي ۽ هڪڙي پاڪستاني فرم ACE آهي ۽ ٻي NDC آهي. هنن 18 مهينن جي عرصي ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڏسڻ لاءِ ته اهو ڪم صحيح ٿيو آهي ۽ انهن جي ڏسيل ڳالهين تي عمل ٿي سگهندو، سنڌ سرڪار هڪ ماهرن جي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن کي Panel of experts جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو چيئرمين مان آهيان ۽ ٻيا ميمبر آهن پنجاب آبپاشيءَ جو چيف انجنيئر محمود الحسن، سنڌ جو رٽائرڊ چيف انجنيئر نور محمد بلوچ، سکر بيراج جو چيف انجنيئر جُنيد ميمڻ، خيرپور سرڪل جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر ولي محمد نائچ ۽ آبپاشي جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر ظريف کيڙو. اهو پئنل انهيءَ ٿيل اڀياس کي ورجائي پيو ۽ جلد پنهنجي رپورٽ سرڪار کي پيش ڪئي ويندي.
مونکي انهيءَ عرصي ۾ پنجاب جي ڪن رٽائرڊ آبپاشي ڪامورن سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ سکر بيراج بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. انهيءَ مان هڪڙي ڪاموري، جيڪو اولهه پاڪستان ون يونٽ واري وقت سنڌ آبپاشي ۾ نوڪري ڪري ويو هو، پڇيو ته اوهان سکر بيراج کي بحال ڪرڻ بدران نئون بيراج ڇو نٿا ٺاهيو؟ هن ٻڌايو ته، ”پنجاب حڪومت تونسا بيراج جي هيٺان نئون weir ٺاهيو آهي، جناح بيراج تي ساڳئي نموني ۾ نئون weir ٺاهين پيا، ۽ خانڪي weir هيٺان نئون بيراج ٺاهين پيا. سکر بيراج پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪو آهي، جو ان کي ٺهي 81 سال گذري ويا آهن ۽ ڪنهن به وقت اهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌ جي زراعت متاثر ٿي سگهي ٿي. 1982ع ۾ سکر بيراج جو هڪ گيٽ ٽٽي ويو هو، جنهن بدران بند ٿيل 10 گيٽن مان هڪڙو گيٽ ڪڍي انهيءَ کي فٽ ڪيو ويو ۽ زراعت نقصان کان بچي وئي. سال 2004ع ۾ سکر بيراج جي ساڄي پاڪٽ ۾ کڏو پئجي ويو، جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن FWO وارن کي نه گهرايو وڃي ها ته الائي ڇا ٿئي ها!“ مون هن کي ٻڌايو ته، ”عالمي بئنڪ جي مالي مدد سان اسان ان جو اڀياس ڪرايو آهي ته ان کي ڪيئن بحال ڪجي ۽ جديد ٺاهجي، جنهن تي اٽڪل 34 ارب رپيا خرچ ايندو. هن ٻڌايو ته، پنجاب وارا خانڪي ويئر بدران اتي نئون بيراج ٿا ٺاهين، جنهن تي 23 ارب رپيا خرچ ايندو. اهو بيراج 11 لک ڪيوسڪ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي، انهيءَ تناسب سان بيراج جيڪڏهن 15 لک ڪيوسڪ لاءِ ٺاهيو وڃي ته 31 ارب رپيا خرچ اچڻ کپي پر جيڪڏهن اڃا به ڪي شيون وڌيڪ ڪرڻيون پون ته 31 ارب رپين بدران 40 يا 50 ارب رپيا خرچ اچي سگهي ٿو. ڀلا 34 ارب رپين ۾ بحالي بهتر آهي يا 40 يا 50 ارب رپين ۾ نئون بيراج؟ مون کانئس پڇيو ته اهو ڀلا ڪٿي ٺاهجي؟ چيائين ته، بيراج کان هيٺ يا سکر گارج کان مٿي. هيٺ ٺاهڻ سان واهن کي اها ليول ته ملندي، جيڪا هتي ملي ٿي، تنهن ڪري اهو سکر گارج کان مٿي ٺهڻ کپي. هن چيو ته توهان جا هينئر ٻه وڏا مسئلا آهن، هڪڙو اخراج وڌائڻ ۽ ٻيو ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ نه وڃڻ کپي. انگريزن ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ وڃڻ کي روڪڻ لاءِ ڏهه در بند ڪيا ۽ مٿين ڀر ٻيٽ ٺاهيو ويو (ڏسو نقشو) اوهان جون ٻئي گهرجون متضاد آهن. جيڪڏهن توهان ڏهه بند ٿيل در کوليندا ته ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکي ٿي پوندي ۽ جيڪڏهن بند ٿيل 10 در نه کوليندا ته ڊسچارج وڌائي 15 لک ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهندو. ٽيون مسئلو آهي سکر شهر جي حوالي سان.
بيراج مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ سان بيراج جي مٿين ليول وڌندي. هن ڀيري به پل وٽ اها ليول 207 فوٽ ٿي هئي، جڏهن ڊسچارج اٽڪل ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ هو. وڏي جاکوڙ کان پوءِ سکر شهر کي ٻڏڻ کان بچايو ويو. ٻوڏ کانپوءِ بندر وال 2 فوٽ مٿي ڪئي وئي. وڌيڪ ڊسچارج اچڻ تي بندر وال کي اڃا به مٿي ڪرڻو پوندو. توهان بندر وال کي ڪيترو مٿي ڪندا؟ جيڪڏهن نئون بئراج ٺهي وڃي ٿو ته، توهان 10 بند دروازا کولي ٻيٽ ڊاهي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان هڪ ته 15 لک ڪيوسڪ ڊسچارج سولائيءَ سان گذري ويندو ۽ سکر شهر ٻڏڻ جي خطري کان بچي ويندو. سکر شهر ڏينهون ڏينهن وڌي پيو، ايتري حد تائين جو بندر وال اندر به حد دخليون ٿي ويون هيون. نئين بيراج ٺهڻ ڪري واهن ۾ پاڻي بند ٿي ويندو ۽ اها ايراضي شهر کي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندي.“ اهي سڀ دليل ٻڌڻ کانپوءِ مون کيس چيو ته، ان سان سکر بيراج جي تاريخي حيثيت ختم ٿي ويندي ۽ اسان سنڌ وارن کي جيڪا بيراج سان اُنس ۽ الفت آهي، اها ختم ٿي ويندي، جنهن تي دل نٿي چاهي. منهنجي ڳالهه ٻڌي هن چيو ته، سکر بيراج کان وڌيڪ تاريخي اهميت ته لينسڊائون پل جي هئي ۽ اوهانجي Folklore (لوڪ ڪٿا) ۾ عاشق سکر واري پل تي ملندا هئا، پوءِ توهان نئين ايوب پل ڇو ٺاهي؟ هينئر لينسڊائون پُل به موجود آهي، ته ساڳئي نموني سکر بيراج به تاريخي يادگار طور موجود رهندي.
ان همراهه جا دليل ته تمام زوردار آهن پر دل اها ڳالهه نٿي مڃي. سکر بيراج برابر پراڻو ٿي ويو آهي پر پوءِ به اهو اڃا مرمت لائق آهي ۽ مرمت ڪرڻ سان ان جي حياتي اڃا 50 سال وڌي سگهي ٿي، تنهن ڪري انهيءَ تي ٿيل اڀياس کي ورجائي ڪم ڪرڻ کپي پر ڊگهي عرصي واري منصوبابنديءَ طور نئين بيراج لاءِ به اڀياس ڪرائڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. اسانکي انهيءَ کي پراڻو ٿيندي ڏسندي ڏک ته ٿئي ٿو پر شاعر مطابق:
دل فسرده تو هوا ديک ڪئ اُس ڪو ليڪن! عمر ڀر ڪون جوان، ڪون حسين رهتا هئ؟
idrisrajput@hotmail.com
No comments:
Post a Comment