Thursday, September 19, 2013

سياست مان ڏوهن جو خاتمو ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار


سياست مان ڏوهن جو خاتمو ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار لطيف جمال فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعر سرمد شهيد جي زندگيءَ ۽ اُن دور جي حالتن جو تجزيو ڪندي، برِصغير جي مشهور عالم مولانا آزاد لکيو هو ته: ”هن وقت تائين سياست جي تلوار مذهب جي مياڻ ۾ رهندي آئي آهي.“ مولانا آزاد برِصغير جي سياسي صورتحال جي پسمنظر ۽ تاريخ جي تلخ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ شايد اِهو چيو هُجي. پر ورهاڱي کان پوءِ سياست جي تلوار مذهب جي مياڻ مان نڪري انساني ڪنڌن کي ڪيئن ڪيرايو؟ ڪيئن اُن تلوار جي ڌار تي سياست انساني تاريخ جو وڏو ڪوس گهر ثابت ٿي پئي؟ اُن جا وڏا مثال ورهاڱي سان ئي شروع ٿي ويا هُئا. اڄ به اُن انبالا اسٽيشن تي ڪاتين سان ڪُٺل انساني رت جا داغ مِٽجي ناهن سگهيا. اڄ به اُن اسٽيشن جي آسپاس ۽ اُن دور جي انسانن جون دليون، پنهنجي معصوم ٻارڙن جي ريهن سان چِيرجنديون رهن ٿيون. مذهب جي مياڻ مان نڪتل تلوار وري ڪڏهن به واپس مياڻ ۾ ماپي نه سگهي. سياست جي اها تلوار مياڻ مان نڪري جڏهن ويڙهاڪ تنظيمن جي هٿن ۾ پُهتي ته اُن جي شڪل ئي تبديل ٿي وئي ۽ هڪ منظم واپار ۾ تبديل ٿي وئي. ۽ ويڙهاڪ گروپن، روبل ۽ ڊالر ايترو ڪمايو جو اُنهن جي ڪمائيءَ مان اُنهن جون ست پيڙهيون به سُکيون ٿي ويون پر اُن جا نتيجا اڄ به هن مُلڪ جي مٿي جو سُور بڻيل آهن. گُذريل ٽن ڏهاڪن کان سياست جي اها تلوار پنهنجون شڪليون ۽ چهرا تبديل ڪندي رهي آهي. هاڻ ته سياست ڏوهن جي محفوظ پناهگاهه بڻجي وئي آهي. هاڻ ته حالتون ان حد تائين پهتل آهن جو پوليس آفيسر به اهو اعتراف ڪندا رهيا آهن ته اهو سمجهڻ اُنهن لاءِ ڏُکيو آهي ته، سياست جون حدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون ۽ ڏوهن جي حد ڪٿان شروع ٿئي ٿي؟ سياست ۾ گهڙي آيل ڏوهن جي ابتدا ته مختلف ويڙهاڪ گروپن کان ٿي پر اُن جي نيٽ ورڪ ۽ ڦهلاءَ جي طريقهءِ ڪار کي، سياسي پارٽين پنهنجي تنظيمي ڍانچي جو حصو بڻائي ڇڏيو. سياسي تلوار کي ويڙهاڪ گروپ ته استعمال ڪندا ئي رهيا پر هاڻي اُن تلوار جو استعمال اُهي سياسي ڌريون به ڪنديون رهن ٿيون، جيڪي ڪنهن به طرح نٿيون چاهين ته اُنهن جي سياسي طاقت جي ڪمزوريءَ مان ڪا ٻي پارٽي فائدو وٺي سگهي. اُهو ئي سبب آهي جو ڪيتري عرصي کان اڪثر سياسي پارٽين جي اندر به هٿياربند ونگز موجود آهن، جيڪي ننڍن ننڍن چندن کان وٺي آهستي آهستي لينڊ مافيا جي ڪاروبار ۾ به ڪاهي پيون آهن، جن تي سندن پارٽين جو به هاڻ وس ناهي رهيو، ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪاروبار ۾ سياسي قيادتن جي هيٺئين ورڪر ڪلاس کان مرڪزي قيادتن تائين سڀ اُن رنگ ۽ مزاج ۾ تبديل ٿي چُڪيون آهن. اڪثر اُهو سياسي نسل اهو سوچيندو ئي رهي ٿو ته ڇا هن مُلڪ جي سياست کي ڏوهن جي دُنيا کان ڌار ڪري سگهجي ٿو؟ پر نظرياتي بحثن جي گود ۾ پلجي وڏو ٿي ويل اُن نسل کي اڄ به اهو سوال ستائيندو رهي ٿو ته سياست جي گنگا ڏوهن جي دنيا ۾ ميري ٿي ويندي؟! اُنهن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته سندن سياسي رومانس کي ڏوهن جي دُکندڙ دنيا ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.؟ دنيا ۾ سياسي غلطين جا ازالا ٿيندا آهن ۽ غير يقيني سياسي حالتن جي دور ۾ اُنهن موقعن مان فائدو ورتو ويندو آهي، جيڪي موقعا پارٽين ۽ تنظيمن کي سماج سان جوڙي هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. پر اسان اڄ به پنهنجي سياسي صفن کي سڌو رکڻ بجاءِ ڪو ليڪو پائي بيهڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ نه سماجي سياسي حالتن کي سمجهندي بهتر تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ سنجيده آهيون. اڄ به جنونيت تي ڇتي تنقيد ڪندڙ پارٽيون پنهنجي صفن ۾ جهاتي پائي ڏسنديون ته اُنهن ۾ اهڙا ڪيترائي ڏوهي نظر ايندا، جيڪي نظرين ۽ آدرشن جي آڙ ۾ انفرادي مُعاشي مُفادن جي حاصلات لاءِ سياسي پارٽين جي پناهه هيٺ ويٺل نظر ايندا. هڪڙو اهڙو به دور هو جو چندا سياسي پارٽين کي هلائڻ لاءِ ڪيا ويندا هُئا ۽ سياسي پارٽيون ان حد تائين پنهنجي آدرشن ۽ نظرين سان وفادار رهنديون هُيون، جو اُنهن چندن جو به حساب ڪتاب رکنديون هُيون. هاڻ ته اڪثر سياسي پارٽين جي ننڍي کان ننڍي ورڪر جو گهر به اُنهن چندن تي هلي رهيو آهي. اڄ مُلڪي ۽ غير مُلڪي ناڻي جي گناهن جي وهندڙ گنگا جي ميري پاڻيءَ ۾ شفاف تعارف وارا سياسي اڳواڻ به پنهنجي دامن کي داغن کان بچائي ناهن سگهيا. پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن پئسو پاڻيءَ وانگر وهڻ لڳي ته چڱن ڀلن جا پير به کسڪي وڃن ٿا. جڏهن نظرياتي سياسي رستا ئي بچيل نه هُجن ته جدوجهد فقط پينافليڪس جي بينر کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ هاڻ سياست فقط اشتهار، بينر ۽ وال پوسٽر جي دڪان ۾ بند ٿي وئي آهي. اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين جي ورڪرن جا مزاج آجياڻن، پارٽين ۽ وڏن پينافليڪس جي سيڙپ کان پوءِ ٺيڪن، نوڪرين ۽ جائيدادن جي حاصلات جي ڪاروبار تائين محدود آهن، جڏهن ته اقتدار کان پري رهندڙ پارٽين جا ورڪر، ورسي تقريبن، جلسن ۽ ڌرڻن ڪرائڻ جي آڙ ۾ منظم رٿابنديءَ سان لينڊ مافيا جو حصو بڻجي پيا آهن. جيڪڏهن گهرائيءَ سان غور ڪجي ته اسان بنيادي سياسي فلسفي جي واٽ وڃائي، اُن پاسي وڃي رهيا آهيون، جتي صبح ٿيڻ جي ڪا به اُميد نظر نٿي اچي. گُذريل ٽن ڏهاڪن کان اسان بنياد پرست ونگز کي ڏسندا رهياسين ۽ اهو سوچيندا رهياسين ته ڪنهن به طرح سنڌ کي هڪ لبرل ۽ مڊل ڪلاس سياسي جماعت جي ضرورت آهي، جيڪا ڪنهن به طرح سنڌ جي مجموعي سياسي مُفادن تي ڪا سوديبازي نه ڪري سگهي، سنڌ جي سياسي مُفادن جي ايجنڊا کي اوليت جي بنيادن تي رکي. هن وقت جڏهن سنڌ جي سياسي مُفادن جي جدوجهد جو سوال آهي ته هر پارٽي اهو ڏيکاءُ ته ڏيندي رهي آهي ته سنڌ سان اُنهن جي غير مشروط محبت آهي، پر ڇا اها حقيقت ناهي ته اسان به اُنهن بنياد پرست قوتن وانگر سنڌ جي سياسي نعرن جي آڙ ۾ اهڙي ئي ڪاربان ڪاپي ڪلچر کي اُڀاريو آهي، جيڪو ڪلچر بنيادپرست جماعتن سان ملندڙ جُلندڙ آهي، پر سوال اهو آهي ته سنڌ جون سياسي حالتون هن وقت ڪهڙي پاسي وڃي رهيون آهن؟ ڇا سنڌ جي سياسي پارٽين جي صفن ۾ به ساڳيون روايتون جيئن جو تيئن برقرار ناهن؟ جن جي زبان تي هر وقت سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو ذڪر هوندو آهي، جيڪي سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين تي سراپا احتجاج رهن ٿيون پر ڇا اُهي سنڌ کي مُڪمل سياسي تنظيم ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيون آهن؟ ڇا پيپلز پارٽي جو نعم البدل نه ئي سهي پر ڪا اهڙي پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي پوري ڪمٽمينٽ سان پنهنجي صفن مان اهڙن سياسي ورڪرن جو صفايو ڪري سگهي، جيڪي فقط پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سياسي پليٽ فارم استعمال ڪن ٿا، جيڪي منظم طور تي ڏوهن جي دُنيا کي سياسي پارٽين جي سهاري تي آباد رکندا اچن پيا. ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن به طور تي ايستائين سنڌ دوست نٿي بڻجي سگهي، جيستائين اُها پنهنجي صفن مان اهڙن مفاد پرست ٽولن کي ڪڍي، مُڪمل طور ڪميٽيڊ ۽ نظرياتي سياسي ورڪرن جو تعداد نٿي وڌائي. جيڪڏهن سنڌ جي سياسي تنظيمن جي بنيادي سياسي ورڪرن تي نظر وجهبي ته اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته اڪثر هر پارٽيءَ جو ورڪر خود هڪ سياسي پارٽي نظر ايندو، جيڪو ڪنهن به طرح سياسي ۽ تنظيمي ضابطن ۽ اصولن جو پابند ناهي. اهڙن ڇڙواڳ سياسي ورڪرن جي سهاري تي سنڌ ۾ سياسي جدوجهد جو تصور ائين آهي ڄڻ انڌن کي آئينو ڏيکارڻ. گُذريل هڪ ڏهاڪي کان سنڌ جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿيون آهن، جن ۾ وڏو عمل دخل سياسي پارٽين جي ڪمزور سياسي اسٽرڪچر جو آهي. جيئن جيئن مواصلاتي نظام ترقي ڪئي آهي، تيئن تيئن سنڌ جي سياسي تنظيمن کي، اهڙي مواصلاتي نظام مان فائدو وٺندي، پنهنجي سياسي ورڪرن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرجي ها ۽ اُن تربيت جا اولڙا اُنهن جي نظرياتي فڪر، فهم ۽ ادراڪ مان اچڻ گُهرجن ها. پر افسوس جو اڪثر سياسي پارٽيون ڏوهارين جي نرسري بڻجڻ کان پاڻ کي بچائي ناهن سگهيون. اهڙين حالتن ۾ ويجهي مستقبل ۾ سنڌ ۾ ڪنهن وڏي سياسي ڀونچال اچڻ جي اُميد ناهي رهي. جيڪڏهن سنڌ جي 80ع واري ڏهاڪي تي نظر وجهبي ته اهو ورڪر هن وقت صحافت، اين جي اوز ۽ ٻين ڪاروباري ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. جيڪا نئين نرسري پئدا ٿيڻ گهرجي ها، سنڌ ۾ اُن جو وڏو خال آهي. اڄ ان سچائيءَ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جي سياست گليمر جي دنيا ۾ اچي گُم ٿي وئي آهي. سياست ۽ ڏوهه جي وچ ۾ فرق رکي سگهڻ سان ڪيترا ئي معاملا سُلجهائي سگهجن ٿا. سنڌ دوستي ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جو خواب ڏسندڙ پارٽيون ڪنهن ڏوهاريءَ جي پناهگاهه نه هُجڻ گهرجن. سياست جو لينڊ مافيا سان اتحاد ايترو پراڻو ناهي جو اُن کان ڌار ٿيڻ سان سياسي پارٽيون ڪمزور ٿي وڃن. ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي تصوير ڪجهه اهڙي ئي نظر اچي ٿي. پوءِ اهو ڀُنگ خاطر اغوا جو معاملو هُجي، يا رستي ۾ سرِ عام ڦرون ٿينديون هُجن يا قبائلي تڪرارن جا معاملا هُجن يا سنڌ جي شهرن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪلنگز هُجن، سڀني جا پيرا سياسي پارٽين جي پاسي ئي اچي کُٽن ٿا. اهڙي حالت ۾ سنڌ جي بنيادي سياسي اشوز تي جدوجهد ڪري ڪي نتيجا حاصل ڪري سگهجن، اهو ممڪن ناهي. سنڌ کي هاڻ سببن تي بحث نه ڪرڻ گهرجي. ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ سببن تي بحث ڪندي رهي آهي، هاڻ نتيجن تي بحث ڪرڻ گهرجي. هر پارٽي جيڪڏهن سال جي ٻارنهن مهينن ۾ سنڌ اندر مختلف اشوز تي انفرادي جدوجهد ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺي، تڏهن به تاريخي نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي سگهي ٿي.

ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏئي سگهندو؟


ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏئي سگهندو؟ اشفاق آذر ڪراچي ۾ هينئر ٽارگيٽيڊ آپريشن جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، سو ڪي نتيجا به ڏئي سگهندو يا نه؟ هي اهو سوال آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه گهڻو بحث هيٺ آهي. ان حوالي سان مختلف رايا به سامهون اچي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته، ڪراچيءَ ۾ لاقانونيت جنهن مرحلي تي پهتي آهي، تنهن ۾ ان کي 20 کان 25 سال لڳا آهن، تنهنڪري ايترو جلدي اهو ممڪن ناهي، ته ڪراچيءَ ۾ امن امان بحال ٿي وڃي، اهو نهايت صبر طلب معاملو آهي، جنهن کي جيڪڏهن نيڪ نيتيءَ سان جاري رکيو وڃي، ته ان کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ به اوترو ئي عرصو لڳي سگهي ٿو. ٻيا وري ان راءِ جا آهن ته، ان مهم سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر گهٽ ۾ گهٽ ڏوهارين جي دلين ۾ قانون جو ڊپ ضرور ويهندو، حقيقي ڏوهاري گرفتار ٿين يا نه، پر انهن ۾ ڀاڄ ضرور پوندي، جنهن جا ڪراچيءَ جي حالتن تي مثبت اثر پوندا. ٽين جي راءِ وري ڪجهه مايوس ڪندڙ آهي، جن موجب ڪراچي شهر گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جي عرصي دوران انتظاميا جي هٿن مان نڪري هاڻي ننڍن ننڍن ايترن ٽوٽن ۾ ورهائجي ويو آهي، جتي مختلف مافيائن پنهنجا پنهنجا پاور سينٽر ٺاهي ڇڏيا آهن، انهن پاور گروپس جا اهي نو گو ايرياز آهن، هر زورآور طاقت جي زور تي انهن علائقن مان ڀتو وصول ڪندو آهي، غير قانوني ڌنڌن کان ويندي هر قسم جون ڏوهاري وارداتون ٿينديون آهن، پنهنجي علائقي کي وسعت ڏيڻ جون ڪوششون به ٿينديون آهن، ته ان کي ٻين ڌرين جي قبضي کان بچائڻ لاءِ هٿياربند ويڙهه به ٿيندي آهي، اُتي قانون بدران انهن ڏوهاري مافيائن جي رٽ هلي ٿي، تنهنڪري هي آپريشن به گذريل ڪيترن ئي آپريشنن وانگر آهي، بدامنيءَ ۾ هڪ مختصر مدي جو وقفو آڻڻ کانسواءِ هن آپريشن مان ڪوبه پائيدار ۽ مستقل حل نه نڪري سگهندو. هاڻي جيڪڏهن مٿين راين جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته، هڪ ڳالهه ته يقيني آهي ته، ڪراچي شهر ملڪ جي معيشت توڙي ڪاروبار جي حوالي سان انتهائي اهم شهر آهي، ان کان علاوه هن شهر جي جاگرافيائي بيهڪ پڻ هن جي ڳچيءَ جو ڳٽ بڻيل آهي، هن شهر جي مٿان مالڪيءَ يا قبضي جو جيڪو ڌنڌو ٻه اڍائي ڏهاڪا اڳ شروع ٿيو، تنهن جڏهن انڊا ٻچا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ٻين به ڏٺو ته هي ته ڪو بنهه منافع بخش ڪاروبار آهي، ته ٻين به پنهنجو حصو وصول ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ هن شهر مٿان هڪ ڌر جي قابض هجڻ وارو تاثر ختم ٿيندو ويو. انهن ڏوهاري ڪاررواين کي وري سياست جو ليبل چنبڙائي باقاعده هڪ انڊسٽريءَ جي شڪل ڏني وئي، غنڊن، بدمعاشن ۽ قاتلن کي سياسي پارٽين جي پناهه ۾ وٺي، کين گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ عهدا ڏنا ويا، انهن جا ليڊر وري ملڪي سياست ۾ حصو وٺي صوبائي ۽ ملڪي عهدا حاصل ڪندا رهيا. ڏوهن کي سياسي پشت پناهي هجڻ سبب اهي ڏوهاري مافيائون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان محفوظ رهنديون آيون آهن، بعد ۾ ته هنن پوليس جون ورديون پڻ پهري ڇڏيون. ڪراچي ۾ لساني، مذهبي ۽ فرقيواراڻن فسادن کان ويندي ٽارگيٽ ڪلنگس، ڀتي، قبضي ۽ منشيات سميت هر اهو ڏوهه، جنهن ۾ سرڪاري توڙي نجي ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ کان ويندي، انساني جانين جي زيان تائين، بربريت ۽ دردندگيءَ جو هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن کي هر آپريشن ماٺو ڪرڻ بدران وڌيڪ تيز ڪندو رهيو آهي. سبب اهو آهي ته، ان حوالي سان فقط اثرن کي ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي ويندي آهي، ان جي سببن تي نظر وجهڻ توڙي ان جي خاتمي جي حوالي سان ڪا ٺوس ۽ سائسني بنيادن تي حڪمت عملي ڪڏهن وجود ۾ ناهي آئي. ظاهر آهي ته پوءِ امن امان جي بحاليءَ جي حوالي سان ٿيندڙ ڪوششن جا به ڪي ديرپا ۽ اثر انگيز نتيجا سامهون نه اچي سگهيا آهن. ڪراچي ڪو دنيا جو اڪيلو شهر ڪونهي، جتي لاقانونيت جو راڄ رهيو آهي پر توهان لاطيني آمريڪا جي شهرن کان ويندي، بيجنگ، ٽوڪيو، لنڊن، نيويارڪ ۽ شڪاگو تائين نظر ڦيرايو ته، ماضيءَ ۾ اهي شهر به امن امان جي بدترين صورتحال مان گذريا آهن، انهن شهرن کي بدامنيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اتان جي حڪومتن کي ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙڻيون پيون، ان حوالي سان هنن نه رڳو اسپيشل فورسز قائم ڪيون پر سماجي سائنسدانن کان ويندي، اجتماعي نفسيات جي ماهرن، جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان مدد وٺڻ سان گڏ عوام کي به انهيءَ آپريشن جي عمل جو حصو بڻايو ويو. لنڊن ۾ اڄ کان لڳ ڀڳ هڪ سئو سال اڳ، جڏهن اتان جون حالتون انتظاميا جي هٿن مان نڪري ويون، ته هنن ڪو فوج کي ڪونه سڏايو پر پوليس ۾ مرحليوار تبديلي آڻي، هڪ نئين پوليس فورس جوڙي ورتي، ٿيو ايئن جو شهر کي مختلف حصن ۾ ورهائي هڪ هڪ حصي جي پراڻي پوليس فورس کي نئين تربيت ورتل پوليس فورس سان بدلايو ويو ۽ انهيءَ نئين پوليس فورس چارج وٺندي ئي انهيءَ علائقي تي پنهنجو ڪنٽرول ڪري ورتو، ايئن ڪندي ڪندي پوري پوليس فورس کي بدلايو ويو ۽ سموري شهر جي مٿان ان جو ڪنٽرول ٿي ويو، اڄ جيڪو اتي پوليسنگ جو معيار آهي، اهو انهيءَ طريقي سان اڳتي وڌائي بلند ڪيو ويو آهي. 1920ع وارن پڇاڙڪن سالن ۾ شڪاگو جو شهر بدترين گينگ وارس ۽ مافيائن جي ور چڙهيل هو، جتي قتل، بينڪ ڌاڙن کان ويندي ڦرن، منشيات سميت هر قسم جا ڏوهه کلي عام ٿيندا هئا، پر اتي به شهر جون حالتون فوج نه پر پوليس ئي معمول تي آنديون. هاڻي جنهن قسم جو ڊگهي مدي جو منصوبو هن شهر جون حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ گهربل آهي، ان تي عملدرآمد لاءِ سياسي ۽ انتظامي طور مستحڪم معاشري جي ضرورت هوندي آهي، جتي عام ماڻهن کي حڪومت جي نيڪ نيتي، فرض شناسي ۽ ايمانداريءَ تي اعتماد هوندو آهي. هتي ته حد اها آهي جو ماڻهن کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ لاءِ جيڪا مهم شروع ڪئي وئي آهي، تنهن کي ڳجهو ۽ راز ۾ رکڻ جا هر ممڪن اپاءُ ورتا پيا وڃن. پوري دنيا ۾ اهو طريقو آهي ته، ڏوهارين جي تصويرن سميت لسٽون پڌريون ڪيون وينديون آهن، جن ۾ سندن مجرماڻين ڪاررواين جو حوالو ۽ ڏوهاري گروپ سان واسطو به ٻڌايل هوندو آهي، پوءِ انهن خلاف ڪاررواين دوران عام ماڻهن کي اهو به آگاهه ڪيو ويندو آهي ته گهربل ڏوهارين مان ڪيترا گرفتار ٿيا، ڪيترا مقابلي ۾ مارجي چڪا آهن. هتي ته ماڻهن کي هوا ئي نٿي لڳڻ ڏني وڃي ته جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا آهن، اهي ڪير آهن، سندن تعلق ڪهڙي ڌر يا گروپ سان آهي، اهي ڪهڙن ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن. جڏهن اهڙي قسم جي رازداريءَ سان آپريشن ڪيو ويندو، ته پوءِ ماڻهن ۾ تحفظ جو احساس ڪيئن پيدا ٿيندو ۽ ڏوهارين جي دلين ۾ قانون جي دهشت ڪيئن ويهندي؟ ٻيو مسئلو ڏوهارين جي سياسي پشت پناهيءَ جو به آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن هڪڙي ڌر جو ڪو ماڻهو گرفتار ٿئي ٿو، ته ٻئي ڏينهن شهر ۾ رِڻ ٻاريو وڃي ٿو پر گرفتار ڪندڙ اهو ٻڌائڻ جي زحمت به نٿا ڪن، ته وٽن ڪهڙيون ثابتيون آهن، جن جي بنياد تي انهيءَ همراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نتيجو اهو نڪري ٿو جو اهو معاملو هڪ طرفي پروپيگنڊا جي ذريعي شڪي بڻايو وڃي ٿو. اهو ٺيڪ آهي ته، نواز حڪومت هن ڀيري جمود کي ٽوڙيندي ۽ حالتن کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيڻ واري پاليسيءَ جي ابتڙ ڪراچيءَ جون حالتون سڌارڻ لاءِ ڪوششون ڪري پئي پر خدشو اهو آهي ته، جيتري تڪڙ ۽ جلد بازيءَ ۾ معاملن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سان ڪي نتيجا سامهون اچي نه سگهندا، پر اهڙي عمل سان هي مهم به تڪراري بڻجي ويندي. هن شهر جي بدامنيءَ واري مسئلي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته، سائنسي بنيادن تي اهڙيون ٺوس ۽ جامع پاليسيون ۽ حڪمت عمليون به جوڙيون وڃن، جنهن سان في الوقت نه به، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ سالن ۾ ان جا ڪي بهتر نتيجا سامهون اچي سگهن. حڪومت کي بهرحال اهو مڃڻو پوندو ته، ڏوهن تي ضابطو فقط پوليس آڻي سگهي ٿي، فوج ۽ رينجرز کي ڀل ڪيترا به اختيار ڏنا وڃن پر اهي فورسز ڏوهن تي ضابطو نٿيون آڻي سگهن، جيڪڏهن فوج ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري سگهي ها، ته پوءِ ملڪ ۾ چار مارشل لا ناڪام نه ٿين ها، فوج ۽ رينجرز حملو ڪري سگهي ٿي، انهن کي قانوني پيچيدگين، شقن توڙي عدالتي نظام جي خبر ناهي هوندي، ان ڪري ضرورت پوليس تي ڌيان ڏيڻ جي آهي، پوليس جي سربراهي بهتر پوليس آفيسرن کي سونپڻ گهرجي، جيڪي پروفيشنل بنيادن تي اداري ۾ تربيت ۽ احتساب جو نظام لاڳو ڪن، پوليس بهتر ٿيندي ته ان جون ڪارروايون اثرائتيون ٿينديون ۽ امن امان جي بحالي ديرپا ۽ مستقل طور ٿيڻ جي اميد پيدا ٿي سگهندي.

گذريل حڪومت ۾ سنڌ کي ڇا مليو


گذريل حڪومت ۾ سنڌ کي ڇا مليو

اختيار کوکر سنڌ ڄائي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي پهرين چونڊيل صدر وارو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن ان عهدي تي مقرري جو پنجن سالن وارو آئيني مدو پورو ڪيو هجي ۽ گارڊ آف آنرز ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان ايوان صدر مان رخصت ڪيو ويو هجي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهو سڀ ڪجهه صدر جي مفاهمت واري پاليسي ۽ غير جمهوري قوتن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ صدر پاران اختيار ڪيل ڪامياب حڪمت عملي سبب ممڪن ٿي سگهيو، ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي ته هن جي پنجن سالن جي دور ۾ 1973ع وارو آئين پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ٿيو، آئين جي 18، 19 ۽ 20 هين ترميمن جي نتيجي ۾ صوبن جي خودمختياري ۾ اضافو ٿيو، ڪجهه وفاقي کاتا ۽ ادارا صوبن ڏانهن آئيني طور منتقل ٿيا، خدمتن وارو سيلز ٽيڪس وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيو، جنهن سان سنڌ کي وڏو فائدو ٿيو.

ڪڻڪ جي امدادي قيمت وڌائي وئي، پر ان سان گڏ ڀاڻ، ٻج ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ پڻ واڌ آئي، صدر پارليامينٽ ۽ چونڊيل حڪومت کي ٽوڙڻ وارا آئين جي 58/2B شق وارا پنهنجا اختيار ختم ڪرائي پڻ جمهوريت کي ملڪ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيو. صدر جي قيادت ۾ هلندڙ اڳوڻي حڪومت ڇهون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو، غريب عورتن جي مالي سهائتا لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو ويو. صوبائي ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ 75 هزار نيون ڀرتيون ٿيون، سنڌ حڪومت جي دعويٰ آهي ته صدر جي قيادت ۾ هلندڙ صوبائي حڪومت صوبي ۾ ترقياتي رٿائن تي 7 سئو ارب رپيا خرچ ڪيا. اهو پڻ جمهوريت ۽ جمهوري روايتن جي روح مطابق آهي ته عوام جي ووٽن سان اقتدار جي اعليٰ منصب تي پهچندڙ هر حڪمران، خاص ڪري حڪمران پارٽين جي سربراهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو حڪومت دوران ۽ سندن حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ تي حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي. ملڪ، قوم ۽ ادارن جي ڀلي لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن هر تصوير جا ٻه رخ ظاهر ٿين، ڇو ته هر عمل جا مثبت ۽ منفي پاسا ٿين ٿا، اهڙي طرح سندن حڪمراني واري تصوير جي ٻئي رخ کي پڻ تاريخ جي رڪارڊ تي آڻڻ ضروري آهي. جيئن صدر جي قيادت ۾ هلندڙ پيپلز پارٽي جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪاميابين ۽ سٺن ڪمن کي صدر جون ڪاميابيون ۽ سٺا ڪم ڳڻيو پيو وڃي، جيڪو اعزاز پارٽي سربراهه جي حيثيت ۾ کيس ملڻ گهرجي، پر جيستائين ساڳي حڪومت جي دور جي ناڪامين، بد انتظامين، نا انصافين، بدعنوانين ۽ ٻين منفي پاسن کي رڪارڊ تي نه آندو ويندو، ايستائين ان دور جي اصل تصوير مڪمل نه ٿي سگهندي. اهو ان ڪري پڻ ضروري آهي ته ڪنهن به خرابي يا غلطي کي صرف ان وقت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ان جي نشاندهي ٿئي. جيڪڏهن نشاندهي نه ٿيندي ته خرابيون وڌي ڊزاسٽر واري صورت اختيار ڪري سگهن ٿيون، انهن خرابين جي ذميوار سياستدانن جو احتساب نه ٿيڻ ڪري عوام ۽ ادارن کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو. اڳوڻي صدر جي پنجن سالن واري دور ۾ ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سر انجام ڏنل خدمتن کان ڪنهن کي به انڪار نه ڪرڻ گهرجي، پر جيئن ته اڳوڻي صدر ۽ سندس پارٽيءَ کي سڀ کان وڏو مينڊيٽ سنڌ مان مليو، ان ڪري اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته سندس دور ۾ موٽ ۾ سنڌ کي ڇا مليو ۽ سنڌ سان ڇا ٿيو؟ پهرين ڳالهه اها ته جنهن سياسي مفاهمت واري پاليسي جي نتيجي ۾ صدر ۽ سندس پارٽي جي حڪومت پنج سال پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي، انهي سياسي مفاهمت سبب سڀ کان گهڻو سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پيو. مرڪزي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ميمبرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شهري علائقن مان چونڊيل پارٽي کي اتحادي بڻائڻ لاءِ سندن سياسي ۽ مالياتي انگل سنڌ حڪومت ذريعي پورا ٿيندا رهيا، سنڌي ماڻهن پاران پيپلز پارٽيءَ کي صوبائي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي واري واضح اڪثريت سان چونڊڻ جي باوجود صوبائي حڪومت کي اقليتي اتحادي ڌر جي مرضي سان هلائي ڇا صوبي جي اڪثر عوام جي مينڊيٽ ۽ ووٽ جي توهين نه ڪئي وئي؟ ڪراچي شهر ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿيڻ جي باوجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ٿيڻ بدران آخر تائين کين راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان حد تائين مفاهمت وارو اهو عمل جاري رهيو، جو کين نگران صوبائي حڪومت ۾ آڻڻ لاءِ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان 15 ڏينهن اڳ هنن کي صوبائي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي حيثيت ملي، سندن مشوري سان نگران حڪومت قائم ڪئي وئي. انهي مفاهمت جو ئي نتيجو هو، جو صوبي ۾ مشرف وارو مڪاني نظام قانوني طور سال 2011ع ۾ ختم ٿي وڃڻ جي باوجود ۽ قانون بار بار تبديل ٿيڻ باوجود صوبي ۾ عملي طور تي اڍائي سالن تائين ٽرانزيشن جي نالي ۾ مشرف واري مڪاني قانون هيٺ مڪاني ادارن کي صوبائي حڪومت کان مالي وسيلا منتقل ٿيندا رهيا، جنهن سبب ڪراچي جي ٻهراڙي وارين ڪائونسلن جي حصي جا فنڊ به ڪي ايم سي کي ملندا رهيا ۽ هر مهيني 5 ڪروڙ رپيا خاص گرانٽ ان کانسواءِ ملندي رهي، ۽ اڃا به ائين ئي پيو ٿئي. ڪراچي شهر جو پر امن ترين علائقو ۽ پارٽي جو سياسي ڳڙهه لياري غلط پاليسين ۽ حڪمت عملين سبب پارٽي جي سينيئر ۽ معتبر مقامي اڳواڻن جي هٿن مان نڪري علائقي جي دادا گيرن جي ور چڙهي ويو، امن ڪميٽي جي نالي ۾ انهن دادا گيرن کي اڳتي وڌائي سينيئر سياسي اڳواڻن کي ڪمزور ڪيو ويو ۽ بعد ۾ شهري اتحادين جي ناراضگي دور ڪرڻ لاءِ لياري ۾ آپريشن ڪري پنهنجن ئي جيالن کي سبق سيکاريو ويو. اڄ حالت اها آهي جو عملي طور لياري پارٽي قيادت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي. اهو درست آهي ته ڇهين اين ايف سي ايوارڊ جي نتيجي ۾ وفاق کان صوبن کي وڌيڪ مالي وسيلا منتقل ٿيا، جنهن تي هاڻي آءِ ايم ايف پڻ اعتراض واريو آهي، خدمتن واري سيلز ٽيڪس صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سان پڻ سنڌ کي مالي فائدو ٿيو، ته پوءِ سوال اهو آهي ته سنڌ هن وقت سخت مالي بحران جو شڪار ڇو آهي، ۽ هر مهيني ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ پڻ اسٽيٽ بينڪ کان ڳري وياج تي قرض کڻڻ تي مجبور ڇو آهي؟ ڇا وڌيڪ مالي وسيلن جي منتقلي واريون دعوائون غلط هيون، يا مالي وسيلا منتقل ٿيڻ جي باوجود صوبائي حڪومت انهن جو درست استعمال نه ڪري سگهي. گذريل پنجن سالن دوران ترقياتي رٿائن تي 6 سئو 85 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ايڏي وڏي رقم خرچ ٿي آهي ته اها ترقي نظر به اچڻ گهرجي ۽ ان جو عوام کي لاڀ به ملڻ گهرجي. صرف تعليم واري شعبي تي 5 کرب خرچ ٿيا آهن ته پوءِ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهي نڪرندڙ ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ لکڻ پڙهڻ ته اچڻ گهرجي، جيڪڏهن ترقياتي رٿائن تي 7 کرب خرچ ٿيڻ جي باوجود روڊن رستن، اسپتالن، اسڪولن، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪالي، ٽرانسپورٽ ۽ زراعت ۽ آبپاشي جا نظام تباهه ٿيل هجن ته پوءِ يقين سان سمجهڻ گهرجي ته يا رقم خرچ ٿيڻ جون دعوائون غلط آهن يا فنڊ سان رٿائن بدران ڪنهن ٻئي جي فنڊنگ ٿي وئي آهي. سنڌ گذريل پنجن سالن دوران جنهن بيڊ گورننس جو شڪار رهي، ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ صوبي لاءِ چونڊيل وڏو وزير هجڻ جي باوجود صوبائي حڪومت جي کاتن ۽ ترقياتي رٿائن بابت اهم فيصلا جيڪڏهن ڪي ٻيا ڪندا رهيا، اعليٰ صوبائي انتظاميا سي ايم هائوس بدران ڪنهن ٻئي هائوس جي هدايتن تي هلي، ايتري تائين جو سي ايم هائوس جو پرنسپل سيڪريٽري به ڪنهن ٻئي جي مرضي سان مقرر ٿيندو رهي ته صوبي کي اهڙي حڪمراني ڏيڻ جو پڻ ڪنهن کي ذميوار قرار ڏجي! ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ناڻي کاتي جي رپورٽ موجب مختلف کاتن ۾ 75 هزار نوان ڀرتي ٿيل ملازم حڪومت جي پي رول تي آيا، نوجوانن کي نوڪريون مليون، پر اهي نوڪريون ڪيئن مليون، کاتن جي آفيسرن کي ڀرتي لاءِ ڪٿان ڪٿان لسٽون اينديون رهيون، ۽ ڪنهن کي مليون، ايڪسائيز، روينيو، مڪاني ادارن ۽ پوليس کاتن جي سڻڀن عهدن تي پارٽي ۽ حڪومتي عهديدارن وزيرن ۽ ٻين چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل نمائندن جا اولاد ۽ مٽ مائٽ اڪثريت ۾ ڪيئن ڀرتي ٿي ويا؟

ٻيو ته ڇڏيو، ان جي پڻ جاچ ٿيڻ گهرجي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙي معتبر اداري جو ڪيئن استعمال پيو ٿئي، ان اداري مان به وڏي تعداد ۾ حڪومتي ماڻهن جا مٽ مائٽ اعليٰ عهدن لاءِ ڪيئن ٿا سليڪٽ ٿين! ائين پڻ پهريون ڀيرو ٿيو، جو صوبائي حڪومت جي سيڪريٽرين، ڪمشنرن، ايڊيشنل سيڪريٽرين، ايس ايس پيز، ايس پيز، ڊپٽي ڪمشنرن وارن ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اعليٰ ترين انتظامي عهدن تي ٻاهرين نان ڪيڊر ۽ نان سول سرونٽ ماڻهن کي ضم ڪري صوبائي سروسز جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. اها ته جس هجي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جناب جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ قائم بئنچ کي، جنهن تاريخي فيصلو ڏئي انتظامي عهدن تي سڌو ضم ٿيل ۽ آئوٽ آف ٽرن ترقيون وٺندڙ نا اهلن ۽ جونيئر ماڻهن کي فارغ ڪرائي، سنڌ جي سروسز تي تاريخي احسان ڪيو. سوال اهو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سنڌ ۾ بيڊ گورننس جي آيل ان طوفان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي، اهو پڻ سوال پنهنجي جاءِ تي پيدا ٿئي ٿو ته ڪراچي جي 14 هزار ايڪڙ قيمتي زمين جي ڀڳڙن مٽ تي ڌارين کي ٿيل نيلامي جو ذميوار ڪير هو، لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي پوليس کاتي، ورڪس ۽ سروسز کاتي، آبپاشي کاتي، رٿابندي کاتي، سروسز کاتي، ڪو آپريشن کاتي جا قلمدان قانوني طور وڏي وزير وٽ هجڻ جي باوجود پر عملي طور اهي کاتا ڪي ٻيا ڪيئن پيا هلائين ۽ زمينن جي الاٽمينٽ ۽ ريگيولرائيزيشن ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪنهن جي هدايت تي رهي؟ سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ بلڊر ملڪ رياض جي ڪمپني کي وڪڻڻ ۽ ڪراچي جي سامونڊي ڪناري وارين زمينن تي ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم اٿارٽي کي 50 سيڪڙو حصيدار بڻائڻ واري سنڌ حڪومت پاران وفاقي وزارت پورٽ ۽ شپنگ ۽ ڪي پي ٽي کي آڇ ڪنهن جي هدايت تي ڏيئي، سنڌ جي پيرن هيٺيان زمين کسڪائڻ واري تاريخي ويساهه گهاتي ڪئي وئي؟ صوبي ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا بنياد وجهندڙ ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت واري رٿا ڪنهن جي هدايت تي شروع ٿي؟ صوبائي خزاني مان 30 ارب رپيا هڪ ئي مخصوص ڪمپني ذريعي 7 هزارن کان وڌيڪ مهانگي ترين آر او پلانٽن واري اهڙي رٿا تي ڪنهن خرچ ڪرايا، رقم ادا ٿي وڃڻ جي باوجود جن مان اڪثر پلانٽ لڳا ئي ناهن ۽ جيڪڏهن لڳا آهن ته گهڻا هلن ئي ڪو نه ٿا. صوبو مسلسل ٽن وڏين درياهي ۽ برساتي ٻوڏن جي لپيٽ هيٺ آيو، اٽڪل 30 لک گهر ڊٺا ۽ لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿيو، چوپايو مال مري ويو، ٻوڏ متاثرن کي گهرن جي اڏاوت ۽ سندن ٿيل مالي نقصان جا ازالي لاءِ مناسب معاوضا ڇو نه ملي سگهيا؟

صوبائي اسيمبلي جهڙي بامقصد ايوان کي اهم انتظامي عهدن تي ضم ڪيل نا اهل ۽ سفارشي نان ڪيڊر ملازمن جي انضمام ۽ غير قانوني آئوٽ آف ٽرن ترقيون ڏيڻ، سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جهڙي تڪراري قانون، صوبي جون يونيورسٽيون وڏي وزير بدران وفاق جي نمائندي گورنر جي ڪنٽرول هيٺ ڏيڻ، وڏي وزير کي گورنر جي ماتحت بنائڻ واري سنڌ هاءِ ڊينسٽي بورڊ جهڙن قانونن جي منظوري لاءِ ڪنهن استعمال ڪرايو؟ مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 6 هزار جايون خالي هجڻ باوجود 40 هزار ملازم مڪاني ڪائونسلن ۾ ڀرتي ڪري صوبي جي مڪاني ادارن جو انتطامي ڍانچو ڪيئن تباهه ڪيو ويو، تعليم کاتي ڪراچي ۾ 15 سئو جايون خالي هجڻ جي باوجود بي روزگار نوجوانن کان ڪروڙين رپيا لُٽي 9 هزار ملازم ڀرتي ڪري ڇڏڻ جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟

Kawish Sept 18, 2013

سئنيمائن کان خالي ٿيندڙ حيدرآباد


ڪڏهن ڪڏهن سئنيمائن کان خالي ٿيندڙ حيدرآباد

نصير مرزا هي رات ..’اپيا‘ جي ٽيليفون، وري اچي ٺڪاءَ ڪيو. پر هيءَ اپيا ڪير!؟ معافيءَ جو طلبگار آهيان. سندس تعارف اڳ به هڪ ڪالم ۾ آئون ڏيئي چڪو آهيان، پر خير.... ڪا ڳالهه ڪانهي، هڪ ڀيرو ٻيهر عرض، ته اپيا، معنى فريده عرساڻي، ڌيءَ ڊاڪٽر عبدالفتاح عرساڻي، جيڪو حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ صحت جو وڏو آفيسر هو ۽ محرم الحرام ۾ سونا ڪفلنگ پائي ولايت علي شاهه جي پڙ ۾ زبردست نغارا ويهي وڄائيندو هو.

اصل ۾ شهر حيدرآباد جي تباهي ۽ برباديءَ بابت اپيا ۽ منهنجو درد.... ڇاڪاڻ ته مشترڪه آهي، ان ڪري هوءَ ڪنهن ڪزاني گهران ڪنهن پاسي نڪرندي آهي ۽ حيدرآباد جي قديم عمارتن، محل ماڙين تي مترڪن جا وارو وار ڏسندي آهي، ته ٺڪ مون غريب کي فون: ”آئي نصير!.... پنهنجي پينگهي جي لوڏ مان بابا.... ٿورو اٿ ته.... ظالم پنهنجي شهر کي نيست و نابود پيا ڪن.“ تڏهن بي وسيءَ مان وراڻيندو آهيانس،” جي اپيا... آئون پاڻ مجبور و لاچار ڇا ٿو ڪري سگهان شهر لاءِ!؟“ ”اڙي بابا... قلم جي ڪلاشن ڪوف سان تون انهن مارين ’مئن‘ کي دُڦ ته ڪري سگهين ٿو.“ هوءَ چوندي آهي.. ” ۽ اڙي بابا قهر خدا جو... هيءَ صدر حيدرآباد ۾ اسان جي سانڀر جي آخري سئنيما جيڪا بچي آهي، نيو ’ميجسٽڪ’... ڪالهه اتان لنگهندي ڏٺم، ’مئن‘ ان تي به هٿوڙا پئي وسايا. اڙي بابا... ان سئنيما ۾ ته مون ڪيئي ورهيه اڳ، ’دليپ ۽ نميءَ‘ واي ’آن‘ فلم ڏٺي هئي، جنهن ۾ ساون ساون کيتن اندر نميءَ ڳايو پئي: ”آج سکي من ۾ ڪوئي بانسري بجائي...“ پوءِ فلم چمپا ڪلي، جنهن جو مشهور گيت هو:”ڇُپ گيا ڪوئي ري.... دُور سئ پڪار ڪئ. درد انوڪي هاءِ، دي گيا پيار ڪي“. يا پوءِ فلم ”ڇايا“... جنهن ۾ هي گيت هئو: ”اتنا نه مجهه سئ تو پيار بڙها... ڪه مين اڪ بادل آوره..... اڙي بابا... صدر واري ان سئنيما... جنهن سان ايتريون يادون وابسته آهن... نصير... تون ٿورو ٻاهر نڪر،، گهوڙا گهوڙا ڪر.... ۽ ان کي ته بلڊر مافيا جي خوني چنبن مان ڇڏائڻ جي ڪوشش وڃي ڪر بابا...“ ته بس ”اپيا“ جي اهڙي جذبات انگريز تقرير تي، مون هيڻي انسان، پوپاءِ دي سيلر واري پوپاءِ وانگر، سُڪل سائي ڀاڄيءَ جو پورو ڪنستر پيٽ ۾ لاٿو ۽ يا سئنيما... يا سئنيما ڪندو، نگر جو واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ پهرين ته شهر جي ۽ پوءِ بلا آخر يادگيرين جي گهٽين ۾ لهي پيس.

يا الله!... ڦليلي تي هيءَ جيڪا سهڻي سئنيما هوندي هئي ’قيصر‘! ڪيڏانهن گم ٿي ويئي اڄ؟! جتي بس هاڻي هڪڙو ڀانڊو کڙو هو ۽ ان جي خسته حال درو ديوار ٻاهران لکيل نظر آيم. ”اب يه سئنيما هميشه هميشه ڪئ ليئئ بند هو گيا هئ،“ اڙي بابا! بلوغت بعد پهرين پهرين فلم مون ان ئي ته سئنيما ۾ ڏٺي هئي: ’رات ڪئ راهي‘ جنهن جو هڪ گيت اڄ سوڌو مون کان نٿو وسري:”آگ سئ نه کيلو بابوجي... دل جل جائيگا. جل جانئ دو جي، بڙا مزا آئيگا...“ ۽ قيصر سئنيما جي ڀرسان ان ئي ڦليلي ايريا ۾ ”نور محل سئنيما“ هوندي هئي، جنهن ۾ سڀ کان اول مون پنجابي فلم ڏٺي: ’تيس مار خان‘ ۽ ان ۾ هڪڙو ڇا ته مزيدار گانو هو. ”نيمبون آندا جوڙا، اسان باغين وچون توڙيا... نيمبون آندا جوڙا...“ پوءِ فلم ”مهتاب..“ جنهن جو مشهور گانو:”گول گپي والا آيا، گول گپي والا...“ ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي، بلا آخر بلڊر مافيا وارا ڪو گول گپو سمجهي هن سئنيما کي به کائي ويا ۽ هاڻي ان جي جاءِ تي هڪڙو بي ڍنگو بد افعالو نور محل پلازه کڙو آهي. اجهو انهيءَ رستي تان اڳتي هلو، ته اتي ”نشاط سئنيما“ هوندي هئي. چون ٿا ته ڀارتي سنڌي فلم ”اباڻا“ ان ۾ ئي رليز ٿي هئي ۽ شهر مان هر طرف کان آواز اچڻ لڳائ هئا:” هئه هئه منهنجا اباڻا، هئه هئه منهنجا اباڻا..“ پوءِ شهرو فيروز... گهونگهٽ لاهه ڪنوار... بادل... ۽ ٻيون به ڪيئي سنڌي فلمون ان ئي سئنيما ۾ رليز ٿي ڪامياب ٿينديون رهيون، رحمان ۽ شبنم واري اوائلي فلم ’تلاش‘ مون ان ئي سئنيما ۾ ڏٺي هئي، جنهن جو هڪڙُو مقبول گيت هو: ميڻ هون رڪشا والا متوالا... اڄ نشاط سئنيما به صفحهءِ هستي تان گم آهي ۽ ان جي جاءِ تي، اُجاڙ نشاط بلڊنگ کڙي آهي، جنهن ۾ اندر ڪي چوڙي گر چوڙين جا ڪارخانه کوليو ويٺا آهن ۽ ٻاهر متوالن رڪشا وارن جو آڏو آهي ۽ جوا جي ٽيڪري الڳ.... ۽ هر طرف مالشين جا ڪٽڪ... ٻيا جيب ڪترا، لليجا... ۽ پاڪيٽ مار،

نشاط سئنيما واري ان لائين ۾ ڊومڻ واهه تي، هڪڙي ٻي سئنيما به هئي، ”ڪئپيٽل سئنيما“ جنهن کي ڪنهن وقت هرا سئنيما به سڏيو ويندو هو. چون ٿا ته اها ڪنهن واڃاڻي مائي... ”ٽلي ٻائي“ جي ملڪيت هئي، جنهن کي حيدرآباد جي هڪ هاڪاري شهپرن واري سياست ڪار مارائي پورو ڪيو ۽ پاڻ مالڪ ٿي ويهي رهيو. انهي سئنيما ۾ وري مون پاڻ واري مولانا هيپي جي فلم ڏٺي هئي:’تنهنجون ڳالهيون سڄڻ‘ ۽ بي اعجاز ۽ مسرت نذير واري فلم ”شهيد“ جنهن ۾ رات وقت ڪنهن اجاڙ بيابان ۾، مسرت نذير ڳائيندي نظر اچي ٿي..”اُس بي وفا ڪا شهر هئ ۽ هم هيڻ دوستو.... اشڪ رواڻ ڪي نهر هئ اور هم هيڻ دوستو“ ۽ هي شهر جڏهن ٻين جو شهر ٿي ويو ته امداد حسينيءَ به دانهن ڪئي هئي.. ”هي منهنجو شهر آهي يا دشمن جو شهر آ“... اجهو ڊومڻ واهه جي سڌ ۾ هلبو، ته ريلوي اسٽيشن ويجهو شاليمار سئنيما هوندي هئي ۽ اها ته مخصوص ئي ’ٽوٽن ٽڙن‘ وارين فلمن لاءِ هوندي هئي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجن ئي گناهن هيٺان دٻجي ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ الهداد چنڊ جي ڳوٺ ۾ اوڊين سئنيما.... ۽ ڇا ته سٺيون فلمون ان سئنيما ۾ لڳنديون هيون. مون آخري فلم ان سئينيما ۾ ڏٺي هئي: ‘زندگي‘ جنهن جو مشهور گيت هو:” جهنگل ۾ منگل تيرئ هي دم سئ“ افسوس اها سئنيما به نه رهي ۽ هاڻي ان هنڌ زچه بچه اسپتال آهي، جتان لنگهندي ... سڄو ڏينهن نوَن ڄاول ٻارن جا ٻرڙاٽ پيا ٻڌبا آهن. ۽ ان کان اڳ جو پڪي قلعي لڳ شمس سئنيما ڏانهن وڃان... ڪاٺ مڏيءَ لڳ شهاب سئنيما... جيڪا پڻ هاڻي آخري پساهن ۾ آهي ۽ ڇاڪاڻ ته بازار حسن جي ويجهو آهي هيءَ سئنيما، ان ڪري هتي وري... ’رانيءَ‘ جي رقص واريون گهڻيون فلمون لڳيون. ‘انجمن‘ ‘ديدار‘ ‘ثريا ڀوپالي‘ ’امراءُ جان ادا‘ ’تهذيب‘.. يا پوءِ ميوزيڪل فلمون ’ڪوئل‘ ‘انتظار‘ ’غدار‘ آگ ڪا دريا‘ ’لاکهون ۾ ايڪ“ هيون.

پوءِ ٽاور مارڪيٽ لڳ ايلائيٽ سئنيما... جنهن ۾ مون سنڌي فلم ’عمر مارئي‘ ۽ ’پنو عاقل‘ ڏٺيون ۽ وحيد مراد جون سموريون فلمون... ’ديور ڀاڀي‘ ’ڪنيز‘ ’ارمان‘ ’هيرا اور پٿر‘ ۽ خاص ڪري مسرت نذير جي فلم ‘زهر عشق‘ جنهن ۾هي گيت به هو..”ديک ميڻ گالي دوڻ گي، جو ان ڪا نام ليا ري... پيا پياڪوڪ نا پپيهاري..“ ! هيءَ سئنيما به وئي ۽ هاڻي ان جاءِ تي سڄي شهر جو گند اڇليو وڃي پيو.

ان کانپوءِ هير آباد جي ٽاپ تي هيءَ ڪئپري سئنيما... جنهن جي ايئرڪنڊيشنڊ حال ۾ مون ايڊيٽر شمشير الحيدريءَ کي اڪثر ويٺل ڏٺو، جيڪو اُن سئنيما مالڪ جي هڪ اخبار لاءِ ايڊيٽوريل گهٽ ۽ ههڙا شعر وڌيڪ ويٺو جهونگاريندو هو، ”پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون، جيئين شال ڪر، ڪي جيارڻ جون ڳالهيون..“ ۽ هڪڙي ڀيري، ادل سومري سان گڏجي مون ان سئنيما ۾ فلم: ”محبت زندگي هئي“ ڏٺي هئي ۽ اُن جي هڪ گاني، ”تُرو تُرو تارا تارا...“ تي گڏجي ڏاڍو کليا هئاسين. الاس.... هيءَ سئنيما به وئي.

هوڏانهن اميدن ڀريي واري چاڙهي لڳ، ’هل ٽاپ‘ سئنيما هوندي هئي، جنهن جي سامهون واري ديوار، جنهن تي اڄ به حيدرآباد جا بزرگ تازيون هوائون کائڻ لاءِ ويٺل نظر ايندا آهن. هل ٽاپ سئنيما ته جهڙوڪر، انگريزي فلمن لاءِ ئي مخصوص هوندي هئي ۽ ڇا ڇا ته فلمون ان سئنيما ۾ آيون.. جيئن مثال طور. ’بِن حُر‘ ‘ڊاڪٽر زواگو‘ ’روميو جوليٽ‘ ’سمر آف فارٽي ٽو‘ ’بٽر فلاءِ‘ پوءِ ويس سئنيما، جنهن ۾ مون فلم دوستي ڏٺي: ” چٺي جرا سيان جي ڪئ نام لکدئ“ پوءِ بمبينو... (اها اڃا آهي ۽ آخري پساهن ۾ آهي) هوڏانهن صدر ۾ چاندني سئنيما هوندي هئي ۽ هاڻي اتي موبائيل مارڪيٽ جو هنبس آهي ۽ سئنيما صفحهء هستيءَ تان گم آهي. گاڏي کاتي ۾ ڪوهه نور سئنيما هوندي هئي ۽ اها به ڇا ته خوبصورت سئنيما هوندي هئي. مون ان ۾ نديم ۽ راني جي فلم ڏٺي هئي: ’شمع پروانه‘ ۽ ان جو هڪ گانو ڪيڏو نه مشهور ٿيو: ” ميڻ تيرا شهر ڇوڙ جائوڻ گا“ پوءِ گاڏي کاتي ۾ ’فردوس سئنيما‘ جنهن ۾ ڪنهن وقت قاضي عابد صاحب جي پروڊيوس ڪيل فلم مون ڏٺي هئي:”حميده“ جنهن جو هڪڙو ڏاڍو خوبصورت گانو هئو: بن ڪئ دلهن لهرائوڻ گي، گهونگهٽ ميڻ شرمائون گي“ ابول.. هيءَ سئنيما به نه رهي. ۽ ان علائقي ۾ ڪنهن وقت شمس سئنيما... جنهن ۾ مون فلم ’فرنگي‘ ڏٺي هئي، جنهن جي هڪ سين ۾ لالٽين واري ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيئي علاءُ الدين ڳايو پئي:” چلئ ڀي آئو ڪه گلشن ڪا ڪاروبار چلئ“ ۽ هيءَ شمس سئنيما.... قدم گاهه مولا عليءَ واري رستي سان هوندي هئي، .... جتي آئون اڄ به ويندو رهندو آهيان.

Wednesday, September 11, 2013

نئين نسل کان پري بيٺل پ پ پ


نئين نسل کان پري بيٺل پ پ پ ۽ جديد دور جا چئلينج

امداد سومرو

صدر مملڪت مان بدلجي اڳوڻو صدر ٿيندي ئي آصف علي زرداري پيپلز پارٽي جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن، پارٽيءَ جو ڪو به عهدو نه هجڻ سبب ان کي پي پي جو قائد سڏيو پيو وڃي. آصف علي زرداري جي سياست ۾ اها ڪا پهرين انٽري ناهي، ان کان اڳ به هو مختلف وقتن تي مختلف طريقن سان سياسي افق تي ڇانئجڻ لاءِ ايندو رهيو آهي. هونئن ته سياسي مخالف حڪومتن جي انتقامي ڪاررواين سبب آصف علي زرداريءَ جو نالو پاڪستان ۾ هر زبان تي هو پر هن سياست ۾ اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش 2005ع ۾ دبئي کان لاهور اچي ڪئي هئي، پر پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان سبب ڪجهه مهينن بعد هو ٻيهر پرڏيهه روانو ٿي ويو ۽ ان جي واپسي بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ٿي. شهيد بينظير ڀٽو جي ٽيجهي تي پريس ڪانفرنس ذريعي آصف علي زرداري، ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت جو قائد بنيو ۽ اڳتي اچي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ان جو اهو ڪردار نائين سيپٽمبر 2008ع تائين رهيو، ان بعد هو ملڪ جو صدر بنجي ويو. ان هوندي به هو ايوان صدر ۾ ويهي پارٽيءَ جي قيادت ڪندو رهيو پر سال کن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي ذريعي صدر زرداريءَ جي سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي، جنهن ڪري آصف علي زرداري کي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين جو عهدو ڇڏي عملي سياست کان پاسو ڪرڻو پيو. صدر زرداريءَ تي اها پابندي 8 سيپٽمبر 2013ع جي رات جو 12 هين وڳي يعني پنهنجي صدارت جي مدي جي آخري گهڙيءَ تائين هئي پر هن 8 سيپٽمبر تي ايونِ صدر مان گارڊ آف آرنر وٺي رخصت ٿيڻ بعد بلاول هائوس لاهور ۾ اچي شام ڌاري يعني پنهنجي صدارت جو مدو ختم ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ٽوڙي ۽ سڄي ملڪ مان آيل پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪيو. آصف علي زرداري، جنهن وٽ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو به عهدو ناهي، تنهن ان خطاب ذريعي پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قائد جي حثيت ۾ پارٽيءَ جي مستقبل جي حڪمت عملي بيان ڪئي. سياست ۾ صدر زرداري جي اها نئين دبنگ انٽري هئي، جنهن ذريعي هن 2007ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ان جي مفاهمت جي نظريي تي هلندي جيڪا سياست شروع ڪئي، ان کي وڌيڪ مضبوطيءَ ۽ پختگيءَ سان اڳتي وٺي هلڻ جو عزم ڪيو. آصف زرداريءَ جي نئين سياسي عزم ۽ صدارتي مدو پورو ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سياست جي ميدان ۾ اچڻ جي ذڪر کان اڳ ڪجهه ڳالهيون انهن چئلينجن جون، جن جو مقابلو کيس ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. هونئن ته آصف علي زرداري بينظير ڀٽو سان شادي ڪرڻ بعد لڳاتار انتهائي سخت حالتن جو مقابلو ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف وقتن تي 11 سالن جي جلاوطني پڻ شامل آهي. سڀ کان وڏو چئلينج ته سادي اڪثريت نه هجڻ سبب هر طرف کان مخالفتن باوجود پيپلز پارٽي ۽ اتحادي حڪومت جا پنج سال پورا ڪرڻ ۽ پنهنجي صدارت جا پنج سال پورا ڪرڻ وارو هو، جنهن جو هن نه رڳو مقابلو ڪيو پر ان مان ڪاميابي سان گذري به آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن 8 سيپٽمبر تي رات جو 12 هين وڳي صدر زرداري اڳوڻو صدر ٿيڻ بعد بلاول هائوس لاهور جي اڱڻ ۾ ڪارڪنن ۽ صحافين جي وچ ۾ آيو ته ان جي چهري تي هڪ اطمينان ۽ فاتحاڻي مُرڪ هئي، هو ساٿين ۽ صحافين جي گهيري ۾ هشاش بشاش گهمي ڦري رهيو هو ۽ ان دوران ئي هن پنهنجي نئين سياسي حڪمت عمليءَ جو تت به پارٽي جي قيادت، ڪارڪنن ۽ ميڊيا ذريعي سڄي قوم سامهون رکيو، جنهن جو مرڪزي نقطو هر حالت ۾ جمهوريت جو دفاع ڪرڻ آهي. زرداري صاحب پنهنجي ان حڪمت عمليءَ تي ان حد تائين عمل ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ته، ڇا به ٿي پوي، جمهوريت خاطر نواز شريف جو هر سطح تي ساٿ ڏنو ويندو، يعني هڪ اهڙي جماعت جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ٿي رهيو هو، جنهن بابت زرداري صاحب ۽ ان جي پارٽي 11 هين مئي بعد لڳاتار چوندي رهي آهي ته ان کي آر اوز اليڪشن ذريعي هارايو ويو آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مئنڊيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر چورائي هڪ خاص ايجنڊا تحت نواز شريف کي آندو ويو آهي. اها ايجنڊا صدر زرداريءَ جي خيال ۾ عالمي ايجنڊا آهي، جنهن جو مقصد سدائين لاءِ پاڪستان مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه آهي پر جن نواز شريف کي اها ايجنڊا مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪامياب ڪرايو آهي، نواز شريف جو ساٿ ڏئي ان ئي قوت کي شڪست ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو آهي. سو هڪ چئلينج ته آهي نواز شريف جو پنجن سالن تائين ساٿ ڏيڻ، ان کان به وڏو چئلينج جنهن جو مقابلو زرداري صاحب کي ڪرڻو پئجي سگهي ٿو، سو آهي پيپلز پارٽيءَ جي نئين سر تنظيم ۽ ان کي نئين دور جي جماعت بنائڻ. منهنجي خيال ۾ آصف علي زرداريءَ لاءِ اهو چئلينج سڀني کان وڏو چئلينج هوندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون روايتي حريف سمجهيون وڃن ٿيون ۽ پي پي جي عام ڪارڪنن توڙي آزاد خيال عام ماڻهن جي نظر ۾ گذريل پنجن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت خلاف مسلم ليگ نون هڪ آئيني اداري سان گڏجي سِٽون سِٽيندي رهي آهي ۽ ان جي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪندي رهي آهي. مسلم ليگ نون، ان جي ان مبينا اتحادي اداري ميڊيا جي اڪثريتي گروهن سان ملي پيپلز پارٽيءَ کي بدنام ڪيو ۽ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف واويلا مچائي. پي پي جي عام جيالن جي خيال ۾ مسلم ليگ نون ان سڄي عمل جو مرڪزي ڪردار هئي. جيڪو جيالو پي پي تي آيل هر مصبيت جو الزام مسلم ليگ نون ۽ نواز شريف مٿان هڻي رهيو آهي، ڇا زرداري صاحب لاءِ اهو ممڪن هوندو ته هو پنجن سالن تائين نواز شريف يعني مسلم ليگ نون جي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ پنهنجي پارٽي يا عام جيالي کي راضي ڪري سگهندو؟ سو هڪ چئلينج ته اهو آهي ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ سوال جو جواب گهڻي ڀاڱي مثبت ئي ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جي جيالن گذريل پنجن سالن واري مفاهمت جي سياست دوران گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻ سکيو آهي ۽ جيالن زرداري صاحب جي ايوان صدر مان پروقار رخصتيءَ مان پڪ سان اهو سکيو هوندو ته هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ واري سياست کان مفاهمت جي سياست بهتر آهي. پر اصل چئلينج جيڪو ڪر کنيو زرداري صاحب سامهون بيٺو آهي، اهو آهي پيپلز پارٽي ۾ نئين دور جو نئون روح ڦوڪڻ، يعني زرداري صاحب ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هن جديد دور سان مطابقت رکندڙ پارٽي ٺاهي سگهندو؟ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي جي جيالن جهڙا مخلص ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪن نه مسلم ليگ نون وٽ آهن، نه ئي نئين دور جي جماعت تحريڪ انصاف وٽ پر بنيادي سوال اهو آهي ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي جيالا پيدا ٿيا، جن ۾ 80 جي ڏهاڪي ۾ واڌ ٿي پر انهن جي واڌ ويجهه 2000ع بعد رڪجي وئي. جيالن جو هڪ سڄو سارو نسل هو، جيڪو هاڻي وقت سان گڏ پوڙهو ٿي چُڪو آهي. جن ڀُٽي صاحب جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي سياست شروع ڪئي، اهي جيالا ته هاڻي گهڻي ڀاڱي رهيا ئي ناهن. جيڪڏهن انهن مان ڪي زنده به آهن ته اهي عمر جي آخري حصي ۾ آهن. جن بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ضياءَ آمريت جو مقابلو ڪيو، اهي هاڻي پوڙها ٿي چُڪا آهن، انهن مان اڪثريت ته نئين دور جي جديد گهرجن کان واقف ئي ناهي. 8 سيپٽمبر يعني آچر ڏينهن ان جو عملي مظاهرو مون ان وقت ٿيندي ڏٺو، جڏهن پيپلز پارٽي پنجاب سيڪريٽريٽ جي ميڊيا انچارج منهنجي هڪ صحافي دوست سان گلا ڪئي ته اوهان جو فون اڪثر بند ئي ملندو آهي. جنهن تي هن صحافي دوست چيو ته مان پراڻو چئنل ڇڏي ڏنو، ان ڪري هاڻي اهو فون مون وٽ ناهي، اوهان منهنجو نئون نمبر لکو. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ميڊيا کي ڊيل ڪندڙ ان 55 سالن کان وڌيڪ ڄمار واري جيالي پنهنجي کيسي مان هڪ بندي ڪڍي ان تي نمبر لکي بندي واپس کيسي ۾ رکي ڇڏي. يعني 21 هين صديءَ ۾ به پيپلز پارٽي اڃا تائين پنهنجي جيالن کي امتحان ۾ وجهيو ويٺي آهي. پڪ سان پارٽي انهن کي گذاري جوڳي پگهار به ڏيندي هوندي ۽ اهي جيالا پنهنجي وت آهر پارٽيءَ لاءِ پوري خلوص سان ڪم به ڪندا هوندا، پر سوال خلوص يا پگهار جو ناهي، بلڪه سوال آهي پارٽيءَ کي جديد دور سان هم آهنگ ڪرڻ جو ۽ اهو صرف ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن پيپلز پارٽي سوشل ميڊيا جي جديد گهرجن کان واقف هوندي. اها پارٽي، جنهن جي قائد بينظير ڀٽو جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ پاڪستان جي پهرين سياسي ليڊر هئي، ان جي پارٽي اڄ به اتي ناهي پهچي سگهي، جتي بينظير ڀٽو 90ع ۾ پهچي وئي هئي. پارٽيءَ کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ نه ڪرڻ جو ئي نقصان آهي، جو اڄ به پيپلز پارٽي ملڪ جي اها واحد جماعت آهي، جنهن ۾ نوجوان سڀ کان گهٽ آهن ۽ جيڪي آهن، انهن مان به اڪثريت جو تعلق سنڌ سان ئي هوندو، باقي نوجوانن جي اڪثريت واري صوبي پنجاب مان ته جيالن جي خاندانن جي نوجوانن جي اڪثريت پڻ پارٽيءَ کان پري ٿي وئي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ته پيپلز پارٽي مس مس نظر ايندي آهي پر سوشل ميڊيا مان پارٽي جهڙوڪر غائب آهي. بلاول ڀٽو زرداري، بختاور، آصفه ڀٽو زرداري ۽ شيري رحمان جي ٽوئٽر پيغامن ۽ راين کانسواءِ ته پيپلز پارٽي شايد ئي ڪڏهن سوشل ميڊيا جي ڪنهن فورم تي نظر ايندي هجي. سوشل ميڊيا تي پيپلز پارٽيءَ جي نه هجڻ سبب اها نوجوانن کان نه رڳو ڪٽجي وئي آهي، بلڪه اها نئين نسل لاءِ مخالفن جي سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ واويلا سبب پيپلز پارٽي جهڙوڪر پاڪستان جي مسئلن جي ماءُ آهي، سڀني مسئلن ۽ براين جي بنياد آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي ان جو ڪو ٽوڙ ئي ناهي ڪڍيو. جماعت اسلاميءَ جهڙي مذهبي جماعت جو هڪ الڳ سوشل ميڊيا جو سيڪشن آهي، جتي هڪ هڪ منٽ ۾ فيس بوڪ ۽ ٽوئٽر تي نه رڳو پنهنجي نظريي جي پرچار ڪئي پئي وڃي، بلڪه مخالفن جي به کل لاٿي وڃي ٿي. ساڳي ريت تحريڪ انصاف جو به سوشل ميڊيا تي غلبو آهي ۽ مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پڻ سوشل ميڊيا تي ڇانيل نظر ايندا پر انهن جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جو نالو وٺڻ وارو ڪير نه هوندو. سو بنيادي سوال هو نئين نسل لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي نئين سر ٺاهڻ جو چئلينج اهو آهي ته، ڇا زرداري صاحب 70ع، 80 يا 90ع جي ڏهاڪي ۾ رهندڙ قيادت ۽ ورڪرن ذريعي پيپلز پارٽيءَ کي نئين نسل ۾ مقبول ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن زميني حقيقتن تي نظر وجهجي ته جواب ’نه‘ ۾ هوندو. ان ڪري آصف زرداري جنهن پارٽيءَ کي اڳوڻو عروج ڏيارڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، ڇا اهو پارٽيءَ کي عملي طور تي جديد دور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ان حقيقت کان واقف به آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي نئين رت، نئين ولولي ۽ نئين جذبي سان گڏ نئين دور ۾ داخل ڪرڻ جي به ضرورت آهي ۽ اها ضرورت گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽيءَ جا هي مخلص جيالا به پوري نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري پارٽيءَ لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻو پوندو. ان کانسواءِ آصف علي زرداري پيپلز پارٽي کي پراڻن جيالن جي حد تائين متحرڪ ۽ منظم ته ڪري ويندو پر پارٽي کي اهو عروج ڏياري نه سگهندو. گذريل چونڊن ۾ لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ نوان ووٽر هئا يعني 18 کان ويهه سالن جا نوجوان ۽ ايندڙ چونڊن ۾ يعني 2018ع تائين وڌيڪ 6 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ نوان ووٽ داخل ٿيندا، انهن ووٽرن تائين پارٽيءَ کي پهچائڻ، پارٽيءَ جي حقيقي ڪاميابين جي پرچار ڪري انهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ئي سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 70ع، 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي وارن جيالن جي وس جي ڳالهه ناهي. پڪ سان اهو ادراڪ آصف علي زرداري ۽ ان جي پارٽيءَ جي ٻين ڏاهن کي هوندو پر پيپلز پارٽي، جيڪا پاڪستان جي وفاق جي زنجير هجڻ جي دعويدار آهي، ان کي 18 هين ترميم کان پوءِ واري پاڪستان ۾ زنده رکڻ ۽ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌائڻ لاءِ بهرحال نوجوان ٿيڻو پوندو، فيس بوڪ، ٽوئٽر، آءِ فون، آءِ پيڊ ۽ ان قسم جي ٻي جديد ٽيڪنالاجي ڏانهن اچڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پنهنجو سمورو ووٽ بئنڪ ڪيش ڪرائڻ باوجود ٻين جماعتن کان گهڻو پٺتي هوندي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ چونڊن ۾ ملڪ جي آبادي 26 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هوندي ۽ جنهن ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ 13 کان 14 ڪروڙ تائين پهچي ويندو، اهڙي صورت ۾ پي پي پنهنجو هڪ يا ٻه ڪروڙ ووٽ کڻڻ باوجود به ڇا قومي ڌارا ۾ شامل رهي سگهندي؟ اهو ئي ڪروڙن جو سوال آهي، جنهن جو جواب ايندڙ وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم سازيءَ مان ئي ملي ويندو.

سنڌ رينجرس ڪڏهن ۽ ڪيئن پاڪستان رينجرس ۾ تبديل ٿي؟


سنڌ رينجرس ڪڏهن ۽ ڪيئن پاڪستان رينجرس ۾ تبديل ٿي؟

بئريسٽر ضمير گهمرو

سنڌ جڏهن انتظامي کيتر ۾ اڃان نيون وکون رکي رهي هئي ۽ 1937ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي. سنڌ 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هيٺ پهرين اپريل 1936ع تي برصغير جي نقشي تي هڪ جُدا وطن ٿي اُڀريو، جنهن جو پهريون وزير اعظم Premier سر غلام حسين هدايت الله ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ 1943ع ۾ سنڌ رينجرس فورس ايڪٽ پاس ڪيو، جنهن هيٺ سنڌ آئين هيٺ پنهنجي رينجرس فورس قائم ڪئي، جيڪا ضرورت وقت نه صرف پوليس جي مدد ۾ ڏني ويندي هئي، پر سنڌ جي بارڊر تي غير قانوني سرگرمين توڙي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو اهم هٿيار هوندي هئي. واضح رهي ته، ان وقت جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سائين جي ايم سيد سميت سنڌ جا ناميارا اڳواڻ شامل هئا، جن کي سُڌ هئي ته، آئين هيٺ، جيڪو ان وقت گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع هو، سنڌ پنهنجي رينجرس فورس ٺاهڻ جي مجاز آهي، سنڌ رينجرس 12 سالن تائين يعني 1955ع تائين جيستائين ون يونٽ نه لڳو هو، سنڌ ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهي هئي. جڏهن ته ان وقت پنجاب ۾ سنڌ رينجرس جي طرز تي پنجاب بارڊر پوليس فورس ٺهيل هئي.

ويسٽ پاڪستان رينجرس جو ٺهڻ:

جيئن ته 1955ع ۾ سنڌ صوبي جي حيثيت ختم ڪري ان کي ويسٽ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو هو، ان ڪري سنڌ رينجرس به نئين صوبي ويسٽ پاڪستان حوالي ٿي وئي. 1958ع جي مارشل لا کان پوءِ 1959ع ۾ ويسٽ پاڪستان جي گورنر هڪ آرڊيننس جاري ڪري سنڌ ۽ پنجاب لاءِ ويسٽ پاڪستان رينجرس ٺاهي ڇڏي. 1943ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي قانون سازيءَ وانگر هي به هڪ صوبائي قانون سازي هئي ۽ 1970ع ۾ ون يونٽ جي ٽُٽڻ کان پوءِ اصولي، قانوني ۽ آئيني طور تي ائين ٿيڻ گهربو هو ته، سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ويسٽ پاڪستان رينجرس کي ورهائي، ٻنهي صوبن حوالي ڪيو وڃي ها پر ٻين ڪيترن ئي ادارن وانگر يحيٰ خان 7 ڊسمبر 1971ع تي هڪ حڪم جاري ڪري، ويسٽ پاڪستان رينجرس لاءِ هيٺيان شرط مقرر ڪيا. ويسٽ پاڪستان:

1. رينجرس وفاق جي تابع ڪم ڪندي.

2. ويسٽ پاڪستان رينجرس جو ڊائريڪٽر جنرل مرڪز طرفان، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب لاءِ هڪ هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل، هر هڪ پنجاب ۽ سنڌ پاڻ مقرر ڪندا.

3. هر صوبي ۾ رينجرس ۾ مقرريون واسطيدار صوبا ڪندا.

جيئن ته 1970ع جون چونڊون ٿي چڪيون هيون ۽ ملڪ جي نئين آئين ٺاهڻ لاءِ ڪابه پيش رفت نه ٿي هئي، ان ڪري ون يونٽ دوران ويسٽ پاڪستان صوبي جا صوبائي کاتا واپس سنڌ يا ٻين صوبن کي ڏيڻ بجاءِ مرڪزي سرڪار پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي رهي هئي. جهڙوڪ، واپڊا، گئس، تيل، ريلوي ۽ پوليس تي مرڪز غير قانوني طور قبضو ڪري چُڪو هو ۽ ڄڻ ته صوبن کي وڏي جبر هيٺ ون يونٽ جي شِڪنجي مان آزاد ڪيو ويو هو.

يحيٰ خان جي 7 ڊسمبر 1971ع واري حڪم ۾ به رينجرس فورس کي سنڌ ۽ پنجاب لاءِ رکيو ويو ۽ ان جو نالو اڃا پاڪستان رينجرس نه رکيو ويو هو ۽ هر صوبي ۾ رينجرس جو ڪنٽرول صوبن حوالي ئي ٿيل هو. وفاقي بيورو ڪريسي، جيڪا اختيارن جي مرڪزيت تي هِريل هئي. اُن ڀُٽي صاحب جا ڪَنَ ڀري 20 اپريل 1972ع تي ڀُٽي صاحب کان وري ٻيو حڪم جاري ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب لاءِ ٺاهيل رينجرس جو ڪنٽرول سنڌ ۽ پنجاب کان کسي مرڪزي سرڪار حوالي ڪيو ويو. ڀُٽي صاحب اهڙو حڪم ملڪ جي صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان جاري ڪيو. اهڙيءَ طرح سان 1943ع ۾ ٺهيل سنڌ رينجرس ون يونٽ کان پوءِ سنڌ حوالي ٿيڻ بجاءِ پهرين پنجاب ۽ پوءِ مرڪز حوالي ٿي وئي، بدقسمتيءَ سان اهڙو حڪم سنڌي صدر جاري ڪيو.

1973ع جو آئين:

1973ع جي آئين ٺهڻ کان پوءِ جيڪي قانون اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ٺاهيا هئا، اهي صوبن کي پنهنجي پنهنجي صوبي لاءِ اختيار ڪرڻا هئا، پر 1975ع ۾ سنڌ سرڪار اولهه پاڪستان جا ڪيترائي قانون جهڙوڪ، ليڊ روينيو ايڪٽ 1967ع ته اختيار ڪيا پر ويسٽ پاڪستان رينجرس آرڊيننس 959 کي سنڌ لاءِ اختيار ڪري پنهنجي رينجرس فورس ٺاهڻ کان نابري واري ۽ 1975ع ۾ مرڪز غير آئيني طور اولهه پاڪستان جي سنڌ ۽ پنجاب صوبن لاءِ ٺهيل ويسٽ پاڪستان رينجرس کي ايڪٽ ذريعي پاڪستان رينجرس ۾ شامل ڪري ڇڏيو. جيئن ته ان وقت مرڪز ۽ صوبن ۾ پيپلز پارٽي سرڪار جي حڪومت هئي، ان ڪري سنڌ صوبي، مرڪز جي اهڙي غير آئيني ۽ غير قانوني عمل تي اڄ ڏينهن تائين چپ سبي ڇڏيا آهن. 1943ع ۾ قانوني ۽ آئيني طرح ٺهيل پنهنجي رينجرس فورس کي 2013ع تائين به مرڪز جي حوالي رکيو آهي. چوندا آهن ته، مڪافات عمل جو هر دفعي ورجاءَ ٿيندو آهي، اڄ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار آهي پر پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ گورنر سنڌ پاران سنڌ رينجرس جو جيڪو ڪنٽرول 1972ع ۽ 1975ع ۾ مرڪز کي ڏنو ويو هو، ان ساڳئي رينجرس ذريعي مرڪز سندن صوبائي حڪومت جو حال احوال وٺي رهيو آهي. ان وقت جيڪڏهن رينجرس جو ڪنٽرول آئيني طور سنڌ سرڪار حوالي ڪيو وڃي ها، ته اسان جي وڏڙن پاران 1943ع ۾ ٺاهيل هي آئيني ۽ قانوني فورس اڄ مرڪز جي چرچ تي نه پر سنڌ سرڪار جي هٿن ۾ هجي ها ۽ سنڌ کي پوليس سان گڏوگڏ هڪ جُدا فورس جو ڪنٽرول هجي ها پر گذريل 70 سالن کان هن ويڌن تي نه رڳو سنڌ سرڪار خاموش رهي پر مرڪز جي ڪارندن آئين ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي سنگين خلاف ورزي ڪندي، سنڌ ۾ رينجرس ذريعي رِڻ ٻاري ڏنو.

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته رينجرس پوليس جي مددگار فورس آهي پر سنڌ جي پوليس فورس هينئر اهڙي ته ڪمزور ٿي چُڪي آهي، جو اها لاقانونيت جي نه رڳو پاڙ پٽڻ کان لاچار آهي پر ان تي به رينجرس وانگر مرڪز جا آفيسر قابض آهن ۽ اها به سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول ۾ نه پر مرڪز جي ڪنٽرول ۾ آهي. 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هيٺ سنڌ کي نه رڳو پنهنجي پوليس فورس پر رينجرس ۽ سنڌ ڪانسٽبلري (Sindh Constabulary) به هيون پر 1973ع جو آئين، جيڪو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع کان ڪي قدر اڳڀرو آهي، ان هيٺ هينئر سنڌ وٽ نه ته سنڌ پوليس سروس آهي ۽ نه وري رينجرس. سنڌ ڪانسٽبلري (Sindh Constabulary) کي ته ڪڏهن جو ختم ڪيو ويو. ان ڪري لاچار ۽ بيوس سنڌ سرڪار انتظامي طور تي نه رڳو مرڪز جي ڳيجهو آهي پر سندس حالت بدتر آهي. اها ڪا حالت اسان سان ٻئي ڪنهن نه ڪئي آهي پر اسان پنهنجي ڪئي جو ڪِيتو لوڙي رهيا آهيون. 1973ع جو آئين ٺهڻ کانپوءِ سنڌ نه ته پنهنجي رينجرس ٺاهي يا مرڪز کان واپس ورتي ۽ نه وري سنڌ پوليس سروس ٺاهي مرڪز جي آفيسرن کي گهر ڀيڙو ڪيو. اها به ڳالهه نه آهي، ته ڪو 1973ع جو آئين سنڌ سرڪار يا سنڌ اسيمبليءَ کي سنڌ پوليس سروس يا سنڌ رينجرس ٺاهڻ کان روڪي ٿو، پر سنڌ ۾ سرڪار جي اوليتن تي امن امان، صوبي جي انتظامي، مالي ۽ قانوني خودمختياري هرگز نه آهي. ان سبب جي ڪري ئي مالا مال سنڌ پنهنجي آباديءَ کي نه ته امن امان، سُک ۽ شانتي آڇي سگهي آهي ۽ نه ئي وري روزگار، صحت ۽ تعليم ڏئي سگهي آهي.

مرڪز پاران امن امان لاءِ رينجرس جي مقرري:

آئين هيٺ صوبن ۾ اندروني انتشار ۽ امن امان کي قائم رکڻ لاءِ مرڪز سول انتظاميا جي مدد ۾ رڳو فوج مقرر ڪري سگهي ٿو. جيئن ته آئين هيٺ مرڪز کي رينجرس تي قبضو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي، ان ڪري ئي آئين هيٺ صرف فوج کي ئي مرڪز صوبائي سرڪار جي مدد لاءِ موڪلي سگهي ٿو پر جيئن ته سنڌ لاءِ ٺهيل رينجرس فورس تي مرڪز 1971ع کان غير آئيني ۽ غير قانوني قبضو ڪيو آهي، ان ڪري سنڌ ۾ مرڪز جي پاليسين جي ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو رينجرس جو استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو آئين جي ابتڙ آهي.

ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال:

ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال مرڪز جي تسلط جو سِڌو نتيجو آهي ۽ اهو مرڪزي تسلط جو سائيڊ افيڪٽ آهي، ان ڪري بجاءِ جو مرڪز سنڌ تي پنهنجو تسلط ختم ڪري سنڌ جي خودمختياريءَ کي مڃي. هو مرڪزي تسلط جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ امن امان کي سنڌ جو مسئلو چئي، سنڌ ۾ سِڌي مداخلت جي راهه گهڙي رهيو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، ته امن امان قائم ڪرڻ سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي پر جڏهن مرڪز ڌاري آباديءَ کي چيڪ ڇڏي، 25 لک غير ملڪين خلاف ڪوبه قدم نه کڻي، سڄي ملڪ مان ڏوهاري ڪراچيءَ ۾ اچي رهن ۽ آئين جي آرٽيڪل 15 هين تحت سنڌ ۾ آباديءَ جي وهڪري تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ ان کي همٿائي ۽ سياسي جماعتن کي سنڌ جي ورهاڱي جا لالي پاپ ڏيکاري، سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري، ته ڇا اهڙي صورت ۾ سنڌ ۾ امن امان قائم رهي سگهندو؟ مرڪز جيڪڏهن پنهنجي تسلط وارين پاليسين کي اڄ ئي ختم ڪري سنڌ جي وحدانيت ۽ خود اختياريءَ جو اعلان ڪري، سنڌ کي رينجرس واپس ڪري، ته هوند ڪمزور سنڌ سرڪار به امن امان قائم ڪري سگهي ٿي پر مير تقي مير وانگر. جس ڪئ سبب هوئئ بيمار اس عطار ڪئ .... سئ دوا ليتئ هيڻ.

جي بنياد تي رکيل پاليسي، نه ته سنڌ کي مستقل امن ڏئي سگهي ٿي ۽ نه خوشحالي. سنڌ کي مرڪز ۽ وڏيرن اهڙو ته ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو آهي، جو اها هاڻ آڪسيجن تي هلي رهي آهي. هينئر مرڪز ۾ سندن حڪومت نه آهي ۽ کين گهرجي ته، هو سنڌ تي مرڪز جي تلسط جي ڪارن ڪڪرن کي ڌِڪي پوئتي ڪن ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي روڪٿام لاءِ اُپاءَ وٺن.

رينجرس جو ڪنٽرول:

سنڌ سرڪار مرڪز کان رينجرس جو ڪنٽرول واپس ڪرڻ جو نه رڳو مطالبو ڪري سگهي ٿي پر 1971ع ۽ 1972ع ۾ يحيٰ خان ۽ ڀُٽي صاحب جي حڪمن کي رد ڪندي، ويسٽ پاڪستان رينجرس آرڊيننس 1959ع کي اختيار ڪري پنهنجي رينجرس فورس تشڪيل ڏئي سگهي ٿي، ڇو ته مرڪز 1971ع کان انتظامي حڪمن ۽ غير آئيني قانون سازي ڪري، رينجرس جو ڪنٽرول پاڻ وٽ رکيو آهي. اڄ به رينجرس واري قانون کي ويسٽ پاڪستان رينجرس ترميمي آرڊيننس 1959ع سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ صوبائي قانون آهي ۽ مرڪز ان ۾ غير آئيني ترميم ڪئي آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي، ته اها پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن جو تحفظ ڪري ۽ ڌارين جي آبادڪاريءَ کي روڪڻ لاءِ اريزونا رياست وانگر قانون سازي ڪري، ڇو ته سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال مرڪز جي تسلط ۽ ان جي پاليسين جو نتيجو آهي.

Kawish Sept 11, 2013

Monday, September 2, 2013

ٿر جي ڪوئلي خلاف سرگرم ڌريون ۽ ٿرڪول انرجي بورڊ جو ڪردار: اختيار کوکر


ٿر جي ڪوئلي خلاف سرگرم ڌريون ۽ ٿرڪول انرجي بورڊ جو ڪردار اختيار کوکر

بجلي جي کوٽ هن وقت پاڪستان جو سڀ وڏو مسئلو بڻجي سامهون آيو آهي، خاص ڪري گرميءَ جي موسم ۾ اها کوٽ اٽڪل 7 هزار ميگاواٽ تي پهچي وڃي ٿي، جنهن سبب ملڪ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي روزانوگهٽ ۾ گهٽ 12 ڪلاڪ ۽ شهري علائقن کي 8 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جي عذاب مان گذرڻو پوي ٿو. چيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن ملڪ اندر نوان بجلي گهر اڏڻ لاءِ هاڻ کان ڪوششون نه ورتيون ويون ته ايندڙ سالن ۾ اها کوٽ اڃا گهڻو وڌي ويندي. ان ڪري حڪومت جو سڄو زور نوان بجلي گهر اڏڻ تي آهي. بجليءَ جي کوٽ جا گهڻا سبب آهن، پر هڪ وڏو سبب ڦرندڙ قرض (سرڪيولر ڊيٽ) آهي، جيڪو هن وقت 5 کرب رپين تي پهچي ويو آهي. اهو مسئلو هيئن آهي جو ملڪ اندر هلندڙ اڪثر بجلي گهر پرڏيهه کان امپورٽ ٿيندڙ تيل تي هلن ٿا ۽ تيل جي اگهه ۾ عالمي منڊي ۾ واڌ ٿيڻ سان بجلي گهرن جي لاڳت ۾ پڻ واڌ اچي ٿي. حڪومت انهن بجلي گهرن کان مهانگي بجلي خريد ڪري ان تي رعايت ڏئي عوام کي فراهم ڪري ٿي ۽ بجلي جي فراهمي جي ذميوار سرڪاري ادارن کي موٽ ۾ ايتري آمدني نٿي ٿئي، جو بجلي پيدا ڪندڙ ادارن کي پوري ادائيگي ڪري سگهن. نتيجو اهو ٿو نڪري جو ڦرندڙ قرض وڌندو پيو وڃي، ۽ وقت سر ادائيگيون نه ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙن کي پنهنجا يونٽ بند ڪرڻا پون ٿا، يا مناسب سار سنڀال نه ٿيڻ سبب بجلي گهرن جي پيداواري صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي، ٻيو اهو ته تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان ايندڙ واڌ ملڪ اندر بجليءَ جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو سبب پڻ بڻجي ٿي. ان ڪري ملڪ اندر بجلي ۽ توانائيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ جو صرف اهو رستو آهي ته سستي فيول تي هلندڙ بجلي گهر لڳايا وڃن. تيل کان پوءِ سستو ۽ سٺو فيول گئس آهي، پر گيس جي وڌندڙ کوٽ پڻ ان جي اجازت نٿي ڏي ته ملڪ اندر گئس تي هلندڙ نوان بجلي گهر لڳايا وڃن. ان ڪري پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي، جو هميشه ملڪ اندر ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام جي مخالفت ڪندڙ وفاقي لابي پڻ اعتراف ڪيو آهي، ته ملڪ اندر توانائيءَ جي وڌندڙ بحران کي حل ڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته ڪوئلي کي توانائي جي استعمال جو بنيادي ذريعو بڻايو وڃي ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام کي هٿي ڏني وڃي. اهڙو اعتراف وزير اعظم ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ وفاقي حڪومت پاران تازو جوڙيل پاڪستان پاور مينجمينٽ ڪمپني پنهنجي جاري ڪيل پاليسي پيپر ۾ ڪيو آهي. وفاقي ڪمپني جي پاليسي پيپر ۾ ٻيو وڏو اعتراف اهو ڪيو ويوآهي ته ملڪ جي نهرن ۾ پاڻي جي گهربل فراهمي صرف مندائتي (سيزنل) بنياد تي هجڻ سبب پاڻي جي دٻاءُ تي هلندڙ هائيڊرو بجلي گهرن جي قيام تي پڻ بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ نٿو ڀاڙي سگهجي. وفاقي اختيارين جي ان اعتراف کان پوءِ بجليءَ جي کوٽ کي بنياد بڻائي ڪالاباغ ڊيم جهڙن سنڌ دشمن رٿائن جي اڏاوت لاءِ وفاقي ۽ ان جي ساٿاري لابي پاران ٿيندڙ وڪالت پڻ وزن وڃائي ويهي ٿي. وڌيڪ اهو چيو ويو آهي ته هوا ۽ بايوماس ۽ سج جي روشني وارا متبادل توانائي وارا ذريعا پڻ بجلي جي 10 هزار ميگاواٽ واري وڏي کوٽ پوري نٿا ڪري سگهن. اهڙي صورتحال ۾ صرف ڪوئلو ئي توانائي جو واحد ذريعو بچي ٿو، جنهن تي حڪومت پاڪستان جي سڄي پاور پاليسي جو بنياد هجڻ گهرجي. مطلب اهو ته ڪوئلي جي استعمال کي ملڪ جي توانائي جو بنيادي وسيلو بڻائڻ واري جيڪا ڳالهه گذريل 20 سالن کان سنڌ ڪري پئي، اها ڳالهه امپورٽيڊ تيل واري ڪاروبار تي ملندڙ ڪميشن جي خمار ۾ ورتل ۽ سنڌ جي ڪوئلي سان بعض رکندڙ وفاقي ڪامورن جي لابي کي هاڻي سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. پر سنڌ جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل ان لابي جو سنڌ جي ڪوئلي سان وير اڃا ختم نه ٿيو آهي ۽ جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي جو وفاقي حڪومت پاران جوڙيل پاڪستان پاور مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ پنهنجي پاليسي پيپر ۾ چوي ٿي ته ڪوئلي جو نالو وٺڻ سان ٿر جو ڪوئلو پاڻ مرادو سامهون اچي وڃي ٿو. پر ٿر جي ڪوئلي جو خراب معيار، گهڻو اونهائي ۾ هجڻ، پاور پلانٽ کي ٿڌو رکڻ لاءِ گهربل مقدار ۾ پاڻي موجود نه هجڻ، هاءِ ڪمرشل رسڪ ۽ سيڙپڪارن کي اميدن موجب نفعو نه ٿي سگهڻ، اهڙا بنيادي سبب آهن، جو بجلي گهرن لاءِ ٿر جي ڪوئلي جي استعمال واريون سڀ دعوائون فرضي بڻجي وڃن ٿيون ۽ ٿر جي ڪوئلي جو کاڻين مان نڪرڻ اڃا ’دلي هنوز دور است‘ جي مصداق آهي. ان ڪري چون ٿا ته ملڪ اندر بجليءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ان وفاقي ڪمپني ذريعي فوري طور تي بلوچستان جي گڏاڻي واري علائقي ۾ پاڪستان پاور پارڪس نالي نئون صنعتي علائقو قائم ڪري، پرڏيهه کان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي هلندڙ 660 ميگاواٽ وارا 10 بجلي گهر قائم ڪري 6600 ميگاواٽ بجليءَ جي پيداوار جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. ان پاور پارڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اٽڪل 5 ارب ڊالرز جي سيڙپ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته انهن بجلي گهرن لاءِ روزانو پرڏيهه مان 2 ڪروڙ ٽن ڪوئلو امپورٽ ٿيندو، جنهن لاءِ گڏاڻي واري علائقي ۾ اونهي سمنڊ ۾ ست ڪلوميٽر اندر هڪ وڏي جيٽي پڻ قائم ڪئي ويندي، جتي ڪوئلو کڻي ايندڙ بحري جهاز لنگر انداز ٿي سگهندا. ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام لاءِ قائم ٿيندڙ اهو پاور پارڪ، دنيا جو چوٿون نمبر ڪوئلي جا ذخيرا رکندڙ سنڌ صوبي ۾ قائم نه ٿي سگهڻ جو ٻيو جواز اهو ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جي ٻنهي بندرگاهن ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ جي دڪن جي سمنڊ جي اونهائي ايتري گهڻي ناهي، جو ڪوئلو پرڏيهه مان کڻي ايندڙ ڪئپسائيز بحري جهاز اتي لنگر ڪري سگهن، بهرحال بجلي گهرن لاءِ پرڏيهه مان ڪوئلو امپورٽ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ وفاقي لابي پڻ اهو اعتراف ڪري ٿي ته ڪوئلي جو نالو وٺڻ سان فوري طور تي ٿر جو ڪوئلو اکين آڏو اچي وڃي ٿو، پر ان کان اکيون چورائڻ لاءِ ضروري هو ته پهريان ٿر جي ڪوئلي کي استعمال نه ڪرڻ جو جواز پيش ڪن. ٻيو وڏو سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي قيام لاءِ صنعتي علائقو قائم ٿيڻو آهي ته پوءِ اهو ڪنهن ٻئي علائقي بدران ڪوئلي جون سڀ کان وڏيون کاڻيون رکندڙ سنڌ صوبي ۾ ڇو نٿو قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اڄ ٿر جو ڪوئلو کاڻين کان ٻاهر ناهي اچي سگهيو ته سڀاڻي ته ٻاهر اچي سگهي ٿو ۽ امپورٽيڊ ڪوئلي بدران مقامي سستو ڪوئلو انهن بجلي گهرن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ کل جهڙو جواز ڏنو ويو آهي ته سنڌ جا بندرگاهه وڏن بحري جهازن جي لنگر انداز ٿيڻ جا اهل ئي ناهن. وفاقي لابي مقامي ڪوئلي بدران پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي زور ڇو پئي ڏي ۽ سنڌ جي ڪوئلي کي نظر انداز ڪرڻ جي پويان ڪهڙيون سازشون لڪل ٿي سگهن ٿيون؟ انهي جو جائزو وٺڻ کان پهرين اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته ڇا واقعي ٿر جو ڪوئلو ايترو غير معياري آهي جو بجلي گهرن جي قيام لاءِ استعمال نٿو ٿي سگهي؟ جرمني، آمريڪا ۽ چين جي عالمي ماهرن پاران ٿر جي ڪوئلي بابت تيار ڪيل رپورٽن موجب ٿر ۾ دنيا جي لگنائيٽ ڪوئلي جو سڀ کان وڏيون 178 ارب ٽن کاڻيون موجود آهن. ان ڪوئلي جو اسٽرپنگ ويليو 6:1 ۽ هيٽنگ ويليو 6200 کان 11000 Btu/Ib آهي، جيڪو دنيا ۾ بجلي گهرن لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪوئلي جي گهڻين کاڻين کان وڌيڪ معيار جو قرار ڏنو ويو آهي. ڀارت جي نيولي وارين کاڻين جي لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار اڄ 7:1 اسٽرپنگ ريشو ۽ 2500 Btu/Ib هيٽنگ ويليو وارو آهي، جنهن تي 2700 ميگاواٽ وارا بجلي گهر هلندڙ آهن. اهڙي طرح هنگري جي لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار 9:1 اسٽرپنگ ريشو ۽ 3035 Btu/Ib هيٽنگ ويليو وارو آهي، ان تي 1800 ميگاواٽ وارا بجلي گهر هلن ٿا. ساڳي طرح جرمني رائن لينڊ لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار 4.9:1 اسٽرپنگ ريشو 45/4 کان 11054 Btu/Ib هيٽنگ ويليو آهي، ان ڪوئلي تي 10200 ميگاواٽ وارا بجلي گهر ڪاميابي سان هلندڙ آهن. ان کانسواءِ گريس جي لگنائيٽ ڪوئلي جو معيار 10:1 اسٽرپنگ ويليو ۽ 5000 Btu هيٽنگ ويليو آهي. جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ ٿر جي ڪوئلي کان گهٽ معيار رکندڙ ڪوئلو بجلي گهرن لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ٿر جي ڪوئلي کي خراب معيار وارو قرار ڏيڻ واري زهر اوڳاڇڻ جو سنڌ سان دشمني کانسواءِ ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو؟ باقي رهي ڳالهه ته ٿر جو ڪوئلو 20 سال گذري وڃڻ باوجود اڃا کاڻين کان ٻاهر ڇو نه اچي سگهيو آهي ۽ ان جي استعمال لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي، ٽرانسميشن لائن، ريلوي لائن ۽ گهربل بنيادي ڍانچي جي اڏاوت ڇو نه ٿي سگهي آهي، ته ان جي ذميوار به سنڌ حڪومت سان گڏ ساڳي ٿر ڪول دشمن وفاقي لابي رهي آهي، جيڪا اڄ تائين اهو طئه ناهي ڪري سگهي ته ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي جو اگهه ڪيترو هوندو ۽ ان ڪوئلي تي لڳندڙ بجلي گهرن کان ڪيتري اگهه تي حڪومت بجلي خريد ڪندي. رهي ڳالهه سنڌ جي بندرگاهن تي وڏن بحري جهازن جي لنگر انداز نه ٿي سگهڻ جي ته گڏاڻي ۾ ڀلا ڪهڙو سمنڊ جي ڪناري تي انهن بحري جهازن لاءِ جيٽي اڏي پئي وڃي! جيڪڏهن گڏاڻي ۾ 7 ڪلوميٽر اندر اونهي سمنڊ ۾ انهن جهازن لاءِ جيٽي اڏي سگهجي ٿي ته پوءِ سنڌ جي سمنڊ ۾ 10 ڪلوميٽر اندر اهڙي جيٽي ڇو نه ٿي تعمير ٿي سگهي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي 1993ع واري حڪومتي دور ۾ ڪيٽي بندر تي هانگ ڪانگ جي سيڙپڪار گورڊن ووکي پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي بجلي گهر لڳائڻ جي اجازت ملڻ سان ساڳي نواز شريف ۽ سندس ساٿين هاءِ گهوڙا ڪئي ته وڏي ڪميشن وٺي ڪيٽي بندر تي پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر لڳائڻ جو ٺاهه ڪيو پيو وڃي، ۽ ٿر جي ڪوئلي بدران پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي جي استعمال جي مخالفت ڪئي وئي. جڏهن ته ان ٺاهه ۾ اها شق به شامل هئي ته ڪيٽي بندر تي لڳندڙ بجلي گهر لاءِ مستقبل ۾ ٿر جو ڪوئلو استعمال ٿيندو. سوال اهو آهي ته ڇا هاڻي گڏاڻي ۾ به پرڏيهه کان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن جي لڳڻ پويان پڻ وڏي ڪميشن واري ڪا ڪهاڻي لڪل آهي، جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ پرڏيهه مان مٽا سٽا واري ناڻي جي بدلي خريد ٿيندڙ ڪوئلي واري توانائي تي ڀاڙڻ بدران پنهنجن مقامي ذخيرن تي ڇو نٿو ڀاڙيو وڃي؟ جيڪڏهن تيل تي هلندڙ بجلي گهرن لاءِ پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ تيل گهربل مقدار ۾ فراهم ڪرڻ ان ڪري ڏکيو بڻيل آهي ته تيل جي امپورٽ تي ڊالرن جي صورت ۾ پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ٿئي ٿو ۽ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن جي واڌ سان حڪومت کي ملڪ اندر پڻ بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪرڻي پوي ٿي ته ڇا ساڳيو مسئلو پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي جي حوالي سان نه رهندو؟ ان کان وڌيڪ ٻيائيءَ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿيندو، جو پرڏيهه مان امپورٽ ٿيندڙ ڪوئلي تي لڳندڙ بجلي گهرن سان ٿيندڙ ٺاهن ۾ اها شق به نٿي رکي وڃي ته مستقبل ۾ جڏهن به ٿر جو ڪوئلو کاڻين کان ٻاهر ايندو ته اهو ڪوئلو استعمال ڪيو ويندو. بلڪه اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته بجلي گهر لڳائيندڙ ڪمپنين کي پرڏيهه ۾ ڪوئلي جون کاڻيون خريدڻ ۽ مستقل طور اهو ڪوئلو استعمال ڪرڻ جي اجازت به ڏني ويندي. وڏو سوال اهو آهي ته سنڌ جي ڪوئلي خلاف وفاقي سطح تي کلي عام ٿيندڙ ان سازش خلاف سنڌ حڪومت اڃا تائين ڇو خاموش آهي؟ ڇا ان خاموشي جو اهم سبب اهو ته ناهي جو سنڌ حڪومت پاڻ به امپورٽيڊ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ هيٺ لڳائڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ائين ناهي ته هن وقت تائين صوبائي اختيارين ڪو باقاعده تحرڪ ڇو نه ورتو آهي، ٻيو اهو ته جيڪڏهن اڄ مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت ٿر جي ڪوئلي کي نظر انداز پئي ڪري ته اهو پڻ ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته پيپلز پارٽي جي تازو پنج سال مدو پورو ڪندڙ وفاقي حڪومت ٿر جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڇا ڪيو؟ پيپلز پارٽي اڄ ٿر جي بنيادي ڍانچي وارين رٿائن ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن لڳائڻ لاءِ جيڪي مطالبا موجوده وفاقي حڪومت کان پئي ڪري، اهي ڪم سندن پنهنجي وفاقي حڪومت ڇو نه ڪري سگهي؟ اڳوڻي حڪومت ٿر جي ڪوئلي لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ مکي فرش ڪئنال رٿا لاءِ 24 ارب رپيا ڇو نه فراهم ڪري سگهي؟ سنڌ اينگرو مائننگ ڪمپني کي فنانشل ڪلوزنگ جي گارنٽي ۽ بجلي جو اگهه ڇو نه ڏئي سگهي؟ اهو پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت پاڻ صوبي جي ڪوئلي جي ذخيرن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ گذريل 5 سالن دوران ٿر جي بنيادي ڍانچي جي اڏاوت تي 15 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. ٿر جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي اڏاوت ڀلو ڪم آهي، پر اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته ڪراچي کان ٿر تائين اڏجندڙ روڊ جي لاڳت 4 ارب رپين مان وڌي 9 ارب رپيا ڪيئن ٿي وئي آهي ۽ ايل بي او ڊي سم نالي مان وايا نبي سر ٿر جي ڪوئلي وارين کاڻين لاءِ پاڻي پهچائڻ واري رٿا جي لاڳت به 5 ارب رپين واري بنيادي ڪاٿي مان وڌي 15 ارب رپيا ڪيئن ٿي وئي آهي؟ اينگرو ڪمپني جڏهن سم واري صاف ٿيندڙ ان پاڻي جي استعمال کي غير معياري قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته پوءِ به اها رٿا ڪيئن پئي اڏي وڃي؟ ان کانسواءِ اهو پڻ ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ حڪومت جن پرڏيهي ڪمپنين کي ٿر جي ڪوئلي جو کاڻيون ليز تي ڏئي ڇڏيون آهن ۽ انهن ان ليز دستاويزن جي بنياد تي عالمي سطح تي وڏا ڪاروباري فائدا حاصل ڪرڻ جي باوجود ڪوئلي جي کاڻين کي استعمال هيٺ آڻڻ لاءِ جڏهن ڪا به سرگرمي ناهي ڏيکاري، ته پوءِ به انهن ڊفالٽر ڪمپنين خلاف ڪا ڪارروائي ڇو نه ٿي سگهي آهي؟ آخري ڳالهه اها ته سنڌ حڪومت اڃا تائين ٿر ڪول انرجي بورڊ جي گڏجاڻي ڪوٺائي ٿر جي ڪوئلي خلاف وفاقي سطح تي ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏيڻ جي ڪا حڪمت عملي ڇو نه جوڙي سگهي آهي ۽ ان بورڊ جي ميمبر وفاقي وزيرن کي گهرائي کانئن پڇاڻو ڇو نه پيو ڪيو وڃي ته هو ٿر جي ڪوئلي خلاف وفاقي سطح تي ٿيندڙ رٿابندي جو حصو ڪيئن بڻيل آهن؟ جيڪڏهن هو ان سازش جو حصو بڻيل آهن ته پوءِ سندن ميمبر شپ ڇو نٿي ختم ڪئي وڃي؟ akhtiarkhokhar@hotmail.co.uk

Kawish Sept 2, 2013

ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏئي سگهندو؟ سهيل سانگي


ڪراچي آپريشن ڪي نتيجا ڏئي سگهندو؟ سهيل سانگي

گذريل ڏهاڪو ڏينهن کان ڪراچيءَ ۾ آپريشن بابت هلندڙ چوٻول جو اڱاري ڏينهن سنڌ جي صوبائي گاديءَ واري شهر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ڳجهن ادارن ۽ رينجرس جي عملدارن جي موجودگيءَ ۾ آپريشن جي پلان جي منظوري ڏينديون. ميڊيا ۾ انهيءَ رٿيل پلان جا ڳچ تفصيل شايع ٿي رهيا آهن، جن موجب اهو ٽارگيٽيڊ آپريشن هوندو، جيڪو صوبائي حڪومت جي سربراهي ۾ ڳجها ادارا، رينجرز ۽ پوليس ڪندي. ڳجهن ادارن ۽ پوليس انهيءَ اجلاس لاءِ جيڪا رپورٽ جوڙي آهي، ان ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي ماڻهن جا نالا شامل آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ بدامني لاءِ ذميوار قرار ڏنا ويا آهن. اها پڻ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته شهر جي هڪ سياسي ڌر جا ٻين مذهبي ۽ سياسي جماعتن ۽ گروپن سان جهيڙا هلندڙ آهن، ساڳي طرح اهو به ته شهر ۾ طالبان به موجود آهن.

جيتوڻيڪ هي فوجي آپريشن نه هوندو، پر جيئن ته اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ٿي رهيو آهي، جنهن جو مطالبو فوجي آپريشن جو هو. اها ڏاڍي عجيب صورتحال آهي ته سياسي ۽ مذهبي ڌريون ڪراچي جي بدامني ۽ قتل جي وڌندڙ واقعن لاءِ هڪ خاص جماعت کي ذميوار سڏي رهيون آهن. ائين انهن ڌرين جو اشارو ايم ڪيو ايم ڏانهن ئي آهي، پر ان جي مطالبي تي ٿيندڙ هن آپريشن جي اهي ڌريون به حمايت ڪري رهيون آهن. ڳالهه رڳو ايتري ناهي، ميڊيا ۾ ٿيندڙ مباحثن ۽ بيانن مان اهو به سامهون آيو آهي ته سموريون سياسي توڙي مذهبي ۽ لساني ڌريون آپريشن جي حق ۾ آهن، انهن جي موقف ۾ فرق صرف فوجي آپريشن يا غير فوجي آپريشن جو آهي.

اصل ۾ ڪراچي شهر ۽ ان ۾ موجود وسيلا ۽ موقعا، هن شهر جي امن جا دشمن ٿي ويا آهن، انهن وسيلن ۽ موقعن تي قبضي ۽ بالادستي جي جنگ هلي رهي آهي. اهو سمورو قصو سندن ان خواهش جي ئي چوگرد گهمي ٿو. ان جنگ ۾ ڌرين کي سياسي اثر ۽ مٿڀرائپ بلڪه ڪن کي ته ماڳهين هڪ هٽي گهرجي. کين زمين، مالي وسيلا ۽ وڏن مالي وسيلن ۽ ادارن مان ٿيندڙ اُپت ۾ ناجائز طور حصو به گهرجي. اهي ئي شيون آرام سان نه پيون حاصل ٿي سگهن، ڇاڪاڻ جو انهن مان ڳچ شيون غير قانوني آهن، باقي جيڪڏهن ڪا قانون جي دائري ۾ اچي به ٿي ته ان جو ڪو اهڙو مڪينزم جوڙيل ناهي. اتفاق سان جيڪو مڪينزم آهي، تنهن کي اهي ڌريون مڃڻ لاءِ تيار ناهن. نتيجي ۾ ڏاڍ ۽ هٿيارن جي زور تي سياسي، مالي ۽ سماجي قبضا گيري جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. ڪراچي ۾ سياست، واپار، ڏوهه ۽ قانون جي رکوالن جو تاڃي پيٽو ايترو ته پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي، جو انهن تي وار ڪرڻ، هٿ وجهڻ يا ٽوڙڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ان ڪري آپريشن جو نعرو ته مليو آهي، پر ان مان ڪو لاڀ ملي سگهڻ، ايترو آسان نه آهي. هن سڄي آپريشن پلان ۾ طالبان يا وري غير ملڪين جي حوالي سان ڪابه ڳالهه چٽيءَ طرح موجود ناهي. جيڪڏهن هي آپريشن طالبان خلاف به آهي ته ڇا وفاقي حڪومت ان جي سٽ جهلي سگهندي؟ سياسي ڌريون ان کان علاوه چئن پنجن ٻين ڳالهين تي به متفق آهن. سڀئي چون ٿيون ته سياسي ۽ مذهبي جماعتون ڀتا خوري ۽ زمين تي قبضن ۾ ملوث آهن، پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ٿيل ناهن، واپارين تي اهي ڌريون دٻاءُ وجهن ٿيون، يعني اهي سڀ ڪم ڪرڻ واريون به اهي ڌريون آهن ته وري اهو الزام هڻڻ واريون به ساڳيون ئي ڌريون آهن. ائين سندن پاران اهو مطالبو بظاهر هڪ”اعتراف“ لڳي ٿو، پر در حقيقت جڏهن ڪا ڌر اهو چوي ٿي ته ان جو مطلب آهي ته اها پاڻ کي پاسيرو رکي باقي ڌرين تي الزام مڙهي ٿي ۽ هو پنهنجي ڪردار کي انهي دائري کان مٿانهون رکي ڳالهه ڪري ٿي. پوءِ اهو ڀتا خوري جو معاملو هجي، يا زمين تي قبضي جو يا وري بنا ميرٽ پوليس ۾ ڀرتين جو يا وري واپاري حلقن تي دٻاءُ وجهڻ جو. جيڪڏهن سياسي ڌريون واقعي دلي طرح اهو چون ٿيون ته کين اهو اعتراف به ڪرڻو پوندو ته اهي پنهنجن ئي ٺاهيل ويڙهاڪ گروپن وٽ يرغمال بڻيل آهن ۽ سندن اهي گروپ انهن ڌرين يعني مدر آرگنائزيشنز جي ڳالهه نٿا مڃين، بلڪه خود ان تي پنهنجي راءِ ڊڪٽيٽ ڪن ٿا. پر اهڙي قسم جو کليل اعتراف سامهون نه اچي سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هر سياسي ڌر کي ڊپ آهي ته ان جيڪڏهن پنهنجي ويڙهاڪ ونگ ختم ڪئي، ته مخالف ڌر ان کي ڌوڏي ڇڏيندي، ختم ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن ان اڻکٽ سلسلي کي ڏسبو ته شهر ۾ هڪ ڌر طرفان ويڙهاڪ ونگ ٺاهڻ جي نتيجي ۾ هر ڌر پنهنجي ويڙهاڪ ونگ ٺاهي، ڇاڪاڻ جو اهي سمجهن ٿيون ته سندن بقا لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي.

قصو رڳو هڪ يا ٻه آپريشن ڪرڻ جو ناهي، پر آپريشن بعد قانون جي بالادستي ۽ انصاف ڀريو مڪينزم به ضروري آهي ته جيئن ڏوهارين جي نئين کيپ تيار نه ٿي سگهي ۽ شهري بنا ڪنهن خوف جي شهر ۾ پنهنجون معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي سرگرميون جاري رکي سگهن.

سڀني سياسي ڌرين سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به آپريشن تي متفق آهن. ان جي باوجود سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا هي آپريشن ڪي گهربل نتيجا ڏيئي سگهندو؟ ان ڳالهه جو امڪان گهٽ ٿو لڳي، ڇاڪاڻ جو هر ڪا ڌر پاڻ کي ڇڏي ٻئي جي خلاف آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي ۽ بنا ڪنهن فرق جي آپريشن لاءِ دلي ۽ عملي طور تيار نٿي لڳي. ان سان گڏوگڏ اها ڳالهه به وڏي اهميت رکندڙ آهي ته ڏهن پندرهن ڏينهن کان ’آپريشن.. آپريشن‘ جو چوٻول آهي ۽ ان بعد آپريشن پلان جو ڳچ حصو سامهون اچي چڪو آهي ته ڇا ڏوهاري، دهشتگرد وغيره، جن خلاف اها ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، سي پنهنجي ٺڪاڻن تي سمورا هٿيار رکيو ويٺا هوندا ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جو انتظار ڪندا هوندا ته اهي اچن ۽ اچي کين گرفتار ڪن يا سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي؟ ظاهر آهي ته ائين ناهي، جيڪي به ڏوهاري هئا، سي پنهنجي هٿيارن ۽ سامان سميت ڇپر ٿي ويا هوندا. هاڻي جيڪو به آپريشن ٿيندو، تنهن ۾ ڪا ننڍي مڇي ڦاسي يا ڪو پنهنجي بيوقوفي جي ڪري ڦاسي ته ٻي ڳالهه آهي، مانگر مڇ ڪڏهوڪا ٿانيڪا ٿي چڪا آهن. هاڻي ڀلي هڪ نه پر ڏهه آپريشن ڪريو.

sohailsangi@yahoo.com

Kawish, Sept 3, 2013

زرعي سڌارا ۽ هارين جو مستبل


تاريخي طور تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي لينڊ ڪميشن جي رپورٽ مطابق ملڪ جي صرف 600جاگيردارن وٽ 71 لک ايڪڙ زمين هئي . انهن جاگيردارن جي پٺ تي فورس جي ماڻهن به هڪ نئين جاگيردار جي طور تي جنم ورتو جنهن کي هٿ وٺي پٺ تي پيل علائقن ۾ آباد ڪيو ويو .سروي مطابق انهن وٽ مقامي جگيردار کان وڌ هڪ ڪروڙ 15 لک 80 هزار ايڪڙ زمين قبضي هيٺ آهي .18ڪروڙ آبادي ۾ 8ڪروڙ هاري ۽ لاهياريو (سرڙيو ) هاري آهي جن مان صرف 0.8 سيڪڙو هارين وٽ فقط 2 ايڪڙ زمين جڏهن ته 23.8 سيڪڙو هارين وٽ هڪ ايڪڙ زمين آهي ۽ 4 .75 هاري بي زمين ٻڌايا وڃن ٿا .

ملڪ جو آبپاشي نظام جنهن تي زمينون بهتر لاڀ ڏئي سگهن اهو برطانوي دور جو ٺهيل آهي جنهن ۾ 10کان 12 لک ايڪڙ زمين کي آباد جرڻ جي گنجائش رکيل آهي .ان نظام کي هڪ صدي کان وڌ عرصو گذرڻ وارو آهي ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن. پاڻي جي وڌندڙ کوٽ ملڪ جي زرعي شعبي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي رياست پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ بجاءِ پنهنجن سياسي مفاد لاءِ شطرنج کيڏي رهي آهي ،مختلف قسم جي ڊئمن کي بنياد بڻائي زمينن کي برباد ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي طور زمين ٺوٺ ٿيندي پئي وڃي . برطانوي دور جا ٺهيل ڪئنال هاڻي ان حالت ۾ ناهن رهيا جو موجودهه وقت ۾ وڌندڙ زرعي پوکي جي لاءِ پاڻي جو پورائو ڪري سگهن اڄ جي وسيع دور ۾ پراڻن ڪئنالن ۾ پاڻي کڻڻ جي گنجائش باقي وڃي رهي آهي .

ملڪ جي سمورن دريائن ۾ 183 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي اچي ٿو جهنن مان 60 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فصلن تائين پهچي ٿو.

۽ 123 ملين فوٽ پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو .ان پاڻي جي ذريعي اضافي 4 ڪروڙ ايڪڙ فوٽ زمين آباد ڪري سگهجي ٿي .جڏهن ته وقت 46 ملين ايڪڙ پاڻي جي وڌيڪ ضرورت آهي سال 2000ع جي سرڪاري زرعي رپورٽ مطابق هڪ ڪروڙ 22لک ايڪڙ زمين تي پاڻي پهچي ٿو جنهن مان 86 لک ايڪڙ زمين واهن ۽ ڪئنالن ذريعي ۽ 36 لک ايڪڙ ٽيوب ويلن ذريعي آباد ٿين واهن جي ڀيٽ ۾ ٽيوب ويل جي پوکي تي ٽيڻو خرچ اچي ٿو .

ڀاڻ دوائن ،ٽريڪٽر ،۽ ٻج جي ڳرن خرچن ۽ منهانگائي جي سبب في ايڪڙ پيداوار متاثر ٿي آهي .جنهن لاءِ ماهرن مطابق عالمي معيار موجب ٽيون حصو وڃي رهي ٿي .مٿال طور ڪڻڪ 23 مڻ ،چانور 20.45 مڻ ،ڪپهه 6.31 مڻ ،مڪئي 18.11 مڻ ، چڻا 18.11 مڻ ،چڻا 5.18 مڻ ،ڪمند 459 مڻ في ايڪڙ پيداوار ٿيندي آهي ان جو مطلب اهو ٿيو .ان منجهان زمينن جي زرعي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو .هن ڪهڙي صورتحال هيٺ هاري زمين ۾ ڪم ڪندو هوندو ۽ لاهياري مزدور جي صورتحال ڪهڙي هوندي ان جو اندازو ان سموري منظر نامي کي سمجهڻ کا پوءِ لڳائي سگهجي ٿو .

زرعي سڌارن جي تاريخ

پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ زمين ۽ هارين جي مسئلن تي بحث مباحثا ٿيندا رهيا خود مسلم ليگ جي 1946ع واري آئين ۾ پڻ زرعي سڌارن واري نقطي کي پڻ شامل ڪيو ويو.زرعي سڌارن جي پهرين ڪوشش 1959 ع ايوب خان جي دور ۾ ڪئي وئي ان جو مقصد نجي ملڪيت تي 5 سو ، باراني (برسات تي ٿيندڙ فصل )هڪ هزار ايڪڙ غير باراني (ڇڙيو يا ٽيوب ويل جي پاڻي تي ٿيندڙ فصل ) جي حدن مطابق نافظ ڪرڻو هيو .

ڇا ڪاڻ جو ملڪيت تي بالائي حد خاندان جي بجاءِ فردن جي بنياد تي لاڳو ٿيل هئي .ان لاءِ گهڻا تڻ زميندارن پنهنجي اضافي زمين کي کي اصلي يا جعلي فردن جي نالي تي منتقل ڪري ان مقرر ٿيل حدن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .هڪ ڳالهه ته 1959 ع جي زرعي سڌارن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شِقون شامل هيون جنهن فائدي سان زميندار مقرر حد کان وڌيڪ زمين رکي پئي سگهيا .مطلب ته هڪ شق جو مثال ته ”ڪو به زميندار باغن لاءِ الڳ زمين رکي سگهي ٿو “1947ع کان وٺي 1977ع تائين 8 ڀيرا رعي سڌارن جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن وڏا دبحث مباحثا سرڪاري سطح تي ڪرايا ويا .1972ع ۾ پي پي پي سرڪار پاران زرعي سڌارن لاءِ جوڙيل قانون سازي جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي مارشلا ريگيوليشن نمبر15 تحت نافظ ڪيو .مگر وقت جي سڄڻن طوڙي مخالفن نافظ ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءُ نه ورتا

مطلب ته گهڻا تڻا زميندار اضافي زمين کي ظاهر ڪرڻ کان بغير مقرر حد کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .جن زميدارن جون زمينون ظاهر ٿي به ويون اهي تمام وڏا زميندار هئا اهي ان شق کان ڪين بچي سگهيا مگر پوءِ حڪومت انهي جو صرف 35 سيڪڙو حاصل ڪري سگهي .57 سيڪڙو غير آبا جي طور تي شامل ڪئي وئي .مگر پوءِ به 1959 ع جا زرعي سڌارا پاڪستان جي با اثر طبقي کي ڪچلڻ ۾ ناڪام ويا 1959 ع جي زرعي سڌاران ۽ 1972 ع مقرر حد خاندان بجاءِ فردن جي حوالي سان ڪئي وئي هئي. جڏهن ته 1972 ع جي سڌارن جي مقرر حد تمام گهٽ هئي .1972 جا سڌارابه 1959 ع وانگي ناڪام ٿي ويا.ججيڪي زمينون هارين جي نالي ڪيون ويون انهن جا صرف خاتا نالي ماتر بدلايا ويا باقي اهي زمينون اانهن جاگيردارن جون هيون جن کي ضيائي آمريت ۾ واپس وٺڻ ۾ ڪاب دير نه لڳي

جيئن جنرل ضيا جو دور شروع ٿيو ته هن پنهجي آمراڻي پاليسين سان 1980 ع ڌاري وفاقي شرعي ڪورٽ جو بنياد وڌو جنهن زرعي سڌارن تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته زرعي سڌارا غير آئيني ۽ غير شرعي آهن .1989ع ۾ عدالت سڳوري ان فيصلي جي توسيع ڪئي جهن ۾ چيو ويو ته ”هيءُ رياستي قوت جي ذريعي نجي زمين ڦرڻ اسلامي قانون جي خلاف آهي “ جنهن کان پوءِ ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ زرعي سڌارن جي ڪوششن جو باب ئي بند ٿي ويو ملڪ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي رحم و ڪرم تي هليو ويو .

پاڪستان جي سماج ۾ هارين جون حالتون

زرعي سڌارن جو بر وقت نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ جي اندر هاري جي صورتحال تمام گهڻي خراب آهي وڌندڙ منهانگائي هاري جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ان لاءِ هاري جي حالت جو جائزو به پڻ زرعي سڌاران ضرورت کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم وک ثابت ٿيندي

18ڪروِڙ آبادي ۾ هارين جو تعداد 8 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ٻڌايو وڃي ٿو .ايشائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ موجب هارين غربت جي زندگي گذارڻ وارن جو تعداد 95 سيڪڙو .انهن هارين جي اڪثريت آبادي ڇپرن ۽ ڪکاون گهرن ۾ رهي ٿي .انهن علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي ،بجلي ۽ روڊ رستن جون سهوليتون نه ملي سگهيون آهن .سموري آبادي جي ڀيٽ ۾ 80 سيڪڙو آبادي ٻار تعليم کان محروم آهن.علاج نالي ڪاب باقاعدا سهوليت موجود نه آهي 55 سيڪڙو ڳوٺ بجلي کاڻ محروم آهن سندن شهرڻ ڏي اچ وڃ جا ذريعا روايتي آهن .معمولي ڳالهين جهڙوڪ زمينن جي ڀيل ،مال متاح جو جو ٻني تي اتفاق سان اچڻ ،زمين جي ڏيتي ليتي ،قديم پراڻين ريتن ۽ رسمن مثال طور تي ڏي وٺ جا رشتا ،ڪارو ڪاري کي ذات ۽ برادري جي فرق کي بنياد بڻائي جهيڙا ڪندا رهن ٿا، جنهن جي نتيجي طور جاني زندگين جو نقصان پڻ ٿئي ٿو .

هارين جا معاشي ۽ سماجي مسئلا هڪ ٻئي کان الڳ نه آهن بيرروگاري جي ڪري اتان جو نوجوان نسل سماجي براين ۾ مبتلا ٿئي ٿو ان سبب جي ڪري اگر اندازو لڳايو وڃي ته هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هاري خاندان روزگار کي بنياد بڻائي شهرن طرف آيا آهن .جتي وسيلن جي گهٽتائي سبب در بدري جو شڪار آهن وڏن شهرن جي ويجهو ٺهندڙ ڪچيون آباديون جن ۾ اڪثريت انهن هارين جي ملي ٿي .ٻهراڙين ۾ غربت جو سبب زمينن تي ڳاٽي ڀڳا خرچ اچڻ ڪري هارين کي انهن زميندارن ۽ جاگيردارن کان قرض کڻڻا پون ٿا .اڳ تي هلي فصل جي ڪٽائي کان پوءِ سندن لاءِ ڪجهه به نه بچي ٿو نتيجي طور تي وري قرض کڻڻو پوي ٿو .جيڪو مرض بڻجي هارين مٿان غربت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو .

ڇا ٿيڻ گهرجي ؟ ۽ اهو ڪيئن ٿيڻ گهرجي ؟ پاڪستان هڪ بهترين زرعي ملڪ آهي ،هتي اگر زرعي سڌارا بهتر طريقي سان ڪيا وڃن ته سون ڏهاڙن جي اندر ملڪ جي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو .پاڪستان هن وقت چانور ،ڪمند ،ڪپهه ، انب ،کجي ۽ ٻين فصلن جي حساب سان مارڪيٽ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو .اگر حڪومت حقيقت ۾ بهترين زرعي سڌارا آڻن گهري ٿي سڀ کان پهريان ننڍن هارين جي زندگين کي سنوارڻو پوندو وڏن جاگيردارن کي ٽيڪس لاءِ پابند بڻائڻ جي ضرورت آهي پنجاب 70 سيڪڙو زرعي صوبو آهي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته 86 سيڪڙو اهڙا آباد گار آهن جيڪي12 ايڪڙن کان گهٽ ايراضي جا ملڪ آهن .14 سيڪڙو اهڙا زميندار آهن جيڪي سمورن آبادگارن جو استحصال ڪري رهيا آهن .ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سرڪار کي هيٺ ڏنل اصولن مطابق زرعي سڌارا ڪرڻا پوندا اسان سمورن کي پاڪستان انسٽي ٽيوٽ ليبر ايجو ڪيشن اينڊ ريسرچ ((PILERپاران شروع ڪيل زرعي سڌارن واري هلچل جو حصو ٿيڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ نامياري قانوندان عابد حسين منٽو پاران زرعي سڌارن جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ڌر ٿي هارين جي حقن لاءِ هلندڙ قافلي ۾ شامل ٿي جدوجهد جو آغاز ڪريون .

تجويزون .

زمين جا ملڪاڻا حق هاري کي ڏئي مفت ورڇ ڪئي وڃي .
هارين تي مڙهيل سمورا جبري قرض معاف ڪيا وڃن .
زرعي شعبي جي اندر ايندڙ تبديلين جي روشني ۾ ماهرن جون ٽيمون هارين جي مشاورت سان جوڙيون وڃن.
وياج يا فراڊ سان هڙپ ڪيل سموريون ملڪيتون آزاد ڪري اصلوڪن مالڪن حوالي ڪيون وڃن .
ليز تي ٿيندڙ پوکي جا حق هارين حوالي ٿيڻ گهرجن
عالمي تبديلين کي سامهون رکندي هارين کي جديد اوزارن ۽ مشينن کي سمجهڻ لاءِ مهارت ڏيڻ گهرجي.
نوان ٻج ۽ دوائون جي مهيا ڪري ڏيڻ رياست جي اهم فرض ۾ شامل هجڻ گهرجي .
سمورن هارين کي سندن علاج معالج لاءِ ،تعليم ،پاڻي ،بجلي رستن سميت سموريون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن
پٺ تي پيل علائقن ۾ زرعي فارمز ۽ مواصلات جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ جلد اپاءُ وٺڻ گهرجن .
هارين جي اولاد توڙي خود هارين کي به تعليمي ميدان ۾ مالي سهڪار ذريعي تعليم يافته بڻايو وڃي .
جهالت ۽ ڪڌين رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ هارين جو ن سماجي تنطيمون جوڙيون وڃن.
سجاد ظهير

ڪراچيءَ جو ناسور بڻيل ڦٽ - عاجز جمالي


عاجز جمالي

ڪراچيءَ جو ناسور بڻيل ڦٽ بدبوءِ ڦهلائي رهيو آهي. هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهپو چريو ٿيڻ وارو آهي. سندس حواسن ۾ ان ڦٽ جي بدبوءِ ويهي رهي آهي. هتي رهندڙ ماڻهو پاڻ کي موت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ويٺو آهي. هُونئن ته دنيا جي هر مذهب ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهوءَ جي ساهه وٺڻ جي سگهه صرف خدا وٽ آهي پر ڪراچيءَ جو ماڻهو ”بندوق“ کي پاڻ لاءِ عزرائيل سمجهي ٿو. بندوق هلائڻ واري کي الله سائين حُڪم نه ڪندو هوندو ته وڃي زمين تي رهندڙ ماڻهوءَ جو ساهه وٺي. پوءِ بندوق بردار ڪير آهي؟ اگر شيطان آهي ته پوءِ ڇا موت جو ملائڪ شيطان جي مرضيءَ تي ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو؟ شاعريءَ جي ڇا ته تشبيهه آهي.

اي خدا ڪجهه هيٺ لهي آ

پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ.

سچ ته ملڪ جيڏي هن شهر ۾ جيڪو به خدا جو ماڻهو آهي، اُهو ڏاڍو پريشان آهي.

هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو

هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو

تن تي ڪو نشان هڻي وڃ.

پر هن شهر ۾ رهندڙ خدا جي ماڻهن تي ڪو به ليبل چنبڙيل ناهي. ڇو ته هتي ملائڪ شيطانن سان مليل آهن، جن ماڻهن کي ڪو ليبل لڳل آهي، شيطان انهن کي ڪجهه نه چوندا آهن، نه ڪي عزرائيل انهن جو ساهه وٺندو آهي. اشتهارن جي شهر ۾ ماڻهن تي به ٺپا لڳل آهن، جنهن تي ٺپو ناهي اُهو ”ماڻهو“ آهي، جيڪو ماڻهو آهي اهو ئي ته خدا جو آهي. پر ان جي وارثي ڪير به نه ٿو ڪري. رياست، حڪمران، ادارا، سڀ ماڻهوءَ جي نراڙ تي لڳل ليبل پڙهي ان مطابق سُلوڪ ڪندا آهن. ان جو مطلب ٿيو ته خدا جي ماڻهوءَ کي هن شهر ۾ پناهه گهُرجي. پر پناهه ڏيندڙ بان اسٽيڪر واري ماڻهوءَ کي پناهه ڏيڻ بدران سندس قسمت ۾ ”گولي“ جو باب وڌائي ڇڏيندو آهي. اڳي ماڻهو چوندا هئا هِن غريب مُلڪ جي امير شهر ۾ ايڏا هٿيار ڪٿان اچن ٿا؟ سپريم ڪورٽ ۾ ان سوال جو جواب ملي ويو آهي. ڪراچيءَ مان افغانستان ويندڙ ڪنٽينرز ۾ رڳو کاڌ خوراڪ، خيما، ورديون، بوٽ، نه پر بندوقون، بارود، گولا، ايس ايم جي رائيفلون، ڪلاشنڪوفون، گوليون ۽ اُهو سڄو ساز سامان ويندو آهي، جيڪو ماڻهپوءَ جو موت آهي، جيڪو شيطانن جو تيار ڪيل آهي. نيٽو کي اسان موت وڪرو ڪرڻ لاءِ لنگهه ڏيئي پڇتايون ڪو نه پيا. ڇو ته اسان جي رياست، حڪمران ۽ ادارا سڀ جو سڀ شيطانن جا ساٿاري بڻيل آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نيٽو جا 19 هزار ڪنٽينرز گم ٿيل آهن. اُهي ڪاڏي ويا؟ جواب اهو مليو ته اڳي افغانستان مان هٿيار ڪراچي ۾ ايندا هئا، جيڪي بعد ۾ سڄي ملڪ ۾ وڪرو ٿيندا هئا. جنرل ضياءَ دور ۾ روسي ڪلاشنڪوف وڪرو ٿيڻ لڳي هئي پر هاڻي ابتو نظام اچي ويو آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه مان نڪتل ڪنٽينرز جا هٿيار هاڻي سڄي ملڪ ۾ پهچن ٿا. اڄ ڪراچي ”گناهن“ جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ بڻيل آهي. هن شهر ۾ سڄي ملڪ مان ايندڙ ”هورپرين“ جي سڄي خليج ۾ ڪاروبار ٿئي ٿو. نه رڳو انسان وڪامن ٿا پر انسانن جي ضميرن، عزتن جو سڀ کان وڏو نيلام گهر به هن شهر ۾ آهي. زمينن جو ڪاروبار، ضميرن جو ڪاروبار، زر ۽ زن جو ڪاروبار، نشن پتن جو ڪاروبار. مطلب هر قسم جو هي ڪاروباري شهر گذريل ڳچ سالن کان موت جي ڪاروبار ۾ سڀ کان اڳتي نڪري ويو. ان ڪري ٻيا سڀ ڪاروبار گهٽ ٿي ويا. ”ڀتو“ هتان جي بندوقچين لاءِ سڀ کان سولو ڪاروبار آهي. ان جو قانوني نالو وري ”چندو“ آهي، يعني جيڪي اڳي زوري ڀتو وٺندا هئا، بندوق ڏيکاري لٽيندا هُئا، انهن هاڻي ان ڪاروبار کي قانون جي شڪل ڏني آهي. اُهو ”چندو“ بڻجي ويو آهي. کين هاڻي بندوق ڏيکارڻ جي ضرورت نه پوندي. چندو هاڻي ڀتي جي سُپر ليٽو ڊگري آهي. اهو قانون ڏسي ٻيا گروپ پيدا ٿيا جيڪي اڃا تائين ”ڀتو“ وٺڻ واري اسٽيج تي آهن. شهر جا واپاريءَ ”چندو“ به ڏين ٿا ته ”ڀتو“ به ڏين ٿا. انهن جو خيال آهي ”جڳا ٽئڪس“ هڪڙو ئي هجڻ گهرجي. چندو وٺندڙن انهن کي رستو ڏيکاريو. روڊن تي نڪرو، هڙتالون ڪريو، فوج جو مطالبو ڪيو. اوهان رڳو بينر کڻي اڳيان بيهي باقي سڀ ڪم اسان جو آهي. ڪراچيءَ ۾ عوامي نمائندگيءَ جا دعويدار شهر جو ڪنٽرول ائين ئي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ ٿا چاهين ڄڻ هي شهر ”نيگروز“ غلامن جو شهر هُجي. ڪير به ڪنڌ مٿي کڻي نه ڳالهائي. ائين ته ڀوتار به نه ڪندو آهي. ڀوتار جي ”اوطاق“ هن شهر جي ”سيڪٽر آفيس“ کان گهڻي بهتر آهي. هي شهر هاڻي هڪ ”ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ“ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، جنهن جا مالڪ سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اسين شاگرديءَ جي زماني ۾ ڀتين تي نعرا لکندا هئاسين ته ”ڪراچي فري پورٽ نامنظور“. پر اڄ سوچيون ٿا ته ”فري پورٽ“ ۾ امن ته هوندو آهي. رڳو بندرگاهه ڪنهن غير ملڪي ڪمپنيءَ وٽ هُجي ها اڄ ته فري پورٽ بدران ”فري ڪراچي“ بڻجي چُڪو آهي.

ادارا هر ڪاروبار ۾ ملوث آهن. سرڪارون به حصو آهن. وزير مشير سڀ ان مان مال ڪمائي رهيا آهن. سياسي، مذهبي، لساني، نسلي تنظيمون ۽ هٿياربند گروپ سڀ جو سڀ عالمي قوتن جي آشيرواد سان پنهنجا نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن. آمريڪا جو هن شهر تي آهستي آهستي ڪنٽرول وڌي رهيو آهي. ڪراچي بندرگاهه وسيلي نه رڳو نيٽو جي نالي تي افغانستان پر ايران، چين ۽ سڄي خليج کي داٻو ڏئي سگهجي ٿو. اڄ شام تي حملي جون تياريون آهن. سڀاڻي پاڪستان کي به ڊيڄاربو. پر ڪراچيءَ ۾ آمريڪي مداخلت تي ڪير به نه ٿو ڳالهائي. آمريڪا جي سرگرمين بابت ڪو به آواز ڪو نه ٿو اُٿاري. باقي سڀ ڌريون ملائي اُن ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جو هڪ پارٽنر بڻجن ٿيون. اصل وڏا پارٽنرز آمريڪا، برطانيا، فرانس، نيٽو، اسرائيل ۽ عالمي قوتون آهن، جن 12 مئي جو سانحو ڪرايو، جن بينظير ڀٽو تي پهرين ڪراچي ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ حملو ڪرايو، کيس شهيد ڪرايو. هن خطي ۾ ڪنهن به عوامي اڳواڻ کي هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو. آصف زرداري هجي يا نواز شريف، عمران خان هُجي يا ڪير ٻيو. هاڻي سڀ خوفزده آهن. سڀ اهو ئي ڪندا جيڪو آمريڪا چاهيندو.

ڪراچيءَ جي حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اڄ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس به ڪراچي ۾ ٿيندو. هي اجلاس ڪراچي ۾ فوج جي مطالبي جي تناظر ۾ ٿي رهيو آهي. ڪراچي آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو يا نه ٿيندو؟ رينجرز ۽ پوليس کي مڪمل اختيار ملندو يا نه ملندو؟ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ڪو ٺوس فيصلو ٿيندو يا نه؟ ڪراچيءَ جي ناسور بڻيل ڦٽ جو ڪو علاج ڳوليو ويندو، سرجري ٿيندي يا في الحال هن بدبودار ڦٽ تي مرهم پٽي رکي بدبوءِ کي روڪيو ويندو؟ ڇا روي ڪو عارضي حل ڳوليو ويندو. ڪو مستقل علاج هوندو؟ هي سڀ سوال اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ اٿاريا ويندا. اجلاس ٿي وڃي ان جي فيصلن تي بعد ۾ ڳالهائينداسين پر اڄ جو اهم سوال اهو آهي ته رياست هن شهر ۾ ماڻهو ۽ ماڻهپي جي تحفظ لاءِ ڪو اهڙو مضبوط فيصلو ڪري سگهندي جو رياست عوام کي ماءُ جي برابر لڳي. حڪمران ڪجهه اهڙو ڪري سگهندا جو عوام کي هُو پنهنجا نمائندا لڳن. ڏسون ڇا ٿو ٿئي.

Ibrat sept 3, 2013,

aajizjamalijamali@yahoo.com

Bhittai heritage


Sindh express Sept 3, 2013

Karachi operation -Nawaz Bhutto, Express,


Sindh express sept, 3, 2013

Hameed Soomro: Karachi sept 3, meeting