محمد علي شاهه
گذريل ڪيترن ئي سالن کان حڪومت، آبپاشي ماهرن، ماحولياتي ماهرن ۽ سول سوسائٽي ۾ اهو بحث هلندڙ آهي ته انڊس ڊيلٽا کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ سنڌو درياءَ جي ڪيتري پاڻي جي گهرج آهي. ماحو ليات تي ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم آئي يو سي اين جو چوڻ آهي ته تمر ۽ سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ لاءِ 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گهرج آهي ۽ مهاڻن تي ڪم ڪندڙ تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم هميشه مطالبو ڪندي رهي آهي ته ڊيلٽا ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي حياتين کي بچائڻ لاءِ ساليانو 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ جي ضرورت آهي، جڏهن ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويندو پر ان تي به اڄ ڏينهن تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. انڊس ڊيلٽا کي بچائڻ ۽ ان کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪيتري پاڻيءَ جي گهرج آهي، اهو طئي ڪرڻ کان پهرين اچو ته جائزو وٺون ته ڊيلٽا ڪيئن ٺهندا آهن ۽ انهن کي زنده رکڻ جو عمل ڪيئن هوندو آهي. دريائي ڊيلٽا دراصل درياءَ جو هيٺانهون ميداني علائقو ۽ زميني سطح جي قدرتي ساخت آهي، جيڪا درياءَ جي پوڇڙ ۾ هوندي آهي، جتي دريا سمنڊ يا ٻئي پاڻيءَ جي ذخيري ۾ ڇوڙ ڪندو آهي.
ڊيلٽا دراصل دريائي وهڪري ۽ سامونڊي سرشتي جي باهمي عمل جو نتيجو آهي. ان کان علاوه ڊيلٽا هر ان جڳهه تي وجود ۾ ايندا آهن، جتي دريائي وهڪرو کليل تانگهي پاڻيءَ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. درياءَ جي هيٺين حصي يا درياءَ جي پڇاڙ کي ڊيلٽا چئبو آهي. درياءَ جي پڇاڙ واري علائقي ۾ درياءَ جو وهڪرو آهستي هوندو آهي ۽ ڦهلجي شاهوڪار خشڪ سلٽ وارو علائقو ٺاهي ٿو. ان کان علاوه آب گاهن جي حياتي رنگا رنگي ٺاهي ٿو. ڊيلٽا انسانن جي سرگرمين، مڇي ۽ ٻين جهنگلي جيوت لاءِ تمام گھڻو ضروري هوندو آهي، ڇو ته ڊيلٽا زرخيز سئائل (زمين) ۽ وڏي پئماني تي وڻڪار ۽ نباتاتي جيوت جو قدرتي آماجگاهه آهي. دريائي ڊيلٽا جي زرخيز سئائل (زمين) انسانن لاءِ هزارين سالن کان تمام گهڻو اهم رهي آهي. گهڻو ڪري قديمي تهذيبن جو جنم انهن ڊيلٽائن ۾ ٿيو آهي، جيئن نيل دريا، سنڌو دريا، دجلا ۽ فرات، جنهن سان ماڻهو گڏ رهندا هئا ۽ سکندا هئا ته ڪيئن ڊيلٽا جي سيلابي ڦيري (سائيڪل) سان گڏ حياتي گذارجي. هن ڌرتيءَ تي ڊيلٽا تمام گهڻا اهم ۽ حياتياتي رنگا رنگي سان ڀرپور آهن. جيئن ته اهو ضروري آهي ته اهي صحت مند رهن ته جيئن نباتات، جانورن، ڪيڙن ۽ مڇيءَ کي مضبوط فطرتي آماجگاهه مهيا ڪن، جيڪي انهن ۾ جيئرا رهي سگهن. جهڙي طريقي سان هر ساهه واري جنس جو جسماني ڍانچو (ايناٽامي) هوندو آهي، ساڳئي طريقي سان دريائي ڊيلٽائن جي به ايناٽامي هوندي آهي، جيئن ڪوبه انسان جيڪڏهن جسماني ڍانچي جي ڪنهن عضوي کان محروم ٿي وڃي ته پاڻ ان کي معذور چونداسين ۽ بلڪل اهڙي طريقي سان جڏهن دريائن ۽ ڊيلٽائن جي ايناٽاميءَ مان ڪو به عضوو متاثر ٿيندو ته هي پڻ معذور ٿي ويندا آهن. اچو ته پهرين پاڻ درياءَ جي ايناٽامي کي ڏسون.
حقيقت ۾ درياءَ منڍ (سرو) کان پڇاڙ يعني ڊيلٽا تائين پورو هڪ جسم آهي، جنهن جا مختلف عضوا آهن. جيڪڏهن درياءَ ڪنهن هڪ به عضوي کان محروم ٿيندو ته ان درياءَ کي معذور چيو ويندو. درياءَ جي ايناٽامي جا عضوا، جنهن ۾ ٽريبيوٽري، اپ اينڊ ڊائون، درياءَ جو کاٻو ۽ ساڄو پاسو، درياءَ جو سرو، چينل، دريائي ڪنارو، دريائي سيلابي ميدان، درياءَ جو منهن يا ڊيلٽا، آب گاه ۽ درياءَ جو وهڪرو ٿيندا آهن. فطرت جي اصول مطابق ذڪر ڪيل درياءَ جي عضون مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ عضوي کان درياءَ کي محروم ڪري ڇڏجي ته اهو دريا معذور ٿي ويندو. ڊيلٽائن جي ٺهڻ بعد انهن جا ٽي حصا هوندا آهن. اهي ڊيلٽائي حصا، جنهن ۾ پهريون ڊيلٽا جي زمين جو مٿيون حصو، ٻيو ڍيلٽا جو هيٺيون حصو ۽ ٽيون ڊيلٽا جو پاڻيءَ وارو حصو. ڊيلٽا جو مٿيون پلين اهڙو علائقو آهي، جيڪو زمين جي گھڻو ويجهو هوندو آهي ۽ اهو جنهن ۾ پاڻي گهٽ ۽ زمين جي سطح وڌيڪ هوندي آهي. ڊيلٽا جو آبي حصو اهڙو حصو آهي، جيڪو سمنڊ يا پاڻيءَ جي ٻئي ذخيري کي گهڻو ويجهو هوندو آهي، جنهن ۾ دريا وهندو آهي. ڊيلٽا جو هيٺيون پلين حصو ، جنهن کي ڊيلٽا جو وچيون حصو چئبو آهي، جتي ڊيلٽا جي مٿئين حصي ۽ آبي حصي جي درميان هڪ حالت کان ٻي حالت ۾ تبديل ٿيڻ جو زون آهي.
ڊيلٽائن جي ٺهڻ جو عمل تمام گھڻو آهستي هوندو آهي. جڏهن دريا مٿي پهاڙن ۾ منڍ کان پوڇڙ تائين وهندو آهي ته پاڻ سان گڏ آلي مٽيءَ جا ذرا، سِلٽ، ريتي، ڪڪري ۽ رائو درياءَ جي منهن ۾ جمع ڪندو آهي، ڇو ته درياءَ جو آهستي وارو وهڪرو پاڻيءَ جي وڏي ذخيري سان ملندو آهي. وقت بوقت اها سِلٽ درياءَ جي پڇاڙ يا منهن ۾ جمع ٿيندي ٿيندي سمنڊ ۾ اڳتي وڌندي آهي ۽ ايستائين وڌندي، جيستائين پاڻي وڌ کان وڌ تانگھو نٿو ٿئي. دريا وڏي مقدار ۾ سلٽ يا مٽي اڇليندو زميني سطح جي قدرتي ساخت ٺاهيندو علائقي جي سطح کي وڌائندو اڳتي وڌندو آهي. ان کان علاوه درياءَ جو وهڪرو سگهاري سِلٽ جي ذريعي زمين کي ڪٽي اڳتي نڪري مختلف شاخون ٺاهيندو آهي. انهن شاخن کي درياءَ جون شاخون يا ڍسٽريبيوٽريز چيو ويندو آهي. هتي اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته فطرتي اصول مطابق ڊيلٽائن کي درياءَ ٺاهيندا آهن ۽ انهن جي ٺهڻ جي عمل ۾ لکين سال لڳندا آهن. جيئن آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڊيلٽا درياءَ ۽ سامونڊي ويرن جي باهمي عمل جي ذريعي ٺهندا آهن پر ان باهمي عمل ۾ ضروري آهي ته جڏهن دريا پاڻ سان گڏ آڻيندڙ سلٽ جي مقدار، رفتار ۽ طاقت دريا جي پڇاڙ ۾ سامونڊي لهرن کان تمام گهڻي هوندي، تڏهن ئي دريا سمنڊ کي پوئتي ڌڪي زميني سطحي جي قدرتي ساخت ٺاهي ڊيلٽا ٺاهيندو، نه ته ٻي صورت ۾ سامونڊي لهرون دريا کي پنهنجي اندر جذب ڪري ڇڏينديون ۽ ڊيلٽا ٺهڻ جو عمل نه ٿي سگهندو.
سڄي دنيا ۾ دريائن تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي دريائن جا رخ موڙيا ويا آهن. دريا ۽ ان جي سِلٽ ۽ مٽيءَ کي ڊيمن جي پويان قيد ڪيو ويو آهي، دريائن جي ايناٽامي کي تباهه ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي دنيا جا خوبصورت ۽ شاهوڪار ڊيلٽا هن ڌرتيءَ تان ختم ٿي چڪا آهن. سائنسدانن جي رپورٽ مطابق، سڄي دنيا جا ڊيلٽا هاڻ غرق ۽ تباهه پيا ٿين ۽ ٻوڏ جا خطرا وڌن پيا، جنهن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿيندا. دنيا جا گهڻو ڪري وڏا دريائي ڊيلٽا ختم پيا ٿين. تمام گهڻي ٻوڏ جي ڪري علائقن جي غير محفوظ هجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. دريائي نظام ۾ انساني هٿ چراند جي ڪري دنيا جي 44 وڏن ڊيلٽائن مان 24 ڊيلٽا ختم ٿي چڪا آهن. ڊيلٽائن جو غرق ٿيڻ ۽ سامونڊي سطحي جي وڌڻ جي ڪري طوفانن ۽ ٻوڏن جا خطرا تمام گهڻا وڌي ويا آهن، جنهن جي ڪري انهن جا نقصان به تمام گهڻا ٿي سگهن ٿا. موسمياتي تبديليءَ جي ڪري گليشيئر ڳرن پيا ۽ سامونڊي سطح وڌي پئي. جنهن جي ڪري ٻوڏ کان غير محفوظ علائقو پوري دنيا ۾ 50 سيڪڙو وڌي ويندو. ڊيلٽائن تي تفصيل سان بحث ڪرڻ کان پوءِ آئون اوهان کي ٻدائڻ ٿو چاهيان ته انڊس ڊيلٽا جي ٺهڻ ۽ ان کي انساني هٿ چراند سان ڪهڙي طريقي تباهه ڪيو ويو آهي، اچو ته ان جو جائزو وٺون. سنڌو ڊيلٽا سنڌو درياءَ جي ايناٽامي جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن کي سنڌو دريا پنهنجي شاهوڪار ۽ زرخيز سِلٽ ۽ مٽيءَ سان تخليق ڪيو آهي. سنڌو دريا هر سال 180 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻيءَ سان گڏ 400 ملين ٽن زرخيز سلٽ ۽ مٽي آڻي درياءَ جي پڇاڙ ۾ سمنڊ ۾ اڇلي سمنڊ کي ڪيٽي بندر کان 100 ميل پري ڌڪي ڇڏيو. سنڌوءَ جو پڇاڙ وارو ڊيلٽائي علائقو 17 کارين تي ٻڌل هٿ واري وڃڻيءَ جي شڪل جهڙو سنڌ جو هڪ وسيع علائقو آهي، جنهن جي پکيڙ ڪراچيءَ کان رڻ ڪڇ تائين 52800 چورس ڪلوميٽر آهي. دنيا جو اهو ستون وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا آهي، جنهن کي ٺهڻ ۾ لکين سال لڳا. هن وقت سنڌوءَ مان نڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ چار مکيه کاريون آهن: ڦاٽ، کوبر، روهڙو ۽ مُٽِڻِي. اهي اڳتي هلي ڇوڙ ڪندڙ ننڍين کارين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، جهڙوڪ: ترڇاڻ، راڄواري، واٺو، کڻندُ، لياري، مَلُ، شڪرانو، ڪڏو، ٽڪو، اوچتو، ميرواهه، پکيارو، سنهڙي ۽ اڌ يارِي. درياءَ جو مٺو پاڻي، سمنڊ جي پاڻيءَ کي پوئتي ڌِڪي ٿو، سمنڊ کي ڌرتيءَ ڏانهن وڌڻ کان روڪي ٿو ۽ تِمر جا ٻيلا اُپائي ٿو، جيڪي سامونڊي پٽيءَ جي ميداني علائقي جِي لوڙهي وانگي حفاظت ڪن ٿا. درياءَ جي پڇڙيءَ تائين مٺو پاڻي نه پهچڻ ڪري سمنڊ ساحلي پٽيءَ وارن ميداني علائقن تي چڙهي رهيو آهي، جنهن ڪري تِمر جي ٻيلن واري ايراضي گهٽجي رهي آهي. ان سان سامونڊي ڀيڙن (پائيندڙ) ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ ڪناري جا وڌ کان وڌ علائقا کارا ٿي رهيا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ضلعي ٺٽي ۽ بدين جا وسيع زرخيز علائقا سامونڊي پاڻيءَ هيٺ اچي کارا ٿي ويا آهن.
سنڌو درياءَ جي پڇاڙ ۾ انڊس ڊيلٽا واري علائقي جو ماحولياتي نظام 1947ع کان گهڻو اڳ ان وقت تباهه ٿيڻ شروع ٿيو هو، جڏهن کان سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ وارن وڏن منصوبن جي رٿابندي شروع ڪئي وئي هئي. 1890ع وارن سالن دوران برطانوي دور ۾ پنجاب جو آبپاشي نظام جڙڻ لڳو هو، جنهن کانپوءِ 1932ع ۾ سکر بيراج تعمير ڪيو ويو. 1955ع ۾ ڪوٽڙي بيراج اڏيو ويو ۽ 1962ع ۾ گڊو بيراج تعمير ڪيو ويو، ان کانپوءِ سنڌو دريائي سرشتي تي ٻه وڏا ڊيم منگلا (1967ع) ۽ تربيلا (1974ع) ۾ تعمير ڪيا ويا. اڄ پوري پاڪستان ۾ سنڌو دريائي سرشتي تي 19 بيراج، 43 ڪينال ۽ 48 ٻيا پاڻي کڻندڙ ذريعا موجود آهن، ان جي نتيجي ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبپاشي نظام جوڙيو ويو، جنهن جا 105000 واهه 61000 ڪلوميٽر ڊگها آهن، جن تي 35 ملين (ساڍا ٽي ڪروڙ) ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. سنڌوءَ جي دريائي نظام مان پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ ٽي وڏا ذخيرا جوڙيا ويا، هڪ جهلم ندي تي منگلا، ٻيو سنڌوءَ تي تربيلا ۽ ٽيون چشما. پاڻيءَ جي انهن ذخيرن ۾ 20 ايم اي ايف پاڻي رڪجي ويو، ان کان علاوه 12 لنڪ ڪينال تعمير ڪيا ويا، جن الهندي وارين ندين مان اڀرندي وارين (سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارين) پنجاب جي ندين ڏانهن پاڻي موڙي ڇڏيو. هن وقت تخميني مطابق هر سال سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو اٽڪل 150 ايم اي ايف آهي، اهڙي هٿ چراند سبب سنڌو درياءَ جي تازي پاڻيءَ جو انڊس ڊيلٽا ۾ قدرتي وهڪرو 99 سيڪڙو گهٽجي چڪو آهي، نتيجي ۾ سنڌو دريا 17 ننڍن وهڪرن بدران صرف هڪ وهڪرو ٿي وهڻ لڳو آهي.
اها حقيقت آهي ته ڪيئن ماضيءَ جو خوشحال ڊيلٽائي علائقو، جنهن جا ماڻهو به سکيا ستابا ۽ آباد هئا، جيڪو انسانن ۽ حڪومتن جي هٿ چراند جي ڪري بلڪل تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. اها سموري تباهي ترقيءَ جي نالي ۾ سنڌو درياءَ کي ڊيمن ۽ بيراجن جي پويان قيد ڪري ڪئي وئي آهي. ان سڄي ترقيءَ جي قيمت ڊيلٽا جي ماڻهن کي ادا ڪرڻي پئي آهي. سامونڊي چڙهت سبب ٺٽي ۽ بدين جي اٽڪل35 لک ايڪڙ زمين تباهه ٿي چڪي آهي. ڊيلٽا جي ماحوليات بلڪل تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ڊيلٽا مان لکين ماڻهن کي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي. ماضيءَ جي زرخيز ڊيلٽا جي صورتحال اتي وڃي پهتي آهي جو دريا جي پڇاڙ جي ماڻهن کي هاڻ نانگ پڪڙي گذر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سامونڊي چڙهت جي ساڳي صورتحال رهي ته ايندڙ 20 کان 30 سالن ۾ ٺٽي ۽ بدين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. هن وقت ڊيلٽا جي ماحو لياتي، سماجي ۽ معاشي صورتحال ايتري خراب ٿي چڪي آهي ۽ غربت ۾ حد کان زياده واڌارو ٿيڻ جي ڪري هاڻ ڊيلٽا جا ماڻهو خيرات وٺڻ تي مجبور آهن، جنهن جو تازو مثال 29 جون تي جنگي سر ۾ عرب شيخن هڪ با اثر وڏيري جي ذريعي خيرات ورهائڻ تي مسمات بيگان گجڙيو ۽ مسمات سڪينا ملاح چپجي مري ويون ۽ ڪيتريون عورتون زخمي ٿي پيون. منهنجي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جن ماڻهن گرين ريووليوشن جي ترقيءَ جي قيمت ادا ڪئي، انهن ماڻهن کي هن ترقيءَ مان ڇا مليو؟ وڏي ڏک مان ٿو چوڻو پوي ته جن ماڻهن جو سنڌو درياءَ تي سڀ کان پهريون ۽ اولين حق هو، اڄ انهن درياءَ جي پڇاڙ جي ماڻهن کي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهن ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نصيب ڪونه ٿو ٿئي، بلڪه ڊيلٽا جي پوري ثقافت برباد ٿي وئي آهي.
آئون پنهنجي بحث کي سهيڙيندي هڪڙي ڳالهه جيڪا انتهائي ضروري ٿو سمجهان، اها اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ۽ ان کي غور سان سمجهڻ جي ضرورت آهي، نه ته پاڻ درياءَ ۽ ان جي ڊيلٽا جي جسماني ڍانچي يا ايناٽامي کي سمجهي نه سگھنداسين. آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته دريائي ڊيلٽا، دريا جي پڇاڙ ۾ دريا ۽ سامونڊي ويرن جي باهمي عمل (انٽر ايڪشن) جي ذريعي جڙندا آهن ۽ درياءَ ۽ سامونڊي ويرن جي ان انٽر ايڪشن ۾ جڏهن درياءَ ۽ سلٽ جي رفتار، مقدار ۽ طاقت سامونڊي ويرن کان وڌيڪ هوندي، تڏهن ئي دريا سمنڊ کي پوئتي ڌڪيندي ڊيلٽا ٺاهيندو. هاڻ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته سنڌو ڊيلٽا به دريا ۽ سامونڊي ويرن جي انٽر ايڪشن جي ذريعي وجود ۾ آيو آهي ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي ۽ ان جي سِلٽ جي مقدار، رفتار ۽ طاقت سامونڊي ويرن کان وڌيڪ هئڻ جي ڪري سنڌو ڊيلٽا ٺهيو آهي. هن وقت سنڌو دريا سلٽ سميت ڊيمن ۽ بيراجن جي پويان قيد آهي. ان صورتحال ۾ اسين اهو ويهي فيصلو ڪريون ته ڊيلٽا جي ماحوليات کي بچائڻ لاءِ هيترا ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي گھرج آهي، اهو چاهي 10يا 35 ملين ايڪڙ فوٽ هجي، ان سان دريا ۽ سامونڊي ويرن جو فطرتي انٽر ايڪشن مڪمل ٿي ڪونه سگهندو، ڇو ته دريا ۽ سامونڊي ويرن جي طاقت، رفتار ۽ مقدار جي توازن ۾ بگاڙ اچي ويندو، جنهن جي نتيجي ۾ سامونڊي ويرن جي طاقت ۽ رفتار سنڌو دريا کان وڌيڪ ٿي ويندي، ان ڪري دريا جو گهٽ مقدار وارو پاڻي ۽ سلٽ سامونڊي ويرن ۾ غائب ٿي ويندو.
malishah56@gmail.com
Nice post.
ReplyDelete