بئريسٽر ضمير گهمرو
پاڪستان جي سياست جيئن ته ڪنهن به ادارتي عمل تان نه گذري آهي، انڪري اها اقتدار تي مڪمل قبضي ۽ عدم برداشت واري سياست آهي. سازشن جو تاڃِي پيٽو مرڪز مان نڪري صوبن تي نروار ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ ان کي به جمهوريت جو نالو ڏنو وڃي ٿو. پ پ سرڪار جڏهن پنجاب ۾ ڌڙا ڌڙ گورنر مقرر ڪري، اتي مسلم ليگ نواز جي سرڪار کي ڏُکيا ڏينهن ڏيکارڻ تي چاهيا يا وري گورنر راڄ نافذ ڪري اسيمبليءَ کي ئي معطل ٿي ڪيو ته، ان وقت کيس اها پروڙ ئي نه هئي، ته مرڪز ۾ به هڪ ڏينهن مسلم ليگ نواز جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ سنڌ ۾ قائم سندن نٻل ۽ ڪمزور حڪومت به ڪڏهن شينهن جو شڪار ٿي سگهي ٿي. اڃا ته 9 سيپٽمبر تائين ملڪ جو صدر آصف زرداري آهي، نه ته ڪراچيءَ سميت سڄيءَ سنڌ ۾ حالتون اهڙو ڦيرو کائين، جو اسيمبلي نه به معطل ٿي، ته به پ پ جي باغي اسيمبلي ميمبرن جو انگ ڏينهون ڏينهن آسمان کي ڇهندو، جتي سنڌ سرڪار هلڻ ئي محال ٿي ويندي. ان ڪري في الحال جُون کان سيپٽمبر مهينو نواز سرڪار سنڌ ۾ ڀرپور ريڪي ڪري رهي آهي ته، آخر سنڌ جهڙي اقتدار جي سوني جهرڪيءَ کي ڪيئن ڄار ۾ ڦاسائجي ۽ ان تي حڪومت ڪجي.
متحده ريفرنڊم:
پ پ سرڪار ۽ متحده ۾ معاملا طئي ٿي ويا هئا ۽ صوبائي وزير منظور وساڻ متحده جي حڪومت ۾ شموليت ۾ اڳڪٿيءَ جو خواب به ڏسي ڇڏيو هو پر وفاقي سرڪار اهڙو پَتو اُڇليو، جو متحده پنهنجي ريفرنڊم جا نتيجا ئي پڌرا نه ڪري سگهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته، متحده مرڪز کي اقتدار جو اصل سرچشمو سمجهي ٿي ۽ مختلف موقعن تي انهن جي آشيرواد سان پ پ سرڪار کي ڇڏي به چُڪي آهي. هينئر ريفرنڊم ذريعي اها سنڌ سرڪار ۾ شامل ٿي مرڪز کي به ڦٻائڻ چاهي پئي پر مرڪزي سرڪار جلد ئي اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ برطانيا کي هُشي ڏئي عمران فاروق ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن کي متحده سربراهه خلاف سرگرم ڪرائي ڇڏيو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته، ملڪ جا مک سياستدان ڪرپشن ۽ ڪرائيم ۾ملوث آهن پر سوال اهو آهي ته، ڇا اهي ڪيس انصاف جي بنياد تي هلن ٿا يا سياست تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڪنهن کي خبر نه آهي ته، پاڪستان جي سياستدانن جا اربين ڊالر آمريڪا، برطانيا، سئٽزرلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ رکيل آهن ۽ ڇا اهي ڏوهاري سرگرمين ۽ ٽئڪس چوريءَ مان ڪمايل نه آهن؟ جيڪڏهن اولهه جا ملڪ ايمانداريءَ سان انهيءَ رقم جي جاچ ڪن، ته هوند گهڻا سياستدان برطانيا ۾ پير به پائي نه سگهندا پر سياستدانن خلاف هميشه ڪيس مخصوص وقت ۽ حالتن آهر کُلندا آهن ۽ اهي سياست تي اثر انداز ٿيندا آهن. ڇا گذريل 21 سالن کان برطانيا کي خبر نه هئي يا وري 2001ع کانپوءِ جڏهن مني لانڊرنگ خلاف قانون سخت ڪيا ويا، ته برطانيا ۾ متحده ۽ ٻين پارٽين ڪيترا پئسا رکيا ۽ پوءِ انهن تي وقت سر اهو قانون لاڳو ڇو نه ٿيو. ڀلا کڻي دير آيا درست آيا پر سنڌ جي عوام کي برطانيا ۽ مرڪز اهو ٻڌائي سگهن ٿا، ته الطاف حسين خلاف برطانيا جي جاچ جو واسطو سياست سان هرگز نه آهي ۽ ان کي خالص منتطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ مرڪزي سرڪار پاران عمران فاروق ڪيس ۾ گرفتار ٻن ڄڻن کي صرف انصاف لاءِ ڏيتي ليتي ۽ سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو؟ جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ائين هرگز نه آهي. دراصل سياست ۽ معاشيات سڀ ان ڳالهه سان واسطو رکن ٿا. برطانيا جا پاڪستان ۾ وڏا معاشي مفاد آهن ۽ نواز ليگ سرڪار اچڻ شرط چين سان وڏا معاهدا ڪري اولهه کي پري ڌڪيو آهي، جنهن ڪري برطانيا جو وزير اعظم فوري طور اسلام آباد پهچي اولهه جي مفادن تي مرڪزي سرڪار سان ڳالهايو، ته هن خطي ۾اسان جي مفادن جو خيال رکيو وڃي ۽ توهان جي مفادن جو اسان خيال رکنداسين ۽ ان ئي پس منظر ۾مرڪزي سرڪار هاڻي مائينس الطاف حسين متحده ٺهرائڻ ڏانهن وڃي رهي آهي. ڀلا جنهن کان رَب رُسي، ان جي پهرين مَت کسيندو آهي. متحده به پراون اشارن تي هر مسئلي تي سنڌ جي عوام مان سهمت ٿيڻ بجاءِ ٽڪراءُ ۾آئي ۽ هن پنهنجي لاءِ پوئتي ڪا جاءِ ئي نه ڇڏي آهي، انڪري هن وقت جيڪڏهن مرڪز ان کي ٽوڙي وري نئين طريقي سان سنڌ تي اثر انداز ٿيڻ چاهي ٿو، ته اها متحده جي سياست ۽ پاليسين جي ئي شڪست آهي. متحده کي جن ٺهرايو، کيس ٽوڙي به اهي ئي رهيا آهن. سنڌين ته نائين زيرو تي ٽوپيون لاٿيون، منٿون ڪيون پر اها سنڌ سان نه بيٺي ۽ ان اقتدار جو سرچشمو هميشه مرڪز کي سمجهيو. جيڪڏهن متحده سنڌ جي ماڻهن سان سهمت هجي ها ۽ ان جي جاگرافي حدن تي ميري اک سان نه ڏسي ها، ته هوند مرڪز ان خلاف ڪجهه به نه ڪري سگهي ها پر هاڻي جيئن پ پ کي مرڪز ۾ استعمال ڪري سنڌ تائين محدود ڪيو ويو ۽ هاڻي کيس سنڌ مان ڪڍڻ جا سانباها آهن، اهڙيءَ ئي طرح متحده سان به ٿي رهيو آهي. سنڌ، ان ئي جاهه و جلال سان تابناڪ آهي ۽ پ پ ۽ متحده عذاب هيٺ آهن. هي فطرت جو عجيب ڪارنامو آهي، ته گذريل پنجن سالن جي اقتدار باوجود اڄ پ پ ۽ متحده اڪيليون آهن ۽ سنڌ جو عوام فريڊم مارچ ڪري رهيو آهي. چوندا آهن ته، ڌرتي پنهنجو پلاند پاڻ ڪندي آهي، ڇو ته ڌرتي ۽ فطرت هم آهنگ آهن.
ڳالهه پئي ڪئيسين ته، سنڌ ۾ گذريل ٻن مهينن دوران جيڪا صورتحال وڏي وزير بيان ڪئي آهي، اها تمام ڀيانڪ آهي. هن نه رڳو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پاران سندس حڪم نه مڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي پر سرڪاري ڳجهن ادارن تي به ڇُوهه ڇنڊيا آهن. صوبي ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول مان نڪري رهي آهي ۽ پ پ رڳو ان آسري ۾ آهي ته، مرڪز سنڌ جو مينڊيٽ ڪيئن ختم ڪندو؟ مرڪز کي مينڊيت ختم ڪرڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي، ڇو ته پ پ سرڪار جي اندر باغين جو تعداد خود ئي وڌي رهيو آهي. مرڪز گذريل پنجن سالن جي ڪرپشن جو هڪ رڪارڊ کوليو آهي ته، اقبال پاڪ والا گرفتار ٿيو آهي، جيڪ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر جي گهر جو ماڻهو آهي. صدر جي گهر پهچڻ کانپوءِ جڏهن ٻيا ڪيس به کلندا، ته پ پ ميمبر سر بچائيندا يا پ پ ۾ رهندا ۽ جڏهن متحده به ساڳي نه هوندي ۽ پ پ جو باغي گروپ اڪثريت ۾ هوندو، ته پوءِ ظاهر آهي وڏو وزير ۽ ڪابينا ته مَٽبا ئي ۽ مينڊيٽ به ساڳيو رهندو ۽ پوءِ مينڊيٽ جي نالي تي به سياست نه ٿيندي. سنڌ ۾مرڪز کي گورنر راڄ مڙهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ مرڪز کي متحده کي ٻي بوتل ۾ وجهي پيش ڪرڻو آهي ۽ گذريل ايڪهٺ سالن کان محروم ۽ محڪوم پ پ ميمبرن کي هٿ ڪرڻو آهي، جنهن جي ريڪي ٿي چُڪي آهي. ڀلا پ پ جي پنهنجي سرڪار مان ڪيترا وزير ۽ ميمبر خوش آهن؟ هي هڪ اهڙي صورتحال آهي، جتي سنڌ مڪمل تبديل ٿي رهي آهي. مينڊيٽ جي ته نواز ليگ کي به خبر آهي، ته پ پ کي به، ته اهو کين ڪهڙن شرطن تي ۽ ڪيئن مليو آهي، نواز شريف جڏهن وڏا معاهدا ڪري آسمان تي پهچندو، ته خبر پوندي ته هو ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪارناما ڪندو. نواز شريف جي بنيادي فلاسافي اها آهي ته، هي ملڪ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ۽ انتظامي طور مضبوط ڪرڻ سان هلندو. ادارتي طور تي هنن کي به وفاق کي نه هلائڻو آهي. هنن جو متو آهي ته، جڏهن معاشي طور تي ملڪ مضبوط ٿيندو، ته صوبائي معاملا پوئتي پئجي ويندا پر اهو رڳو اڌ سچ آهي. هي ملڪ جنهن ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، ان مان کيس ڪڍڻ تمام ڏکيو آهي، رڳو زباني خرچ آهي، ميگا پراجيڪٽس سان اهو صحيح دڳ ۽ رستي تي هرگز نه ايندو.
هينئر مرڪز ٻن اهم معاملن ۾ ڦاٿل آهي. هڪ دهشتگردي ۽ ٻيو معاشي صورتحال، پر انهن ٻنهي اهم معاملن کي جنهن نموني هو منهن ڏئي رهيو آهي، ان سان اهي حل ٿيڻ بجاءِ وڌندا، ڇو ته سرڪار جي پاليسين ۾ زبردست مرڪزيت حاوي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان چون پيا ته، اسان مري رهيا آهيون، سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، رياست نظر نه ٿي اچي. جي اوهان ڪراچي موٽر وي ۽ گوادر کان ڪاشگر تائين موٽر وي ٺهرائي ڏئي رهيا آهيو، اها موٽر وي دراصل پنجاب جي ڪاروبار ۽ واپار کي هندي سمنڊ کان ڪاشگر ۽ وچ ايشيا تائين پهچائڻ لاءِ آهن. اسان وٽ واپاري ئي نه آهن، ته اسان جو ڪاروبار ڪهڙو ٿيندو. در اصل 11/9 کانپوءِ واري Doctrine اصول هيٺ پنجاب پنهنجي پاليسيءَ تي بنيادي نطرثاني ڪئي آهي. انهيءَ ڪري ئي نواز ليگ کي اقتدار مليو آهي. هاڻي هو سول ملٽري سهڪار ذريعي واپار ۽ اسٽريٽجڪ معاملن ۾وڏا ڌڪ هڻڻ چاهي ٿو، ته جيئن پنهنجي لاءِ انرجي، پاڻي ۽ واپاري رستن کي يقيني بڻائي ۽ ان لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن کي ٻارڻ ڪري. انڪري ئي سنڌ تي مينڊيٽ واري سرڪار به بيوس آهي ۽ ڄاڻ ان سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جي شروعات ڪئي. گذريل پنجن سالن دوران جيڪڏهن پ پ سرڪار سنڌ جي ڏاهپ ۽ سرت کي گڏ کڻي ها ۽ سنڌ جي معاملن تي Committed نه سهي پر اوپن هجي ها، ته هاڻي ان جي دانهن ۽ ڪُوڪ جو ڪو اثر به ٿئي ها، پر هاڻ ته سندن دانهن ۽ ڪُوڪ جو ڪو اثر نه آهي. پنجاب جا اينڪر اربين رپيا سندس کان وٺي نواز شريف جا اهڙا پيا گيت ڳائين، جهڙوڪ پ پ سندن واقف ئي نه هئي. انڪري ئي پنجاب جي پ پ اڳواڻ راجا رياض وڏي دانهن ڪئي آهي ته، نجم سيٺي هنن سان پنجاب ۾ وڏي جُٺ ڪئي. باقي پ پ سرڪار لاءِ سنڌي اينڪر، سنڌ جي مخالف ڌر، ميڊيا ائين آهي جيئن ”اڪ جي ماکي“ پاڻ هر تو غلامWilling Slavery واري ذهنيت ۽ سوچ جي اها ئي عڪاسي آهي، جڏهن سنڌ کي ڇڏي مرڪز سان وفاداري ٿيندي، ته پوءِ ڀوڳڻو ته پئي ٿو ۽ خبر به پئي ٿي ته مينڊيٽ ڇا آهي؟
هينئر سياسي دور ۽ خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا ۾ وڏيون تبديلون رونما ٿي رهيون آهن، انڊيا، افغانستان، چين، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا سان مستقبل ۾ جيڪي به معاهدا ٿيندا، اهي صرف ۽ صرف رياست جي مخصوص مفادن هيٺ ٿيندا. اسان اڳ ئي چيو هو ته، برطانيا ۽ آمريڪا متحده سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي وري سنڌ جي جاگرافيءَ کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ کان خطرو آهي. سنڌ جي وحدت کي خطرو صرف ۽ صرف مرڪز کان آهي ۽ پ پ سنڌ مان ووٽ وٺي مرڪز کي مضبوط ڪري، سنڌ کي ڪمزور ڪري ٿي، جيڪو پ پ جو پنهنجو نقصان به آهي، ڇو ته پ پ جو ورڪر، جيڪو پ پ سان بي پناهه پيار ڪري ٿو ۽ شهيدن جي رت سان سلهاڙيل آهي، اهو پنهنجي ڌرتيءَ سان پ پ جي اهڙي روش ڏسي سخت ششدر آهي، ته آخر ايڏين قربانين ۽ رت جي راند کانپوءِ سندن وطن کي ڇا مليو. ڇا پ پ جي گذريل ڇهن سالن جي اقتدار کانپوءِ سنڌ جي سماج، معاشيات ۽ صنعت ۾ ڪا اهڙي تبديلي آئي آهي، جو سنڌ رهڻ لاءِ بهتر جڳهه ٿئي. هر روز قتل ۽ بربريت جو ننگو ناچ آهي. سنڌ جا وسيلا آئيني طور اسانجا هوندي ڌارين وٽ آهن. اقتدار اعلى ايترو آهي، جو ڪراچي جو ايس اڇ او وڏي وزير جي نه ٿو ٻڌي. ان جي ابتو صورتحال وري سياست ڇڙوڇڙ آهي ۽ ايڏي وڏي ڀيانڪ صورتحال تي سماج جا سمورا طبقا بشمول بيورو ڪريسي، پوليس، سول سوسائٽي بجاءِ جو گڏ ويهي ۽ حل ڪڍن، اهي پنهنجي سياست ۽ دانشوري جتائڻ لاءِ يا خصيص مفادن لاءِ هڪٻئي کان پري آهن. سنڌ جو نوجوان نسل علم، تعليم، رهنمائي ۽ سياست کان وانجهو آهي. ڏسو ته مرڪز ۽ پنجاب پنهنجي رياست ۽ سماج کي زبردست ٺاهڻ لاءِ ڪيئن نه پيش قدميون پيا ڪن. اهي اسان آهيون جو پنهنجي امير ترين رياست سنڌ کي پوئتي ڪري بيٺا آهيون ۽ مرڪز ۽ ٻين قومن ڏانهن واجهائي رهيا آهيون، ته اهي ڪي اسان لاءِ مسيحا ٿيندا. انڪري هن صورتحال ۾ وڏي قومي ٻڌيءَ کي جنم ڏيڻو آهي، جيڪو سنڌ لاءِ ٻه قدم هلي، اهو به ڀلو ۽ جيڪو منزل تائين هلي، اهو ويتر ڀلو، سنڌ رياست هر لحاظ کان هن خطي ۾ وڌيڪ مالا مال آهي پر ان قدرت جي ثمر کي اسان جي ماڻهن کي چَکڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. پاڙيوارن ڏيهن ۾ ايندڙ تبديليون اسان تي روز اثر انداز ٿي رهيون آهن پر اسين ويڳاڻپ جو شڪار آهيون ۽ مرڪز جي ان سازش ۾ هر وقت شامل ٿي رهيا آهيون، ته عيب پاڻ ۾ ڳولهيو ۽ اسان ته اوهان تي رڳو علم ۽ عقل ذريعي قبضو ڪيو آهي.
No comments:
Post a Comment