جامي چانڊيو
پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ڪنهن به هاءِ پروفائيل واقعي جي جاچ ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ اهو سوال وڏو ته ضرور آهي پر منجهيل يا ڏکيو قطعي به نه آهي. محمد علي جناح کي خراب ايمبولينس ڏئي، کانئس جِندُ ڪنهن ۽ ڇو ڇڏائي؟، لياقت علي خان کي گولي هڻندڙ ته ٿڏي تي ئي مارجي ويو پر اها رٿا ڪنهن تيار ڪئي؟، ايوب خان اقتدار ڪيئن ڇڏيو؟، اوڀر پاڪستان ۾ قتلام ڪيئن ٿيو؟، الشمس ۽ البدر جي پٺيان ڪنهن جو هٿ هو؟، حمودالرحمان ڪميشن جو ڇا ٿيو؟، شهيد ڀُٽي کي ڦاهي ڏيڻ جو پلان ڪٿي ۽ ڪيئن تيار ٿيو؟، ضياءُ الحق آمريڪي سفير ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل اختر عبدالرحمان سميت هوا ۾ ڪيئن تحليل ٿي ويو؟، آپريشن مڊ نائيٽ جيڪال ڇا هو؟، محمد خان جوڻيجي جي دور ۾ اوجڙي ڪئمپ جو واقعو دراصل ڇا هو؟، ڪارگل جي ڪهاڻيءَ جا اصل محرڪ ڪير هئا؟، مير مرتضيٰ ڀٽو راهه ويندي، پنهنجي ڀيڻ جي حڪومت ۾ شهيد ڪيئن ٿيو؟، ڪراچيءَ ۾ نيول بيس ۽ راولپنڊيءَ ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيئن ٿيا ۽ ڪنهن ڪيا؟ ڀلا ويجهي ماضيءَ ۾ هڪ عالمي سطح جي مدبر سياستدان محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ ۾ ڇو شهيد ڪئي ويئي؟ انهن سوالن جا جواب هن ملڪ ۾ ڪڏهن به سامهون نه اچڻا هئا ۽ نه آيا ۽ نه وري ڪڏهن اهي راز عوامي سطح تي پڌرا ٿيندا، جو انهن سمورن واقعن پٺيان اُهي ئي هٿ هئا ۽ آهن، جن جو سڄو جهان ”ڳُجهه“ تي هلي ٿو، پر تاريخ هر راز کي پس و پيش پڌرو ڪري ٿي، ان ڪري ڀل ته انهن سوالن جا جواب ڪنهن ساک واري سرڪاري رپورٽ ۾ نه هجن پر تاريخ جي ايف آءِ آر ۾ سڀ ڪجهه درج آهي ۽ هر سوال جو جواب پڌري پٽ پيو آهي.
ان ساڳئي تسلسل ۾ ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ پڌري ٿي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ مئي 2011ع يعني لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ ايبٽ آباد ۾ اُسامه بن لادن خلاف ڳُجهي آمريڪي آپريشن بابت تفصيل ظاهر ڪيا ويا آهن. حقيقت ۾ ان واقعي جي اصل خبر اُسامه بن لادن جو آمريڪي آپريشن ۾ موت نه پر ان سڄي ڪارروائي يا اُسامه جي ”ڪاڪول“ ڀرسان رهائش بابت ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي ”اڻڄاڻائي“ هئي. ان وقت اِهو سوال شدت سان اُڀريو هو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن طرفان اُسامه جي پاڪستان ۽ خاص طور ”ڪاڪول“ ڀرسان موجودگيءَ کي ”لڪائڻ“ وڏو اشو هو يا سندن سچ پچ ”بي خبري“ اصل سوال هو. ان ڪري ٻه سال اڳ ايبٽ آباد ۾ اُسامه بن لادن خلاف آمريڪي ”ڳُجهي“ ڪارروائيءَ آمريڪا کي ته جيڪو فائدو ڏنو، سو ڏنو پر ان سان پاڪستان جي جيڪا پَتِ وائکي ٿي، ان جو ڪو تدارڪ ان واقعي کانپوءِ پاڪستان اصل نه ڪري سگهيو ۽ نه وري ڪري سگهندو. يعني جنهن ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ ۾ اهم حصيدار طور پاڪستان آمريڪا کان ڪروڙين ڊالر وٺندو رهيو، ان جو مُک ڪردار اُسامه بن لادن 2002ع کانپوءِ پشاور، سوات، هري پور ۽ آخر ۾ ايبٽ آباد ۾ آرام سان خاندان ۽ ساٿين سميت ڦِرندو ۽ رهائشون تبديل ڪندو رهيو ۽ ان جي خبر ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن کي پئجي نه سگهي. ماڻهو دنيا ۾ حيران هئا ته ان تي ويساهه ڪرڻ وڏو معاملو آهي يا ان جي امڪاني اُبتڙ حقيقت حقيقي هاڃو آهي.
اهو حال ان ملڪ جو آهي، جنهن کي پنهنجي شروعاتي سالن ۾ ئي عوامي نه پر هڪ ”سيڪيورٽي رياست“ ڄاڻايو ويو هو، جتي گذريل ڇهن ڏهاڪن کان ملڪي ناڻي جو وڏو حصو تعليم، صحت، شهري سهولتن، زراعت، صنعتڪاري يا عوامي ڀلائيءَ تي خرچ ڪرڻ بدران هٿيارن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان کي فخر آهي ته اهو وڏو اسلامي ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ آهي. هر ڀيري آمريتن جمهوريت تي راتاها هڻڻ کانپوءِ اهو جواز پيش ڪيو ته ملڪ جي واحد اُميد فوج آهي ۽ ملڪ ۾ سويلين ادارا تباهه حال آهن. جيتوڻيڪ ان دعويٰ جي حقيقت جي دنيا کي اڳ ئي خبر هئي پر هن واقعي ان کُليل راز جي پَت وائکي ڪري ڇڏي، ٻنهي صورتن ۾ يعني جيڪڏهن اُسامه بابت ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا سچ پچ به بي خبر هئا تڏهن به ۽ جي نه هئا تڏهن به.
تازو ايبٽ آباد ڪميشن جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي آهي، ان لاءِ ناز سهتي بلڪل صحيح چيو ته اها رپورٽ به بلڪل ايئن آهي جيئن مير مرتضيٰ ڀُٽي جي شهادت بابت رپورٽ پڌري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڪابه خبر نه پئجي سگهي ته ان جي قتل پٺيان اصل ذميوار ڪير هئا ۽ ان جا محرڪ ڇا هئا؟ هن ڀيري به رپورٽ ۾ حڪومت ۽ پوليس جي لاپرواهيءَ کي ذميوار ڄاڻايو ويو آهي. سڀ کان پهرين ڳالهه ته ان سطح جي حساس سيڪيورٽي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن بابت بنيادي طور ڪير ذميوار آهي؟ سويلين حڪومت ۽ پوليس يا ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا؟ ۽ هن ملڪ ۾ حساس معاملن ۾ انٽيليجنس جو ڪم به سويلين حڪومت ڪندي ته پوءِ سيڪيورٽي ادارا ڇا ڪري رهيا آهن؟
ايبٽ آباد واقعي هڪ ٻيو به بنيادي سوال اُٿاريو آهي ته ملڪ جا سيڪيورٽي ادارا بلوچستان مان ته مکڻ مان وار ڪڍي ٿا اچن، هزارين سياسي ڪارڪنن کي کنڀيو ٿو وڃي، سنڌ ۾ مظفر ڀُٽي، سرائي قربان کهاوڙ ۽ ڪيترن سياسي ڪارڪنن کي ته ڳولي ڳولي ماري سندن لاش رستن تي ڦِٽي ڪري ٿا وڃن ۽ انهن ”محاذن“ تي اِهي ادارا نهايت ڪامياب نظر اچن ٿا پر اُهي اُسامه بن لادن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾ ڇو نه ٿا ڪامياب ٿين؟ هو بندش پيل مذهبي انتهاپسند ڌرين جي دهشتگردن تائين ڇو نه ٿا پُڄي سگهن يا ڪراچيءَ ۾ کين ڪي به سرگرم ”ملڪ دشمن“ هَٿَ ڇو نه ٿا نظر اچن؟ باجوڙ، دير ۽ وزيرستان ۾ اِهي ادارا ڪاميابيون ڇو نه ٿا ماڻين؟ سوال اِهو ٿو اُڀري ته ڪٿي اِيئن ته ناهي ته جتي سندن اوليتون آهن ۽ جتي هو پنهنجون من پسند ڪارروايون ڪرڻ چاهين ٿا، اُتي وڏي ڪاميابيءَ ۽ ”مهارت“ سان گهربل نتيجا حاصل ڪن ٿا ۽ جتي هو نِهارڻ چاهين ئي نه ٿا ته اُتي کين ”ڪجهه“ به نظر ڇو ايندو؟ ان ڪري شايد سوال ”اکين جي ديدَ“ جو ناهي پر ”ڪٿي نهارجي“ ۽ ”ڪٿي نه نهارجي“ جي اوليتن جو آهي.
ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ کي هڪ وڌيڪ الميو چئجي يا هڪ سنگين چيڙائيندڙ ڀوڳ، جنهن ۾ ان ڳالهه جو ٺلهو تعين به نه ڪيو ويو آهي ته ان جو ڏوهي ڪير هو؟ جرمنيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته، ”ناڪاميءَ جو وارث ڪوبه ناهي هوندو“، پر هتي رياستي ناڪامين جو ڪو ڌڻي ڪيئن ٿيندو، جو ان اڻ وڻندڙ داستان جا پيرا ”ڪاري ڏاند جي مالڪن“ تائين پڄن ٿا.
Kawish
jchandio@cpcs.org.pk
No comments:
Post a Comment