ارڙهين صديءَ جي شاهوڪار ”ڪراچي“ جي ڪهاڻي کي ڳوليندي ڳوليندي ڪراچي بندرگاهه تائين پهچجي ٿو. بندرگاهه کي سمجهندي سمجهندي ٻن دروازن جي ڪهاڻي ملي ٿي. کارودر ۽ مٺو در. ٻنهي دروازن جي تاريخ 18 هين صديءَ کان پراڻي آهي. جڏهن ڪراچيءَ جو نالو ڪلاچي يا ڪولاچي هو. شاهه ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ ”ڪلاچي جي ڪُن“ جو ذڪر ڪيو آهي.
مورڙو ميربحر ۽ سندس ست ڀائرن جي ڪٿا ملي ٿي. ان ڪٿا جي حساب سان ته ڪراچي 16 هين صديءَ ۾ آباد هُئي ۽ سُر ”گهاتو“ جي خالق شاهه سائين تڏهن لکيو هو ”گهاتو گهر نه آيا.“ يعني ڪراچي جي ملاحن جو ”سمنڊ“ سان سڌو واسطو ڏيکاريل آهي. اهڙي ريت سامونڊي بندرگاه ۽ بندرگاهه مان شهر ڏانهن نڪرندڙ رستن يعني ٻنهي دروازن جو تعلق به تڏهوڪو هوندو. کارودر ۽ مٺو در ٻئي لياريءَ ۾ آهن. چون ٿا هڪ دروازو سمنڊ مان لياري ڏانهن داخل ٿيندو هو. سامونڊي کاري پاڻيءَ سبب ان جو نالو ”کارو در“ پئجي ويو ۽ لياريءَ مان ٻيو دروازو لياري نديءَ ڏانهن ويندو هو. نديءَ جو پاڻي مٺو هوندو هو، ان سبب ان کي مٺو در سڏيو ويندو هو. (ڪراچي جي قديم ماڳن جا پراڻا نالا 1947ع کانپوءِ تبديل ٿيندا ويا ان ڪري اڄڪلهه اسان سنڌي ميڊيا ۾ به ”کارادر“ ۽ مٺا در لکندا آهيون). پر هي علائقا انگريزن جي دور ۾ ترقي ڪرڻ لڳا، جڏهن 18 هين صديءَ ۾ انگريزن ڪراچي بندرگاهه کي ترقي ڏياري. بندرگاهه سان لڳ لياريءَ مان ئي سڌو روڊ ٺاهيو ويو هو. ”بندر روڊ“ (ايم اي جناح روڊ). هن روڊ تي ٽرامون هلنديون هيون. جڏهن ته شهر جي ٻين آبادين ڏانهن ماڻهو اُٺن، گهوڙن يا ٽانگي تي سفر ڪندا هئا. بندرگاهه لڳ ”لياري“ جو علائقو هتان جي قديم ماڻهن تي ٻڌل هو، جن ۾ قديم سنڌي ذاتيون آباد هيون. لياري ۾ ”کڏا مارڪيٽ“ قديم آهن. لياري جي پراڻن علائقن ۾ آگرو تاج، چاڪيواڙو، بغدادي، درياهه آباد، ڪنڀار واڙو، ميران ناڪو، پراڻي گوليمار وغيره. 18 هين صديءَ جون مشهور مارڪيٽون پڻ لياريءَ ۾ هيون جن ۾ ”بولٽن مارڪيٽ“، لي مارڪيٽ، جُونا مارڪيٽ، کڏا مارڪيٽ وغيره شامل آهن. هنن مارڪيٽن ۾ ڪراچي جي ڏورانهن علائقن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان به ماڻهو وڻج واپار ڪرڻ ايندا هئا. لياريءَ مان کجور، چمڙو، تيل، ڪپڙو خريد ڪيو ويندو هو. بلوچستان جي پهاڙن مان ايندڙ ماڻهو گيهه، چوپايو مال، مال جون کلون، پيش (واڻ ٺاهڻ لاءِ) وغيره هتي وڪرو ڪندا هئا. اهڙي ريت هيءُ سنڌ جو خوشحال شهر هو. سنڌ ۾ راڄڌاني حيثيت رکندڙ ڪراچيءَ جي اهميت پڻ 18 هين صديءَ ۾ اهم بڻجي وئي. واحد آئين ساز اسيمبلي هن شهر ۾ هُئي. لياريءَ سان واسطو رکندڙ سردار الهه بخش خان گبول (نبيل گبول جو ڏاڏو) ۽ عبدالله هارون (حسين هارون جو ڏاڏو) آئين ساز اسيمبليءَ جا ميمبر هئا.
لياري ۾ آفريڪي نسل جي بلوچن جي آمد جو اهم ڪارڻ ئي بندرگاهه هُجڻ هو. هي محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو هتان جا مستقل رهاڪو بڻجي ويا، جيڪي اصل ۾ بلوچستان جي سامونڊي علائقي ”ڪيچ مڪران“ جي شهرن مان آيا. ان ڪري مقامي ماڻهن کين ”مڪراني“ جي سڃاڻپ ڏني. اصل ۾ هي شيدي نسل جا بلوچ آهن. عام طور تي لياري جا هي ٻروچ ويڙهاڪ نسل سان واسطو رکڻ سبب هنن علائقن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائيندا رهيا. خوجا نسل جو قائداعظم محمد علي جناح جو پڻ لياريءَ سان گهرو واسطو رهيو. قائداعظم جو مادر علمي سنڌ مدرسته السلام پڻ لياريءَ ۾ آهي، جيڪو مرحوم حسن علي آفنديءَ قائم ڪيو هو. لياري ۾ کڏي وارا عالم پڻ تعليمي ميدان ۾ اڳيان هئا. اهڙي ريت ڪراچي ۾ لياري علم جو مرڪز هو. ڪراچيءَ جي پراڻي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي عمارت پڻ بندر روڊ تي لي مارڪيٽ جي ويجهو آهي. اهڙي ريت چارلس نيپئر جي نالي سان واڳيل نيپئر روڊ پڻ لياري ۾ آهي. (ڪنهن زماني ۾ هتي جي ڳاڙهي بازار لاهور جي هيرامنڊيءَ کان وڌيڪ پُرڪشش هوندي هئي) لياريءَ جو هڪ هڪ علائقو تاريخي حيثيت رکندڙ آهي. جيئن ته اسان کي لياري جي تاريخ کي آڏو رکي ان جي سياسي منظر ڏانهن وڌڻو آهي ۽ ان کانپوءِ اڄوڪين حالتن ڏانهن اچڻو آهي جنهن ۾ لياريءَ اندر رتوڇاڻ سالن کان جاري آهي. هتان جا قديم رهاڪو هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ڇو بڻيا. لياري جا ڪڇي ڇو دربدر آهن. لياري ۾ دهشتگردي ۽ گينگ وار جي نالي ۾ گذريل ويهارو سالن کان رت جي راند جا ڪهڙا سياسي محرڪ آهن؟ ڏوهارين جا گينگ ڇو ٺهيا ۽ اهي سياسي مقصدن لاءِ ڪيئن استعمال ٿيا. رحمان بلوچ کان رحمان ڊڪيت تائين، پيپلزپارٽيءَ جي ڳڙهه لياريءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي دلچسپي کان وٺي پيپلز امن ڪميٽيءَ تائين ۽ لياريءَ مان شروع ٿيل ويڙهه سڄي ڪراچيءَ جي بلوچن ۽ سنڌين تائين ڪيئن پکيڙي وئي. انهن سڀني واقعن جو تعلق سياست ۽ اقتدار سان آهي. هونئن ته لياري ۾ ڏوهاري گروپن جي ڪهاڻي 1960ع جي ڏهاڪي کان نظر اچي پئي پر تڏهن اها نج ڏوهاري گروپن جي ڪهاڻي هئي، جيڪا بعد ۾ سياسي ڪهاڻيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. لياريءَ جو سياسي بنيادن تي ورهاڱو اصل ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي سياسي تحريڪن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي اهڙي سازش آهي، جنهن جا پيرا جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ لڌا ويا هُئا، بعد ۾ جنرل مشرف پنهنجي حامين کي ڪراچي جو ڪنٽرول ڏنو، جن لياري تي قبضي جي مڪمل رٿابندي ڪئي. لياري مان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سموريون سيٽون کڻندڙ پيپلزپارٽيءَ اڄ قومي اسيمبليءَ جي صرف هڪ سيٽ کڻي سگهي پئي. لياري جي ٻي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو فاروق ستار ڪامياب ٿيندو آهي. لياري بابت هن ڊگهي مضمون ۾ پهرين لياري ۾ ڏوهاري گروپن جي تاريخ تي نظر ٿا وجهون.
لياريءَ جا ڏوهاري گينگ:
ماهي گير بلوچن ۽ سنڌين جي قديم وسندي لياري جو پراڻو نالو ڊرٻو، مڇي مياڻي وغيره به رهيا آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ لياري جي خنجر بردار ويڙهاڪ سئنيما هالن جا چوڪيدار يا ٽڪيٽ چيڪر هوندا هئا. هو سئنيمائن ۾ هر قسم جي غنڊن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا هئا، مختلف هنڌن تان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب انگريزن جي دور ۾ به هتي سنڌي ۽ بلوچ ڌاڙيل ايندا هئا. مون کي لياريءَ جي هڪ قديم رهاڪو ٻڌايو هو ته لياري جو ”ميران ناڪو“ انگريز دور جي ڌاڙيل ”ميران خان“ جي نالي سان منسوب آهي. ميران خان (ميران جمالي) انگريز دور ۾ نوابشاهه کان دادو ۽ سنڌ بلوچستان جي سرحدن تي ڌاڙا هڻندو هو. سندس ٽولي ۾ اسان جو هڪ ويجهو مائٽ به شامل هو، جنهن مون کي پاڻ اهو ٻڌايو هو ته ميران خان انگريزن ۽ هندوئن کي نشانو بڻائيندو هو. پر مون کي ميران خان جي لياري ۾ ڏوهن بابت ڪٿان به ڪو حوالو نه ملي سگهيو پر ”ميران ناڪو“ بس اسٽاپ اڄ به موجود آهي، جنهن کان هڪ ڪلوميٽر اڳي شير شاهه جي مشهور ڪٻاڙي مارڪيٽ آهي، جتي سنڌ ۽ بلوچستان مان چوري ٿي ايندڙ گاڏين جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي ۽ هر قسم جي گاڏيءَ جا پُرزا هن مارڪيٽ ۾ دستياب آهن. 1964ع ڌاري داد محمد عرف دادل جو گروپ ملي ٿو. داد محمد ۽ سندس ڀاءُ شيرل عرف شيروءَ جو مشهور گروپ داداگيري ۾ ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هي ريڪس سئنيما جا ملازم هئا ۽ چرس جو پڻ وڪرو ڪندا هئا. داد محمد رحمان بلوچ (رحمان ڊڪيت) جو پيءُ هو. هي گروپ بعد ۾ منشيات فروش گروپ جو حصو بڻيا. ڪالا نانگ گروپ چيو ويندو هو. ڪالا نانگ جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کانپوءِ سندس پُٽ فضلو اقبال ڊڪيت عرف بابو ڊڪيت جا گروپ مشهور ٿيا. هي گروپ وري لياري جي حاجي لال محمد (لالو) گروپ جا مخالف هئا. 1990ع ڌاري رحمان ڊڪيت جو لياري ۾ عروج هو. چون ٿا ته کارادر جي هڪ واپاري کي رحمان گروپ اغوا ڪيو ۽ لالو پاران رحمان تي زور ڀريو ويو ته بنا ڪنهن ڀنگ جي هو واپاري سليم ميمڻ کي آزاد ڪري. پر رحمان اها ڳالهه نه مڃي اتان کان رحمان ۽ لالو ۾ اختلاف شروع ٿيا. هي ٻئي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويا. لالو جي گروپ ۾ سندس پُٽ ارشد پپو به شامل هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ وري ارشد پپو رحمان بلوچ جي ويجهي مائٽ واپاري فيض محمد بلوچ کي اغوا ڪيو ۽ اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو (فيض محمد بلوچ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي هاڻوڪي سربراهه عزير جان بلوچ جو والد هو. عزير جان تڏهن انجنيئرنگ ۾ پڙهندو هو. وٽس انجنيئرنگ جي ڊگري آهي) بس اتان کان لالو گروپ پڻ سندس پٽ ارشد پپو ۽ رحمان بلوچ جي ڀنگ ۽ اغوائن تان شروع ٿيل جنگ ذاتي دشمني ۾ بدلجي وئي. ارشد پپو گروپ لياري نديءَ جي ٻئي پاسي پاڪ ڪالوني جي علائقي ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو. رحمان جو لياريءَ ۾ ئي اثر رهيو. رحمان جيئن ته شروع کان پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل رهيو، سندس دوستيون به پيپلزپارٽيءَ ۾ رهيون. رحمان بلوچ جي پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول سان ويجهڙائپ رهي. رحمان کي 2008ع ۾ پيپلز پارٽي سرڪار ٺهڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سي آءِ ڊي پوليس هڪ جعلي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي. البته کيس گرفتار ڪري ماريو ويو هو. رحمان بلوچ ۽ ارشد پپو گروپ وچ ۾ ويهه سالن کان وڌيڪ عرصو ڇڪتاڻ رهي. غير سياسي تبصرو اهو آهي ته اشد پپو گروپ ڪراچي جي سياسي ڌر جي هُشي تي لياري تي قبضو ڪرڻ پئي چاهيو. رحمان گروپ سندس لياري ۾ انٽري کي روڪيندو رهيو. سياسي تبصرو اهو آهي ته رحمان گروپ کي پيپلزپارٽيءَ جي ۽ ارشد پپو گروپ کي ايم ڪيو ايم جي پٺڀرائي رهي. ٻئي هٿياربند گروپ هڪ ٻئي خلاف ڪارروايون ڪندا رهيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين آڪٽوبر 2007ع تي آمد وقت رحمان بلوچ بينظير ڀٽو جي جان نثارن ۾ شامل هو. هُن بعد ۾ لياري ۾ امن ڪرائڻ خاطر لياري امن ڪميٽي ٺاهي جيڪا بعد ۾ پيپلز امن ڪميٽي بڻجي وئي. رحمان بلوچ گينگ جون ڪارروايون ڇڏي جڏهن سياست ڏانهن مڙيو ته کيس قتل ڪرايو ويو. جڏهن ته رحمان ڪاررواين جي عروج واري زماني ۾ گرفتار ٿيو هو ته کيس آزاد ڪيو ويو هو. اهڙي ريت ارشد پپو به گرفتار ٿي آزاد ٿيو هو. رحمان ۽ ارشد جي ذاتي جنگ کي سياسي پارٽين پناهه ڏني. گروپ عام ماڻهن کي ماريندا رهيا. ارشد پپو تازو ڪجهه عرصو اڳ لياري ۾ مارجي ويو. لياري مان چونڊيل پيپلزپارٽيءَ جو ايم اين اي شاهجهان بلوچ ارشد پپو قتل جي الزام ۾ گرفتار آهي. رحمان ۽ ارشد ٻئي ڪو نه رهيا پر ٻنهي جا گروپ موجود آهن. ماڻهو مارڻ جو سلسلو جاري آهي. پر پيپلز امن ڪميٽيءَ جي اڄ لياري ۾ هڪ سياسي حيثيت به آهي. لياري مان چونڊيل قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ٻه صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر پيپلز امن ڪميٽيءَ سان واسطو رکن ٿا. اهڙي ريت پيپلزپارٽيءَ سياسي طور امن ڪميٽي کي پنهنجو تسليم ڪيو آهي پر امن ڪميٽيءَ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي منهن ڏيڻ لاءِ سڌو رستو اختيار ڪيو، جنهن جو بنياد بلوچ ازم تي آهي، نه رڳو لياري پر هاڻي ملير ۽ ڪراچي جي ٻين بلوچ علائقن ۾ به امن ڪميٽيءَ جو اثر آهي. امن ڪميٽيءَ هٿياربند سياست جو رستو اختيار ڪيو. ان لاءِ وٽس دليل اهو آهي ته هٿياربند نسلي ۽ لساني گروپن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هٿيار کنيو آهي، انهن سان مقابلي لاءِ هٿيار کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن ڪميٽيءَ کي پاڻ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سمجهي ٿي ۽ امن ڪميٽي ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سمجهي ٿي. ان وچ ۾ لياري اندر ڪڇي برادري ۽ ڪڇي علائقن جي صورتحال هڪ نئون رخ اختيار ڪيو آهي، جنهن جا تفصيل اڳتي هلي ڏينداسين. Ibrat July 12, 2013(جاري)
No comments:
Post a Comment