Thursday, February 6, 2014

سنڌ سالم رهي، سنڌ دائم رهي! ابراهيم جويو


سنڌ جي هاڻوڪين جاگرافيائي حدن اندر، مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جي خواهش، سوچ ۽ رٿابندي شروع کان ئي رهندي پئي آئي آهي. ايترو ئي نه، پر اهو پڻ چيو پئي ويو آهي ته جيڪڏهن کين الڳ صوبو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ اهي الڳ ملڪ جي پڻ گهُر ڪندا. ورهاڱي کان پوءِ واري عرصي ۾، اهڙيءَ الڳ صوبي واري تحريڪ جا نشان ۽ اهڃاڻ وڏيءَ سولائيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا، جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري، ملڪ جي راڄڌاني بڻايو ويو هو. سنڌي قوم انهيءَ فيصلي جي شديد ترين مخالفت ڪئي ۽ مهاجرن جي ذهن ۾ اهو ڊپ گهر ڪري ويهي رهيو ته سنڌي قوم انهيءَ نا انصافيءَ خلاف اُٿي بيهندي ۽ انهيءَ ڏٺي وائٺي نموني ڌُرائتي فيصلي کي واپس ڪرائڻ لاءِ پنهنجيون سڀ توانائيون ڪتب آڻيندي. هيٺ ڪجهه ٽُڪرا پيش ڪجن ٿا، جن منجهان مهاجرن جي اڳواڻن جي سوچ جي چٽائي ٿئي ٿي:

(الف) مسلم ليگ ڪراچي صوبي جي صدر ايس ايم طارق چيو: ”آئون سڀني سياسي جماعتن جو بنهه گهڻو

ٿورائتو آهيان، جن اسان جي ڪراچيءَ کي الڳ صوبي بنائڻ واري گُهر ۾ اسان سان هم خيالي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي“. (ماهوار مزارع، نومبر 1953ع، ايڊيٽر خليل غيانوي ) (ب) روزاني جنگ جي ايڊيٽر سيد محمد تقي چيو: ”جمهوريت سان محبت ڪندڙ ڪوبه شخص ڪراچي صوبي

جي انصافي گهُر جي مخالفت نه ٿو ڪري سگهي.“

(ج) مسلم ليگ ڪراچيءَ جي جنرل سيڪريٽري محسن صديقيءَ چيو: ”اسين اُن وقت تائين چُپ ڪري نه ويهنداسين، جيستائين سرڪار ڪراچيءَ کي صوبي جي درجي ڏيڻ واري اسان جي گُهر قبول نه ٿي ڪري وٺي.“ سنڌ کي ورهائڻ لاءِ اهڙا خطرناڪ ۽ سازشي مطالبا ۽ تحريڪون 1955ع تائين جاري رهيون، ان کان پوءِ ون يونٽ مڙهيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌين جي مزاحمت مهاجرن جي مفادن لاءِ سڌو سنئون خطرو نه بڻجي سگهي.

اهڙيءَ شرارت، جنهن جا امڪان اڳي ئي موجود هئا، ان جو ٻيو مرحلو ون يونٽ جي خاتمي واري تاريخ، 30هين جون 1969ع کان شروع ٿيو. 19هين ڊسمبر 1969ع تي، ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ آزاد بن حيدر نالي همراهه هڪ گڏجاڻي سڏائي ۽ ”ڪراچي صوبه اتحاد“ قائم ڪيائين. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ پير علي محمد راشدي، حافظ محمد حبيب الله، راجا محمد اشرف، زيد اي سليري، حاجي ضياءَ الدين، محمد عارف ايڊووڪيٽ، مولانا جميل احمد نعيمي، بيگم محمود بليتوي، شيخ لياقت حسين، ڊاڪٽر ياسين زيبري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ، ڪراچي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي وائيس چيئرمئن خان بهادر حبيب الله، ڪراچيءَ جي نمايان شخصيتن جي گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ ”ڪراچي صوبي“ جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ’ڪراچي صوبه اتحاد‘ جي هڪ ٻي گڏجاڻي، ڪراچيءَ جي نشتر پارڪ ۾ 10هين جنوري 1970ع تي گهُرائي ويئي، جنهن ۾ آزاد بن حيدر، مولانا ابي حسين جارچوي ۽ ٻين پنهنجن خطابن ۾ ڪراچي صوبي جي کُلي عام گُهر ڪئي، جڏهن ته ڪراچي صوبي جي حق ۾ پهرين اپريل 1970ع ۾ ميري ويدر ٽاور (Meriwether Tower) کان وٺي ريگل بس اسٽاپ تائين جلوس ڪڍيو ويو. اهو باب اوڀر پاڪستان (بنگال) ۾ شروع ٿيندڙ رتوڇاڻ ۽ ڪوس جي ڪري ٿوري عرصي لاءِ بند ٿي ويو. انهيءَ سموري سازشي ۽ بدنيت تحريڪ جو ٽيون مرحلو باقاعدي 14هين ڊسمبر 1989ع کان شروع ٿيو ۽ عام ماڻهن جي ڌيان ۾ آيو، جڏهن سنڌي اخبار هلال پاڪستان هڪ خط ڇپيو، جيڪو حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ (HDA) جي ڊائريڪٽر جنرل تسنيم صديقيءَ، مهاجر قومي موومينٽ (MQM) جي چيئرمئن عظيم احمد طارق ڏانهن لکيو هو، اُن خط ۾ هُن لکيو هو: ”منهنجا پيارا عظيم! مسٽر اوڪلي جي هاڻوڪي حيدرآباد واري دوري دوران، سنڌ جي ورهاڱي جي موضوع تي بنهه گهڻيون سنجيديون ڳالهيون ٿيون آهن.“ ان کان پوءِ اخبارن جي مُک سرخين، تحريرن، تبصرن، ڪتابن ۽ پمفليٽن وسيلي سنڌ جي ورهاڱي ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جي ڳالهه لڳاتار ٿيندي رهي. هن وقت تائين پنج مهاجر تنظيمون، ’مهاجر صوبي‘ جي گهُر واري اڪيلي نقطي تي نمايان حيثيت سان سامهون اچي چڪيون آهن، جن منجهان ٽن تنظيمن ’مهاجرستان‘ جا نقشا ڇپايا به آهن ۽ ورهايا به آهن، اهي تنظيمون آهن: 1. ’مهاجر اتحاد تحريڪ‘، چيئرمئن ڊاڪٽر سليم حيدر 2. ’مهاجر رابطا ڪائونسل‘ (ايم ڪيو ايم) 3. ’صوبه اردو ديش محاذ‘ 4. ’مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن‘ 5. ’پاڪستان مهاجر ليگ‘. جن تنظيمن مهاجر صوبي جا نقشا جاري ڪيا آهن، اهي اردو ديش محاذ، مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن ۽ پاڪستان مهاجر ليگ آهن. ’مهاجر اتحاد تحريڪ‘ جو سربراهه ڊاڪٽر سليم حيدر، هڪ ڪتاب ”اب سنڌ تقسيم هونا چاهيي“ يعني ’هاڻي سنڌ ورهائجڻ کپي‘ ۾ وڏو زهر اوڳاڇي چڪو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم تنظيمي حيثيت سان سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو 9 فيبروري 1994ع تي هڪ ڪنوينشن ۾ ڪيو، جيڪو ناظم آباد، ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي سياسي وِنگ مهاجر رابطا ڪائونسل انهيءَ ڪنوينشن ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ته سنڌ کي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي بنياد تي ورهايو وڃي. انهيءَ ڪنوينشن کي الطاف حسين، لنڊن مان ٽيليفون وسيلي خطاب ڪيو. انهيءَ ڪنوينشن کان اڳ عظيم احمد طارق پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي چڪو هو: ”پڪ ڄاڻو ته مهاجر وزير اعليٰ نٿو مقرر ڪيو وڃي ته هزار سالن تائين مهاجرن جا سياسي اقتصادي مسئلا حل نه ٿيندا ۽ جيستائين ڪراچيءَ کي الڳ صوبي جي حيثيت نه ٿي ڏني وڃي، تيستائين ڪوبه مهاجر وزير اعليٰ مقرر نه ٿيندو.“ انهيءَ کان به ڏهاڪو کن سال اڳ عبدالرزاق خان ايڊووڪيٽ، جيڪو ايم ڪيو ايم جو قانوني صلاحڪار پڻ هو ۽ پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ ٿيو، تنهن 16هين نومبر 1985ع تي تڏهوڪي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي خط لکي هيٺيان نقطا اٿاريا هئا:

(1) اهو بيحد ضروري آهي ته انهيءَ قومي مسئلي جي تشخيص ڪجي ته نيٺ اهو ڪهڙو سبب آهي، جو پاڪستان جن پٽن ۽ ڌيئرن ٺاهيو، اهي جي ايم سيد جي ڪئمپ ۾ ڌڪبا پيا وڃن.

(2) جن نوجوانن ايم ڪيو ايم ٺاهي آهي، انهن جا مک مسئلا: بيروزگاري، ڪوٽا سسٽم ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلائون آهن.

(3) الطاف حسين ۽ ٻين گرفتار ٿيل مهاجرن کي ترت آزاد ڪرڻ انهن مٿان لاڳو ڪيس ختم ڪرڻ. (4) هاڻوڪي ڪرپٽ ۽ غير اثرائتي حڪومت برطرف ڪرڻ ۽ صدارتي راڄ قائم ڪرڻ.

(5) سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ گورنر مقرر ڪرڻ. (6) تناسبي نمائندگيءَ جي بنياد تي سنڌ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ. اهڙو ڊائلاگ اوهان (وزير اعظم) وٽ ٿيڻ کپي، اُن جا هيٺيان نقطا هئڻ کپن:

(الف) سنڌ ۾ قومي توڻي صوبائي تڪ، شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي بنياد تي پوريءَ طرح ورهايا وڃن ۽ اِن ريت جو اهي ڪنهن به ٻهراڙيءَ سان ڳنڍيل يا جُڙيل نه هئڻ کپن.

(ب) شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي نمائندگيءَ جو تناسب ساڳيو ۽ هڪ جيترو هئڻ کپي.

(ج) سنڌ جي سڀني شهرن ۾ مڪاني ادارن کي ٽيڪس اوڳاڙڻ جا اختيار هئڻ کپن ۽ سنڌ حڪومت کي انهن ادارن کي برطرف ڪرڻ جو اختيار نه هئڻ کپي.

(د) ووٽ ڏيڻ جي ڄمار 21 مان 18 ورهيه ڪئي وڃي.

(هه) وفاق توڻي صوبي جي سطح تي سڀني انتظامي، عدالتي، قانون ٺاهيندڙ ۽ ڪار وهنوار هلائيندڙ ادارن ۾ مهاجرن ۽ سنڌين جي نمائندگيءَ جي مڪمل برابري عمل ۾ آندي وڃي.

(و) تعليمي ادارن توڻي صوبي ۽ وفاق جي مقررين ۾ فوري طور ڪوٽا سسٽم ختم ڪري، ميرٽ کي عمل ۾ آندو وڃي.

انهيءَ مٿي ڄاڻايل پسمنظر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته مهاجرن جا شروع کان وٺي هن وقت تائين مطالبا ساڳيا ئي رهيا آهن. انهن ۾ تِر جيتري به تبديلي نه آئي آهي، اڃا به وقت هلندي، اهڙن مطالبن ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي. اهڙا بنيادي مطالبا هيٺ ڏجن ٿا: (1) مهاجرن لاءِ نسلي بنيادن تي الڳ صوبو قائم ڪيو وڃي. (2) مهاجرن منجهان وزير اعليٰ مقرر ڪيو وڃي. (3) ڪراچيءَ جو انتظامي ۽ مالياتي ڪنٽرول پوريءَ طرح سندن هٿن ۾ ڏنو وڃي. خاص طرح مڪاني ادارو انهن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ۾ سنڌ سرڪار جي ڪنهن به قسم جي مداخلت نه هجي. اهي مطالبا پهرئين ڏينهن کان ٿيندا رهيا آهن ۽ هن وقت پڻ ڏسبو ته انهن جو ورجاءُ ڀيري ڀيري سان ٿيندو رهيو آهي. ان کان سواءِ مٿي جيڪو بيان پيش ٿيو، ان ۾ ٻيا به ڪي نقطا آهن، جن ۾ مهاجرن ڪنهن حد تائين ڪاميابي ماڻي آهي، جن ۾:

* ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن کي رڳو ڪراچي واسين تائين محدود رکڻ

* ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي ڊوميسائيل جي پابندي

* ملٽاءِ نيشنل ڪمپنين کي پابند ڪرڻ ته اهي مهاجرن کي ئي نوڪريون ڏين.

* سنڌ جي گورنري

*مڪاني ادارن جي سرشتي تي قبضو ڪرڻ

* حڪومت ۾ برابريءَ جي حصيداري.

اهي سڀ اهڙا معاملا آهن، جن ۾ ايم ڪيو ايم وفاق پرست پارٽين توڻي ملڪ جي ڪرتن ڌرتن جي مدد سان اڳڀرائي ڪري چڪي آهي.

هن سڄي ڳالهه ٻولهه جو اصل مقصد اهو ئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست کي سمجهجي ۽ پڻ انهن جي سنڌ سان سچائيءَ جي دعوائن کي به توري ڏسجي ته اهي پنهنجن مٿي بيان ڪيل مطالبن سان سچا آهن يا سنڌ جي مسئلن جا پاسدار رهيا آهن، جنهن جون اهي دعوائون مختلف وقتن تي ڪندا پئي آيا آهن.

هن وقت حالتون بنهه نازڪ ترين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، تازو ئي ايم ڪيو ايم جو سربراهه سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري چڪو آهي ۽ ان کان سواءِ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽُو جو فارمولو پيش ڪري چڪو آهي. انهيءَ معاملي تان سنڌ جي ساڃهه وندن توڻي قومي پارٽين ۾ وڏيءَ حد تائين بحث هلندڙ آهي، جيڪو شروعاتي مرحلي ۾ آهي. جيڪڏهن سمجهداريءَ کان ڪم وٺبو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفاد کي اڳيان رکبو ته ڪانه ڪا اهڙي واٽ ضرور ملندي، جيڪا هر طرح سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ هوندي. اهو بحث ڪنهن نئين مرحلي ۾ داخل ٿئي، انهيءَ کان اڳ، اها گذارش ڪبي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڪي ڳالهيون طئي ڪيون وڃن ته هيٺين نقطن کي ضرور نظر ۾ رکڻ کپي: * ايم ڪيو ايم کي سنڌ ورهائي ڌار صوبي واري مطالبي تان هٿ کڻڻو پوندو، ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم کي زباني ڪلامي نه، پر حقيقي بنيادن تي عملي طور اهو ثابت ڪرڻو پوندو، جنهن مان سنڌي قوم کي اها خاطري ٿي سگهي ته ايم ڪيو ايم ڌار صوبي لاءِ مطالبي تان مڪمل طور هٿ کڻي ويئي آهي.

* ايم ڪيو ايم کي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ڌار قوم طور تسليم ڪرائڻ واري مهم تان هٿ کڻڻو پوندو، ۽ خاص طور تي ’اردو سنڌي‘ اصطلاح کي ڇڏڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻروچ، سرائيڪي، سيد ۽ پٺاڻ وغيره ذاتين مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به پنهنجي پاڻ کي ’ٻروچ سنڌي‘، ’سرائيڪي سنڌي‘، ’سيد سنڌي‘ يا ’پٺاڻ سنڌي‘ نه سڏايو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ جو ڏنو کائيندڙ سڀ سنڌي آهن. ها باقي سڃاڻپ لاءِ هرڪو پنهنجي ذات برقرار رکي ته ان ۾ ڪابه خرابي ناهي.

* ايم ڪيو ايم کي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ صوبي جي قومي ٻولي ۽ سرڪاري/ لکپڙهه جي ٻوليءَ طور نه رڳو قبول ڪرڻو پوندو، پر اردو آباديءَ کي شعوري طرح اهڙا اپاءَ به وٺڻا پوندا، جن وسيلي اردو آبادي سنڌي لکي پڙهي به سگهي ته روانيءَ سان ڳالهائي به سگهي.

* اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌ جي حق حاڪميت کي قبول ڪرڻو پوندو، جيئن ته سنڌ صدين کان وٺي سنڌي ماڻهن جو اباڻو وطن رهي آهي ۽ ان جي وارثي وٽن ئي رهندي پئي آئي آهي، انهيءَ ڪري حاڪميت جو حق رڳو سنڌي ماڻهن وٽ محفوظ آهي ۽ رهندو. حاڪميت جي حق کان سواءِ سنڌ جي شهرين هئڻ جي حيثيت ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي باقي حق برابر ملڻ کپن.

* اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي نمائندگيءَ جي هام هڻندڙ جماعت ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي مڙني ٻَرندڙ مسئلن تي سنڌ جي وارثيءَ کي تسليم ڪرڻو پوندو، سنڌي ماڻهن جي حقن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهڻو پوندو ۽ پنهنجو ڪردار اهڙي نموني ادا ڪرڻو پوندو، جهڙيءَ ريت سنڌ جو ٻيو محب وطن عوام ادا ڪري رهيو آهي.

* ايم ڪيو ايم کي دهشتگرديءَ ۽ پروپيگنڊا وسيلي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ واري سياست ڇڏي، سنڌين سان گڏجي انهن جي حقيقي پرامن قومي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو. * ايم ڪيو ايم کي پنهنجو ناتو اسٽيبلشمينٽ کان ٽوڙي مختلف سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ قومي مسئلن تي سنڌي قوم جي اختيار ٿيل مؤقف کي پنهنجائڻو پوندو، يعني انهن جي مختلف معاملن تي پاليسي اهائي هوندي، جيڪا سنڌي ماڻهن جي آهي.

ibrahimjoyo@yahoo.com

وڏيرا -قومي ڪارڪن-سول دهشتگرد- غلام نبي مغل


ڪجهه ڏينهن اڳ، هڪ لساني سياسي پارٽيءَ طرفان سنڌ کي ٻه اڌ ڪري ففٽي ففٽيءَ جي بنياد تي ڌار صوبي جو مطالبو ڪيو ويو. ٻن ڏينهن کانپوءِ انهيءَ پارٽيءَ سڄي ملڪ ۾ سندن مطالبي جي مخالفت ڏسي ڪجهه اکرن جي ڦير گهير ڪري اهو مطالبو ڪيو ته جي سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڌار صوبي کي برداشت ڪرڻ جي اهليت ناهي ته پوءِ سنڌ قائم رهي پر انتظامي طور تي خودمختياري سان گڏ ” سنڌ ون“ ۽ ”سنڌ ٽو“ جو بندوبست ڪيو وڃي. انهيءَ پارٽي جي ليڊر اهو به چيو ته اوهين سنڌي کڻي سمجهو ته اهو حتمي فيصلو آهي. وڌيڪ ٻي ڳالهه ڪرڻ اجائي آهي. اسان سنڌين ۾ واويلا مچي ويئي ۽ حاڪم سياسي پارٽيءَ کان وٺي قوم پرستن جي درجن کن پارٽين به دستوري سياسي بيان اخبارن ڏانهن موڪلي ڇڏيا ۽ هڪ ٻه ننڍڙيون ڪارنر ميٽنگون به شايد ٿيون. عوامي تحريڪ جي ليڊر موقعو مهل ڏسي سخت بيان به ڪڍيو ۽ چتاءُ ڏنو ته اهو ڌار صوبي جو مطالبو واپس وٺو، نه ته صوبي سڄي ۾ هڙتال ٿيندي. پوءِ اها هڙتال انهيءَ لساني پارٽيءَ جي ٻن اڳواڻن جي صلاح مصلحت ۽ ارباب رحيم، جنهن اهڙي مطالبي جو بنياد حيدرآباد ضلعي کي چئن حصن ۾ ورهائي وڌو هو، تنهن جي ٽياڪڙيءَ ۾ واپس ورتي وئي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وٽ سياسي تڪرار جو ڏانءَ ضرور آهي پر انهيءَ سان گڏ سياسي ويزن جي به ضرورت آهي. اسانکي هن نوجوان ۽ ٻين قومپرستن مان وڏيون اميدون آهن پر اهي سياسي ٿاٻا سندن سياسي مستقبل تي اثر انداز ٿيندا، جن مقصدن لاءِ پنهنجيون حياتيون ضايع پيا ڪن، سي به اسانکي سنڌ جي مستقبل وانگر عزيز آهن. انهيءَ سياسي پارٽيءَ جي ٻن اڳواڻن ۽ سنڌ جي قومي دستور جي آرٽيڪل 6 هيٺ ايندڙ ارباب رحيم، عوامي تحريڪ جي ليڊر اياز لطيف پليجي سان ڇا ڳالهايو ۽ ڇو ائين پنهنجو قائم ڪيل تحرڪ ختم ڪيو ويو ۽ پوءِ هڪ ٻن ڏينهن اندر اياز لطيف جو هڪ سٺو فصيح ۽ بليغ انداز مضمون جي صورت ۾ مليو. اهو به اکين تي ۽ 11 جنوريءَ جي ڪاوش ۾ سائين وڏي رسول بخش پليجي صاحب جو، هن سرد طوفاني ڏينهن ۾، هڪ مضمون ست سئو قبل مسيح کان وٺي 11 سئو عيسوي سن تائين، يونانين، رومين ۽ عرب مسلمانن جي علمي، فلسفي ۽ منطقي ڪارنامن وغيره تي بهترين ڄاڻ سان ڀريل مليو. اهو مضمون به اکين تي. پر مهل ڏسي ڪم ڪبو آهي. اهو ڪم ٻيو فهم آهي، جيڪو اسان کي هن بدترين ڏينهن ۾ رهنمائي ڪري. سائين پليجو صاحب اهو چئي سگهي ٿو ته ڀلا هن سڄي سنڌ ۾ هڪڙو هو ئي آهي، جنهن ۾ اميد رکي وڃي ته سنڌ جي نوجوانن ۽ نالي ۾ نهال جهانگيئڙن ۽ ماروئڙن کي سياست ۽ فهم جا گس ٻڌائي. سائين اوهان Dynasty به قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ به وڏيون اميدون آهن. سياست ۽ دانش مندي به ته اوهانجي جون غلام آهن. سچ اهو آهي ته انهيءَ خانداني سياست مان وڏيون اميدون آهن، انهيءَ ڪري جو منجهن فهم آهي پر سائين سياسي ۽ دانشورانا ٿاٻا نه کائو. اسانجي رهنمائي ڪريو. حضرت عيسى عه کان سوين سال پهرين ۽ هزار سال پوءِ ڳالهين جي هاڻ اسان کي ايتري ضرورت ناهي. سنڌ کي ورهائڻ جو خواب ڏسندڙ ٽولي جا سياسي، اقتصادي ۽ انگ اکر گڏ ڪرڻ وارا دانشور پنهنجو ڪم مڪمل ڪريو ويٺا آهن. اسان وٽ رڳو Rhetoric آهي. ياد ڪيل جملا آهن. اهڙو هڪ مضمون اوهان کي وڏي انگريزي اخبار ۾ 11 جنوريءَ جي پرچي ۾ ملندو، جنهن ۾ لاڳاپيل انگ اکر آهن ته ڪيئن ڪراچي صوبي جو قيام ضروري آهي. اوهان قومي اڳواڻن، حڪومتي قيادت ۽ عام سنڌين لاءِ هيٺ ڪجهه انهيءَ مضمون مان تفصيل ڏيان ٿو: 1، ملڪ ۾ تمام ٿورا عنصر آهن، جيڪي نون صوبن ٺهڻ جي خلاف آهن. پاڪستان کي وڌيڪ صوبن جي ضرورت آهي. ننڍا صوبا سياسي ۽ اقتصادي طور وڌيڪ بهتر آهن.

2، جي صوبي جو لفظ ڪن کي نٿو وڻي ته اڳوڻيون ٻارهن ڊويزنس کي ڪجهه ڦير ڦار سان انتظامي يونٽ خود مختياريءَ سان ٺاهي سگهجي ٿو، جن مان هڪ ڪراچي ڊويزن به هوندي.

3، ڪراچي کي جڏهن به صوبو ٺاهڻ لاءِ آواز اٿي ٿو ته ڪجهه حلقن ۾ جذباتي اُڌما اٿن ٿا، جيڪي سمجهن ٿا ته ان مطالبي سان ملڪ جي سالميت کي خطرو آهي. انهيءَ ڪري ڪراچيءَ جي سياسي اڪاناميءَ جو اڀياس ڪرڻ کپي ته ٻن ڪروڙ ماڻهن جو شهر ڇو نه هڪ صوبو ٺهي يا هڪ آزاد Terminator بنجي؟ 4، ڪراچي شهر، ملڪ جو ترقي يافته اقتصادي ۽ سماجي يونٽ آهي، جيڪو هر صورت ۾ ملڪ جي 106 ضلعن کان اڪانامڪ ۽ سوشل انڊيڪٽرس ۾ نهايت اڳتي آهي. تعليمي صورتحال ۾، 1988ع واري آدم شماري جي موجود انگ اکرن موجب، ڪراچي، (اسلام آباد 72.4 سيڪڙو) کان سواءِ ٻئي نمبر تي آهي، يعني 72.2 سيڪڙو. ڪراچي سينٽرل ضلعي جو پرسنٽيج 76 آهي. عورتن جي تعليم ۾ ڪراچي ڊويزن، سڄي ملڪ کان اڳڀرو 63.9 سيڪڙو آهي. ماهرن جي انگ اکرن مطابق اقتصادي ۽ سماجي Multiple deprivation ۾ ڪراچي ڊويزن “Least deprived district of Pakistan with least incidences of poverty” آهي.

5، اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته ڪراچي ڊويزن روينيو ڪليڪشن جي انگن اکرن ۾ سڄي ملڪ کان اڳڀري آهي. ملڪ جي اقتصادي صورتحال، مينوفيڪچرنگ، سروسز ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل پيداوار ۽ Value addition ۾ اڃا تائين سڀني ملڪي حصن کان اڳتي آهي. ڪراچي سڌن ٽيڪسز ۾ 35 سيڪڙو کان وڌ ڏيئي ٿي ۽ سڌن ٽيڪسن ۽ انهيءَ سان گڏ روينيو ڪليڪشن ۾ به سنڌ جو حصو پوري ريت 96 سيڪڙو وڃي بيهي ٿو. سيلز ٽيڪس به 35 سيڪڙو ڪراچيءَ ئي مرڪز کي ڏيئي ٿو.

6، ڪراچيءَ جا انگن اکرن جا ماهر اهو به مڃين ٿا ته پناهه گيرن جو ڪراچيءَ ۾ اچڻ 1981ع جي آدم شماري مطابق 33 سيڪڙو هو، جيڪو 1998ع ۾ گهٽ ٿي 22 سيڪڙو ٿي ويو آهي. انهيءَ ۾ به حيرت جي ڳالهه ناهي ته شروعاتي پناهگيرن جي ڪراچيءَ ۾ پناهه وٺڻ جي لهر، شهر جي رهاڪن جي demography کي بدلائي ڇڏيو. هاڻي پناهه وٺڻ يا آباد ٿيڻ جي رفتار سست آهي پر سا به ملڪ جي اندرين علائقن منجهان ٿي آهي. اها اندروني ملڪي نقل مڪاني ضرور ويجهي مستقبل ۾ اردو ڳالهائيندڙن جا انگ اکر گهٽ ڪندي پر هڪ ماهر حارث گذدر اڳڪٿي ڪئي آهي ته 2025ع ۾ غير اردو ڳالهائيندڙن جو تعداد ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو ٿي ويندو.

7، جي ڪراچيءَ کي صوبو بڻائجي ته چؤطرف کان اعتراض اٿن ٿا پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي سموري روينيو جو 95 سيڪڙو ڪراچي پيدا ڪري ٿو ۽ جي ڪراچي صوبو بنجي پوي ته ملڪ جو امير ترين صوبو هوندو ۽ مرڪزي حڪومت جي فنڊن جي ضرورت نه پوندي. مرڪز کان هڪ بهتر معاهدي هيٺ، ڪراچي پنهنجي حاصل ڪيل روينيو کي پاڻ وٽ رکي، ته ڪراچيءَ لاءِ وڌيڪ مناسب ٿيندو ۽ ضرورت کان وڌ به هوندو، جيڪو مرڪز ۽ ٻين صوبن لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿو.

8، ڪراچيءَ کي صوبي بنائڻ لاءِ ٻن لساني ايڪائين طرفان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اها به حقيقت آهي ته ڪراچي موجوده وقت ۾ رڳو اردو ڳالهائيندڙن جو شهر ناهي رهيو. اهو شهر Multi-linguistic گهڻ- ٻوليائي ۽ Multi-ethnic (گهڻ- نسلي) بڻجي چڪو آهي پر اردو ڳالهائيندڙ ته به وڏي تعداد جي ڪري، شهر ۾، زبردست اڪثريت ۾ آهن.

9، جي ڪراچيءَ کي هن وقت صوبو ٺاهيو ته جدا جدا لساني گروپس کي به جاءِ ڏيڻي پوندي ۽ الائي ڪيترو دٻاءُ سامهون اچي. جيڪڏهن سڀ لساني ڌڙا ” پنهنجي سڃاڻپ ڇڏي“ ڪراچيءَ جي آباد رهندڙن جي روپ ۾ سامهون اچن ته پوءِ معاملي کي منهن ڏيڻ آسان ٿي پوندو. ڪراچيءَ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي سندن موڙي ۽ مهارت جي عيوض تمام گهڻو فائدو رسايو آهي ۽ ڪراچي صوبو سڀني لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.

10، پر اتفاق سان اها تجويز ڏکي لڳي ته اهي سڀ مٿي بيان ڪيل ڳالهيون هڪ ”مضبوط ۽ خودمختيار“ سٽي گورنمينٽ لاءِ به پيش ڪري سگهجن ٿيون.

اهي سڀ تفصيل انهيءَ ڪري ڏنا آهن ته هڪ لساني ڌر جي عالمن، دانشورن ۽ ڄاڻو حلقن جي سوچ ڪهڙي آهي؟ انهي سوچ کي سامهون رکي سنڌي قومپرست طبقي جي عملي حڪمت ۽ ذهني سوچ کي پرکڻ گهرجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون ۽ عملي طور ڇا ڪري رهيا آهيون! مونکي خبر ناهي ته هيترين سارين پارٽين ۽ ڌڙن کي ڪهڙي فارمولي هيٺ، قومي سياست، قومي اڳواڻ ۽ سندن حڪمت عملين کي قومي مقصد سان تعبير ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪليم به ڪيو وڃي ٿو. قومي اڳواڻ يا رهبر ۽ قومي سياست ڇا آهي ۽ ڪهڙي تاڇي پيٽي هيٺ اسان ڪنهن کي يا ڪنهن ڌڙي کي يا پارٽي کي ”قومي“ سمجهون! قومي سياست جي عام معنى آهي ته قوم لاءِ سياست ڪرڻ پر قوم اوهان لاءِ ڇا سوچي رهي آهي ۽ اوهان گذريل چاليهه پنجاهه سالن ۾ قوم کي ڇا deliver ڪيو آهي، ڏک جهڙي ڳالهه آهي. سنڌي قوم مايوسيءَ ڏانهن وڃي رهي آهي. ان ۾ ڪنهن جو ڏوهه آهي، اوهان جو يا قوم جو، جيڪا قومي سياسي ۽ ڇڙو ڇڙ گروپس کي ووٽ نٿي ڪري! سبب ڇا آهن؟

ملڪي سياست ۾ هڪ اقتداري پارٽي هوندي آهي ۽ ٻي يا ٻيون مخالف پارٽيون هونديون آهن ۽ اهي سڀ پارٽيون اسيمبليءَ جي اندر هونديون آهن. اسان جون قومي پارٽيون اسيمبلي ۾ ڇو ڪونهن. انهن کي سنڌي ووٽ نٿا ڪن، ڇو نٿا ڪن؟ رڳو انهيءَ هڪ نقطي تي گڏجي ويهي ڀائرن وانگر سوچين ته سڀ معاملا ظاهر ٿي پوندا! ذري گهٽ سڀني پارٽين يا گروپس جي عمل بابت عام سنڌي ماڻهن يا شهرن جي لوئر مڊل ڪلاس يا عام مڇي مانيءَ وارن جي ذهني تحفظات متعلق ڪڏهن ٿڌي دماغ سان ويهي سوچ ويچار ڪيو اٿن ته هيترا جيل ڪاٽيا اٿو، ڪونڌر ڪهايا اٿو ۽ پنهنجا ذاتي مستقبل جا ڪيريئر تباهه ڪيا اٿو، پوءِ به اوهين اتي بيٺا آهيو، جتان جدوجهد جي شروعات ٿي هئي. قاسم آباد سنڌ جي هر پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل، سڀني ضلعن جي ضرورتمند يا ساڃاهه وند ماڻهن جو مرڪز آهي، اتان صرف 19 هزار ووٽ کڻڻ ڪنهن به قومي رهنما کي سونهين نٿو. جي سڀ گڏ هجون ها ته ضرور اوهان جي سوڀ ٿئي ها ۽ عام ماڻهن جا ذهن به اوهان لاءِ مثبت سوچين ها .

هاڻي اهو سوچجي ته قومي رهبرن کي نيٺ ڇا ڪرڻ گهرجي، جو اسين ڪانئر ۽ اڳتي وڌڻ جون سڌون رکندڙ اديب، شاعر ۽ ڏاها، وري به کين سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مقصد لاءِ جدوجهد ڪندڙ جاکوڙي سمجهون ٿا. اسان جو ايمان آهي ته اوهين ئي سنڌ بابت فهم جي ڄاڻ رکو ٿا. اوهان لفظ سياست جي معنى سمجهو ۽ موجوده وقت جي تقاضا جي ڄاڻ کي سنڌ جي مفاد خاطر اڳتي وڌايو. پنهنجا پنهنجا منشور ڇو ٿا ٺاهيو؟. منشور صرف هڪ آهي: هن دور جي فريم ورڪ ۾ سنڌ جو مفاد سڀ کان پهرين آهي. هيترا سارا ليڊر نه کپن. ليڊر هڪ ئي هوندو آهي يا انهن جا ساٿي ليڊر هوندا آهن. پنهنجيون پنهنجيون الڳ الڳ ديڳڙيون نه چاڙهيو، الڳ الڳ ديڳڙين چاڙهڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيا آهن.

سنڌ جو رڳو هڪ مسئلو آجپو ناهي! سنڌ جا انيڪ مسئلا آهن. سنڌي ماڻهو سماجي، سياسي ۽ اقتصادي مسئلن جي ڄار ۾ الجهندا وڃن. اوهان جي اسيمبليءَ ۾، اقتداري يا مخالف سياست ۾ هن وقت ناهيو ته وڏي ڳالهه ناهي. نيٺ انهيءَ اقتدار جي مومل کي به ماڻيندا پر هينئر اسيمبليءَ کان ٻاهر مثبت انداز ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪريو، سنڌي ماڻهن وٽ وڃو، سندن مسئلا ٻڌو! ماڻهو سڀ اقتداري وڏيرن، پيرن، مخدومن ۽ داد گيرن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن، تن جي واهر ڪريو. اوهان ملڪ جي قانون کي مڃيندڙ آهيو. اوهان انهن سڀني ادارن تي عملي نظر رکو، جتي عام ماڻهن جا ڪم ڦاٿل آهن ڪوشش ڪري انهن ادارن منجهان عوام جا ڦاٿل ڪم ڪرائي ڏيو. چڱا ارادا ۽ نيڪ نظري ۽ اڻ کٽ جاکوڙ هوندي ته عام ماڻهو ان وڏيرڪي ڪلاس منجهان آهستي آهستي پاڻ ڇڏائي آزاد ٿيندا. هينئر عوام محڪوم آهي، جڏهن انهيءَ وڏيرڪي ڪلاس جي حاڪميت مان آزاد ٿيندا ته پوءِ کين ڪنهن ٻي ڀرجهلي ڌر جي ضرورت محسوس ٿيندي. اوهان ۾ قابليت هجي ته اهو خال ڀريو. ماڻهن جا مسئلا ته گهڻا آهن پر تعليم ۽ صحت کي ڏسي پرکي، انهيءَ معاملن ۾ مثبت، بهتر انداز ۾ اثر انداز ٿيو ۽ حڪومتي صاحبن کي انگ اکر گڏ ڪري ڏيو ۽ اخلاقي ۽ سياسي دٻاءُ وجهو ته جيئن حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري ۽ عام ماڻهن جي به مالڪي ٿئي ۽ وڏيرڪي سفاڪ مالڪيءَ کي ڌڪ رسي. انهن وڏيرن جي طاقت کوکلي آهي، کين حڪومت جي پوليس، انتظامي آفيسرن ۽ لوڪل ننڍن آفيسرن جي پشت پناهي حاصل آهي، جنهن ڪري ٻئي ڌريون پنهنجي سطح تي ڪرپشن ڪن ٿيون. تبديلي لاءِ اوهان ۾ ۽ ٻين سنڌ دوستن ۾، جيڪي وڪيل آهن، سي الله جي بندن جي ڀلائي خاطر سندن خاص ڪيس هلائين ۽ پنهنجي سنڌ دوستيءَ جي رٽ قائم ڪن. پريس ۽ ميڊيا نيٽ ورڪ تي عام جمهوري تقاضائن متعلق ڪوريج ٿئي ته ان جو اثر تمام چڱو ٿيندو. مثال طور اسڪول بندآهن. استاد اسڪول نٿا اچن. ان سڄي مامري کي هٿ ۾ کڻي، مثبت انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي نشاندهي به ڪجي، پنهنجي عوام جي فائدي لاءِ ڪم به ڪرائجن. جي ڪا ڪوتاهي ڏسڻ ۾اچي ٿي ته پوءِ حڪومت ۽ سندس وڏيرن کي پريس ڪانفرنس، سيمينارن ۽ ذاتي ملاقاتن ۾ وائکو ڪجي ۽ پنهنجي تنظيم يا تنظيمن جي نيڪ نيتي ۽ سياسي قوت عام ماڻهن جي ذهنن تائين پهچائڻ گهرجي. ٻه ٻيا به مسئلا آهن، جيڪي نوجوانن ۽ مائٽن لاءِ نهايت اهم آهن. نوجوان ڊگريون کنيو گهمن پيا، انهن کي نه ته وزيرن سڳورن طرفان نوڪريون ملن ٿيون ۽ نڪو عام نوجوانن وٽ پنج لکن کان پنجاهه لک روپيا آهن، جو هو وزيرن مشيرن جي ايجنٽن کي ڏين ۽ سچا ڪوڙا نوڪريءَ جا آرڊر وٺن. ٻيو مختصر طور تي سنڌي ٻوليءَ جي واهر ڪريو. اسان سڀ هڻي بيٺا آهيون . مائٽن جي نڪا پرائيويٽ اسڪولس ۾ شنوائي ٿئي ٿي، نڪو سرڪاري ادارو ئي کنگهي ٿو. اسان جي قومي اڳواڻن جو مثبت انداز ۾ ڳالهائڻ ضرور پنهنجو اثر ڏيکاريندو. سياست جو به هڪ اخلاقي طريقو آهي ۽ اسانکي اخلاقي ۽ سياسي قومي رهنما گهرجن، نه ڪي فلمن جي Macho men وانگر پنهنجي ارهه زورائي ڏيکارين. منهنجا سائين، اهي سڀ ڪم پهرين قدم طور وڏيري شاهيءَ کي اخلاقي ۽ سياسي ڌڪ رسائيندا ۽ موٽ ۾ عام ماڻهوءَ جو انهيءَ جابر طبقي تي آڌار گهٽ ٿيندو ۽ ذهنن ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿيندي. پوءِ ضرور اوهان وڏيرن جي جاءِ والاريندو. پر خدا جي واسطي طاقت ۽ سگهه اچڻ تي وڏيرا نه ٿجو. اهو به اسان کي وڏو تجربو آهي ته غريب غربو سڻڀي نوڪري يا لٽ مار منجهان مالدار ٿيو ته سندس افعال به وڏيرن جهڙا ٿي پوندا آهن.

اهي ته اسان جا پنهنجا مسئلا آهن. جيڪي مون نهايت مختصر ڪري لکيا آهن پر اوهانجو وڏو ٽاسڪ سياسي طور، منظم طور، گڏجي عوامي حمايت سان، سنڌ کي پنهنجو اصل روپ رنگ ڏيڻو آهي ڇڙ وڇڙ هڙتالن جا سڏ ڏيڻ سياسي بلوغت ناهي. هڙتال ۾ ڪراچي سڄو ۽ حيدرآباد سڄو بند نه ٿئي ته هڙتال ڪهڙي ڪم جي. انهيءَ ڪري نالي ۾ نهال چئنل ۽ پرنٽ ميڊيا ۽ بين الاقوامي صحافت ڪو ڌيان نٿي ڏئي. ٻڌي ڪري، سڀ اعلان ڪري، ويڇا وساري، ڪراچيءَ کي ”شيڪ“ ڪريو، (لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو) حيدرآباد کي سڄو اثر ڏيکاريو پر جمهوري انداز ۾، جيڪو اوهانجو آهي، ته پوءِ سنڌ جي قوت صوبي ۾ نه، ملڪ ۾ نه پر ملڪان ملڪ محسوس ٿيندي. اهڙا ريڪارڊ مون کان پهرين ڪيترا سنڌ جا گهڻگهرا وڄائي ويا هليا يا ٿڪجي ڪنڊ جهلي ويهي رهيا. اسان جا خود – رو ٻوٽن وانگر ڌرتيءَ منجهان نڪري آيل رهنما، پنهنجي هوڏ، پنهنجن ڪاٽن جي ڪلفن لڳل ڪپڙن، لينڊ ڪروزر جيپن، سندن خلاف داخل ٿيل F.I.Rs فرسٽ ڪلاس Rhetoric تقريرون ۽ سڀ کان وڌ سيني ۾ سنڌ جو درد سموئي، مڙس ماڻهو ٿي ساڳي ذهني ڪيفيت ۾ مشغول رهيا ۽ عام ماڻهن جي ذهنن ۾ جيڪو ٿورو گهڻو هئا، سو به ڄڻ ته وڃائي رهيا آهن. ٻئي طرف ڪجهه يونيورسٽيءَ جي ڇوڪرن ۽ عام گهٽين جي رولو عنصرن پاڻ ۾ ملي، ماڻهن جي ذهنن تي اثر انداز ٿي، پنهنجن منفي ڪمن منجهان مثبت نتيجا ڪڍي، هزارين F.I.Rs ختم ڪرائي هينئر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي معتبر ۽ مظلوم بڻجي، ملڪ جي اڇي ڪاري ۾ حصيدار بنجي چڪا آهن. اسين ساڳئي هنڌ، وڌيڪ خراب حالتن ۾ موجود آهيون. ڄنڊا پٽ به جاري آهي ۽ ڏينهون ڏينهن گهٽ اثر انداز ٿيندا وڃون پيا. سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي طور تي ته ڏينهون ڏينهن Melt ٿيندا (رجندا) وڃون!

اسان کي ڇا ڪرڻ کپي؟

ڇا ٿا ڪري سگهون؟

daily kawish

سنڌ ۾ سياست جي نئين صِف بندي-I عاجز جمالي


پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽيءَ جي سرواڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پارٽي اڳواڻن جي ڪچهريءَ ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سڀني بااثر ماڻهن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ پارٽي اڳواڻ صف بندي ڪن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ روايتي ۽ ناليوارن وڏيرن کي به پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. هن ئي ڪچهريءَ ۾ لياقت جتوئي ۽ شيرازي ڀائرن سان رابطن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. آصف زرداريءَ کي ٻڌايو ويو ته لياقت علي جتوئي جو ڀيڻويي چاڪر خان شاهاڻي ۽ دادوءَ مان سندس ويجهو ساٿي سيد محمد شاهه به پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي چُڪا آهن. البته جيڪي سياسي خاندان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان ٻاهر آهن، انهن سان به رابطا آهن. پيپلز پارٽيءَ جو وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) يا ميان نواز شريف سان مفاهمت جو لاڳاپو برقرار آهي ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان دوستي پڻ جاري آهي. ممڪن آهي ته لياقت جتوئيءَ سان گڏ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ٻيا به ڪجهه همراهه پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿين. اهو به ممڪن آهي ته شيرازي برادران به ڪيسن کان بيزار ٿي سرڪاري پارٽيءَ جو حصو بڻجي وڃن. فنڪشنل ليگ ۾ عام چونڊن کان اڳ شامل ٿيندڙ سياسي اڳواڻن جا به پيپلز پارٽيءَ سان رابطا آهن. باقي ممتاز ڀٽو ته وري به قومپرستيءَ جي سياست جو دڳ وٺڻ وارو آهي. ڏٺو وڃي ته عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن) ۾ جيترا به سنڌي اڳواڻ اقتدار جي آسري ۾ شامل ٿيا هُئا اُهي سڀ هينئر روئي رهيا آهن. سنڌي قومپرستن سان به نواز شريف جيڪي واعدا ڪيا هُئا انهن جي پاسداري نظر ڪا نه ٿي اچي، ڇو ته نواز شريف جي سڀ کان وڏي مجبوري آهي ته هُو آصف زرداريءَ سان دوستي برقرار رکي ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ سنڌي قومپرستن جي سڀ کان وڏي تنقيد ئي پپيلز پارٽيءَ تي آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته في الحال آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ”اوڌر تم ايڌر هم“ جو ٺاهه آهي. يعني پنجاب کي اسين نه ڇيڙينداسين، سنڌ ۾ اوهين چُپ رهندا، پر جيڪي وڏيرا سياستدان آهن انهن جو مسئلو ئي ”سرڪار“ آهي. ڇو ته انهن کي ووٽر کي خوش رکڻ لاءِ تر جو ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي ”خدمتگار“ گهرجي. انهن کي علائقي جي ماڻهن کي پوليس، انتظاميه، مختيارڪار، تپيدار، ڪوٽار، ٽائون ڪميٽي، اسپتال، ڪاليج جا ڪم ڪار به ڪرائي ڏيڻا آهن، نه ته کين ووٽ ڪير به ڪو نه ڏيندو. مسلم ليگي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ وقت لياقت جتوئي به لڳ ڀڳ اِهو ئي ته چئي رهيو هو آخر اسان ڪارڪنن جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهون، ڪير اسان کي پڇڻ وارو ڪونهي ته پوءِ اسين سياست ڪيئن ڪري سگهنداسين. مطلب ته سياست ڪرڻي آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃڻو آهي، سرڪار جو پاسو وٺڻو آهي. سنڌ ۾ مختلف وڏيرن جي شموليت جيتوڻيڪ اتان جي مقامي پارٽيءَ جا اڳواڻ مزاحمت ڪندا آهن. پارٽيءَ اندر اختلاف به نظر ايندا آهن، پر فيصلو ته بهرحال قيادت جو هلندو. سو سياسي صف بنديءَ ۾ سنڌ اندر ٽي ڌارائون نظر اچي رهيون آهن. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قومپرست، البته مسلم ليگ فنڪشنل اقتداري سياست ۾ هڪ پريشر گروپ طور رهندي، ڇو ته گذريل عام چونڊن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ثابت ڪيو ته هُو ”حر جماعت“ کان اڳتي نڪري نه ٿي سگهي. ان ڪري هُو اڄ نواز شريف جي اتحادي آهي، ڪالهه آصف زرداريءَ جي اتحادي هُئي ۽ سڀاڻي وري ڪنهن جي به اتحادي ٿي سگهي ٿي پر سندس پاور ڪاريڊورز ۾ اهميت رهندي. هُو چاهي ته ايم ڪيو ايم سان گڏجي اقتداري راند جي چوپڙ (سياط) اونڌي ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهي ٿي. سنڌي قومپرستن جو اقتداري سياست ۾ ڪو ايڏو وڏو ڪردار ڪونهي پر ٿلهي ليکي سنڌي سماج ۾ وڏو ڪردار آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌي قومپرست سياست هميشه پنهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ اندرين اختلافن سبب سنڌ ۾ ”پارلياماني پريشر گروپ“ نه بڻجي سگهي آهي يا مان ائين چوان ته پيپلز پارٽيءَ جي آڏو ايم ڪيو ايم يا مسلم ليگ فنڪشنل جيڏي سياسي فورس نه بڻجي سگهي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ عوام جو ووٽ هميشه پيپلز پارٽيءَ کي ملندو آهي يا اسٽيبلشمينٽ جي حامي وڏيرن کي ملندو آهي. اچو ته سنڌ ۾ ”پاور پاليٽڪس“ (اقتداري سياست) جو جائزو وٺون ۽ جيڪي پارٽيون هِن وقت سياسي ڌارا ۾ آهن انهن کي ڏسون ته ڇا صورتحال ”ون وي“ يا ”ون وي پارٽي“ ته نه بڻجي رهي آهي، جيڪو آصف زرداريءَ جو خيال آهي ته سنڌ جون سڀ پارٽيون هڪ هجن يا هڪ سرڪار ۾ هُجن يا سنڌ جا سمورا وڏيرا پيپلز پارٽيءَ ۾ هجن، ڇو ته پاڪستان جي ”پاور گيم“ جون ٻه وڏيون ڌارائون آهن. هڪ پنجاب، ٻي سنڌ سو پيپلز پارٽي بهرحال سنڌ جو ڪارڊ هميشه پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي ۽ 1988ع کان وٺي اڄ تائين صورتحال به ائين ئي آهي ته حڪومت يا مخالف ڌر ۾ هوندي سنڌ جي مسئلن تي پيپلز پارٽي سڀ کان اڳيان رهي، ٻيون ڌريون ساڻس گڏ رهيون، جيئن پيپلز پارٽي مخالف ڌر ۾ هوندي آهي ته سنڌي قومپرست سنڌ جي حقن تي ساڻس گڏ هونديون آهن، مثال جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف پيپلز پارٽي جدوجهد ڪري ٿي ته سنڌي قومپرستن جي مجبوري ٿي بڻجي وڃي ته اهي پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيهن، ڇو ته ٻي صورت ۾ هُو سمجهن ٿا ته هُو ڪنڊائتا ٿي ويندا، عوام ته سنڌ جي حقن تي پيپلز پارٽيءَ سان هونئن ئي گڏ بيهندو، پر جيڪڏهن سمورا قومپرست پاڻ ڪا فورس هُجن ته اُهي پاڻ هڪ وڏو پريشر گروپ هوندا. قومپرستن ۾ هڪڙا اهي دوست آهن جيڪي پاڪستان جي ڍانچي کي ئي تسليم نه ٿا ڪن. اُهي ”آجپي“ لاءِ جدوجهد ٿا ڪن، مثال طور جسقم جا ڌڙا پر قومپرستن ۾ ٻيو گروپ اُهو آهي جيڪي سمجهن ٿا ته پارليامينٽ ۾ پهچي به سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. مثال قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وغيره. هي ٽئي پارٽيون الڳ الڳ وقتن تي اتحادن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهيون آهن پر گُڏ هلي نه سگهيون آهن. مان اها ڳالهه هميشه چوندو آهيان ته ”سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ڪونهي“ ته گهڻا دوست چڙي پوندا آهن، اُهي چوندا آهن ته اوهان اها ڳالهه چئي پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪريو ٿا پر هي ڪڙو سچ آهي، جيستائين ڪو مضبوط متبادل طور سامهون ڪو نه ايندو تيستائين پيپلز پارٽي ۽ وڏيرا ئي سنڌي عوام جي ووٽ جا پاڻ کي حقدار چوندا رهندا. سنڌ جي عوام جي نمائندگيءَ جي واحد دعويدار پيپلز پارٽي پوءِ اقتدار ۾ جيترا به فيصلا ڪندي مفاهمت جي نالي تي جيڪي به سودا ڪندي اُهي سنڌي عوام جي کاتي ۾ ويندا. سنڌي قومپرستن کي جيڪڏهن ”پاور گيم“ جو حصو بڻجڻو آهي ته کين هڪ وڏي سنڌي قومپرست پارٽي ٺاهڻي پوندي، سنڌ سطح جي هڪ مضبوط سياسي جماعت جي ضرورت سڀ محسوس ڪن ٿا. aajizjamalijamali@yahoo.com

سياست عبادت يا تجارت؟ عزيز الله ٻوهيو


لفظ سياست جي معنيٰ آهي تدبير مملڪت پر هتي مملڪت بدران منهنجي مراد صرف سنڌ جي قومپرست سياست آهي. انهيءَ حوالي سان آئون منڍ ۾ ڪجهه انهن ماڻهن جا ۽ انهن جي سياست جا اهي مثال ڏيندس جيڪي وٽن ۽ منهنجي به نظر ۾ خالص عبادت هئا ۽ صحيح سياست هجڻ به عبادت وانگر گهرجي، تدبير رياست ۽ انساني مسئلن جي تدبير ڪرڻ اهو الله جي سڀني نبين جو پروگرام رهيو آهي ۽ ان حوالي سان کين مليل علم وحي وارا سڀ ڪتاب آخري ڪتاب تائين انساني ڀلائي جي تدبير جا سياسي منشور وارا ڪتاب هئا ۽ آهن. سنڌ جي سياست ۾ خاص ڪري غلام هند ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل سموري عبادت منجهان شمار ڪرڻ گهرجي آئون ان ڊگهي ۽ ان جي داستان منجهان ڪجهه مثال سنڌ هاري ڪاميٽي جا پيش ڪندس. ڪامريڊ غلام محمد لغاري وٽ هڪ غريب دانهين آيو ۽ چيائين ته منهنجي زال فلاڻو ماڻهو ڀڄائي ويو آهي ۽ اها هاڻي پير غلام رسول شاهه جي حويلي ۾ ٿميل آهي، پير صاحب مذڪوره ضلعي ٿرپارڪر جو بادشاهه هو. ڪامريڊ غلام محمد ان غريب کان پڇيو ته تو پڪ ڪئي آهي ته تنهنجي زال هن وقت پير صاحب جي حويليءَ ۾ آهي؟ ان وراڻيو ته هائو مون پڪ ڪئي آهي ڪامريڊ لغاري نه ڪئي هم نه تم ان غريب جي ٻانهن کان وٺي سڌو پير غلام رسول شاهه جي حويلي اندر بغير ڪنهن اڳواٽ اجازت وٺڻ جي ڪاهي پيو اتي سامهون گهر اندر عورتون ويٺل هيون ڪامريڊ غريب سواليءَ کي چيو ته هنن عورتن ۾ تنهنجي زال ويٺل آهي غريب چيو هائو اها هوءَ ويٺي آهي ڪامريڊ ان مائي کي اٿاري وٺي ان غريب سميت ٻاهر آيو ۽ غريب کي چيائين ته هاڻ تون زال سميت وڃي پنهنجي گهر سکي رهه هيءَ هيڏي وڏي جرئت اها ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ايماني طاقت هئي ۽ اهو عمل سندس هڪ وڏي عبادت هو.

ذوالفقار علي ڀٽي ڪامريڊ مولوي نذير حسين جتوئيءَ کي چيو ته اوهان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ وارا پيپلزپارٽي سان اليڪشني معاهدو ڪيو ۽ منهنجي مدد ڪيو. ڪامريڊ نذير حسين جلالي ڀٽي صاحب کي چيو ته ان لاءِ اسان جو شرط آهي ته تون وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ انعامن ۾ ڏنل زمينون سپاهين ۽ سول ڪامورن کان واپس وٺي سنڌ جي غريب بي زمين ۽ مقامي هارين کي ڏياريندين جيڪڏهن توکي اهو شرط منظور آهي ته پوءِ اهڙو معاهدو ڪنداسين. ڀٽي صاحب هائو ڪئي پوءِ ان کي چيائين ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات کانپوءِ هاڻي اسان جو صدر مولوي عزيز الله جروار آهي سو تو اهو واعدو ان جي روبرو ڪر.

پوءِ ڪامريڊ جلالي جروار کي ڀٽي صاحب وٽ وٺي آيو ۽ ان جي روبرو اهڙو معاهدو ٿيو ۽ اليڪشن گذري وئي ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿي ويو ان کانپوءِ هو پهريون ڀيرو جڏهن حيدرآباد دوري تي آيو ته ڪامريڊ نذير جتوئي ۽ جروار ٻئي اتي ساڻس سرڪٽ هائوس ۾ مليا، ڀٽي صاحب انهن جي ملڻ مهل ٻئي سڄي عملي کي ٻاهر ڪڍرائي کين چيو ته مون کي اوهان سان ڪيل معاهدي جو اکر اکر ياد آهي پر آئون اسٽيبلشمينٽ وٽ اهڙو چوکنڀو ٻڌل آهيان جو جيڪڏهن مون ان واعدي تي عمل ڪيو ته هو مون کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيندا. ڀٽي جي طرفان معاهدي تي عمل کان معذوري جي خبر جڏهن ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي پئي ته ان جو قلم ۽ سندس هفتيوار اخبار بيداري ڀٽي خلاف وڏو محاذ کڙو ڪيو، تنهن تي ڀٽي ڪامريڊ لغاري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري فرمايو، سو ڪامريڊ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڀڄي وڃي ڪوئيٽا نڪتو ۽ اتي سردار اڪبر بگٽي وٽ وڃي پناهه ورتي ۽ پنهنجي اخبار به اتان ڪڍڻ لڳو. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ ڀٽي فرنٽيئر جي وزيراعليٰ عطاءُ الله مينگل کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ۽ صوبي ۾ گورنر راڄ قائم ڪري اڪبر بگٽي کي بلوچستان جو گورنر ڪري ڇڏيو، اتي ڪامريڊ غلام محمد کي اڪبر بگٽيءَ جي انهيءَ بلوچن سان غداري تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ پنهنجي اخبار ۾ هي لکيائين ته ٻروچ جيڪڏهن مفعول ٿئي ته اڪبر بگٽي بڻجي ۽ جيڪڏهن مڙس ماڻهو ٿئي ته عطاءُ الله مينگل بڻجي. وڏي دليري جي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ لغاري اهي الفاظ بگٽيءَ جي بنگلي ۾ روپوش ٿي رهڻ مهل لکيا.

لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور محلي ۾ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس هوندي هئي، هڪڙي ڏينهن آفيس جي خدمت گار مولوي نذير حسين جلالي کي دانهن ڏني ته اوهان جي فلاڻي ورڪر هتي آفيس ۾ برو فعل ڪيو آهي. ڪامريڊ اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو تپي ويو ۽ انهيءَ مهل ئي شهر ۾ ان ورڪر جي ڳولا ۾ نڪتو ۽ ڳوليندي ڳوليندي نواب غيبي خان واري بنگلي جي اولهه طرف روڊ مٿان جيڪا ريل جي پل آهي اتي اهو ورڪر هٿ اچي ويس بس پوءِ ته دير ئي ڪا نه ڪيائين ڳلي منجهان وٺي وچ روڊ تي لتن، مڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا لائي ڏنائينس ۽ چيائينس ته هاري ڪاميٽي جي آفيس اسان جي عبادت جو گهر آهي توکي اهو بڇڙو ڪم ڪرڻو هو ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڪرين ها اڄ کانپوءِ اسان جي آفيس ۾ آيو آهين ته اهڙي ڪندوسانءِ جو ڪير سڃاڻندي ئي ڪو نه، مولوي نذير حسين جو سدائين هي نعرو هو ته اسان سنڌ وارن کي نٿا گهرجن ڀٽا کهڙا، هڪڙي ڏينهن شهر لاڙڪاڻي جي پيٽرول پمپ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ مولوي نذير جيپ ۾ پئٽرول وجهرائڻ مهل گاڏي مان لٿا بيٺا هئا ته خانبهادر ايوب کهڙو به پنهنجي ڪار ۾ پئٽرول وجهرائڻ لاءِ اتي پهتو، ان ڪامريڊ مولوي نذير کي ڏٺو جيڪو پٺيرو بيٺو هو ته ڪار منجهان لهي کيڪارڻ لاءِ ان جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته مولوي صاحب لوڻو ورائي پوئتي ڏٺو ته هي ته کهڙو آهي ان تي هن يڪدم پنهنجو ڪوٽ لاهي اڇلايو ته تو پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي منهنجو ڪوٽ به خراب ڪري ڇڏيو نه ملائيندو ڪر پنهنجو هٿ مون سان سياست صحيح معنيٰ ۾ عبادت آهي، محروم بنايل، ڦريل ۽ ستايل ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڦورن ۽ لٽيرن خلاف جنگ ڪرڻ ئي اصل عبادت ۽ جهاد آهي پر هلندڙ دور ۾ سياست جا ماپا ئي مٽجي ويا آهن. هاڻي سياست مٽي ۾ ليٿڙيل ماڻهن جي ڪکائين جهڳين منجهان ڦٽي نڪرڻ بدران عالمي سامراج جي پرماريت وارن مفادن جي حفاظت لاءِ مخصوص ادارن جي آشيرواد سان سوين سينگار ڪري ظاهر ٿئي ٿي. اهڙن سياستڪارن جي ڊيڪوريٽ سياسي مرڪزن ۾ هن ڦريل ۽ ڀينگ ڪيل سنڌ جي هارايل ڪيس کي کٽڻ لاءِ ورڪرن جي تربيت لاءِ ڪو به علمي ۽ عملي نصاب تعليم ڪونهي ڪو ان ڪري ورڪر لڏو به پنهنجي ليڊرن وانگر وڪائو مال بڻيل آهن، جن جي تنظيم اندر ميمبر ٿيڻ مهل ٻولي هيءَ آهي ته فلان پارٽي وارا اسان جو هيترو هيترو قدر ڪن ٿا اوهان ڇا ڏيندو؟ ميمبر شپ جي ميرٽ به ڪجهه هن قسم جي آهي جو اندازن چاليهه سال اڳي مون هڪ دوست کي عرض ڪيو ته سچائي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي، مون کي ڪا خانگي نوڪري ڏيار سو اسان جو هڪڙو بسن جو مالڪ ٽرانسپورٽر دوست هو هن ان جي اڳيان وڃي پنهنجي ڏاڍي تعريف ڪئي ته منهنجو هڪ دوست ڏاڍو غريب شريف ايماندار آهي مهرباني ڪري ان لاءِ نوڪري ڏيو ته جواب ۾ ان چيس ته اسان وٽ ڪنهن به غريب شريف جي ڪا به پوسٽ ڪا نه هوندي آهي ان کي هت اهڙو ماڻهو کپي جنهن جو پنهنجو پٽڪو لٿل هجي جو هو ٻئي جي پڳ لاهيندي دير نه ڪري، ڪير ان کي هڪڙو ڌڪ هڻي ته هي ان کي ڏهه ڌڪ وهائي ڪڍيس، هاڻي سوچيون پيا ته پيريءَ ۾ ههڙي سياست اندر پير ڪيئن پائجي.

Daily Ibrat Feb 2, 2014

ٺ تڏهن پئي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سبجيا‘- عزيز الله ٻوهيو


ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان ترت ئي پوءِ آزاد خيال هڏ ڏوکي ماڻهن خيال ڪيو ته ملڪ جا بانيڪار مسلم ليگي ملڪ کي الائي ڪهڙي ڪنڌيءَ پهچائيندا سو ڇو نه ملڪي سياست ۾ ڪو ڪردار ادا ڪجي ۽ آزادي پسند ماڻهن تي مشتمل ڪا سياسي پارٽي ٺاهجي سو پختونخواهه منجهان باچا خان، اوڀر پاڪستان بنگال مان مولانا عبدالحميد ڀاشاني، پنجاب مان محمود علي قصوري ۽ قصور حسين گرديزي، بلوچستان منجهان مير غوث بخش بزنجو ۽ سردار عطاءُ الله خان مينگل ۽ سنڌ منجهان جي ايم سيد انهن سان گڏجي نيشنل عوامي پارٽيءَ جي نالي سان پارٽي ٺاهي. نئين ڄاول ملڪ جي ميڊيا انهن اڳواڻن کي غدار، هندستان جو ايجنٽ ملڪ جو دشمن ۽ الائي ڇا ڇا ڪري لکندي رهي. نيٺ جي ايم سيد هي چئي استعيفيٰ ڏني ته موجوده ليڊر اسان سان وفا ڪو نه ڪندا. اڳتي هلي باچا خان پنهنجي سياست پٽ جي حوالي ڪري ڇڏي. مولانا ڀاشاني جدا پارٽي وڃي ٺاهي ۽ حيدرآباد جيل ۾ پيل نعپ جي قيادت وارن ڏينهن ۾ ولي خان جي زال بي بي نسيم بيگم مفتي محمود کي سفارشي طور وٺي اچي جيل ۾ مڙس سان ملايو ته اڳتي لاءِ حڪومت سان ٺاهه واري ڪا سياست ڪيو نه ته پٺاڻ اسان کي لڏائي نه ڪڍن. جيل منجهان نڪرڻ کانپوءِ بلوچ ليڊر ولي خان کان جدا ٿي ويا، ان جو سبب ڄاڻائيندي سردار عطاءُ الله خان مينگل هڪ ڀيري چيو ته جيتري وقت تائين ولي خان پيءُ واري سياست تي هلندو هو ته ايتري تائين اسان ان جي پٺيان هلندا هئاسين پوءِ جڏهن کان اهو پنهنجي گهر وارن جي پٺيان هلڻ لڳو ته اسان ان کان جدا ٿي وياسين. بهرحال برطانيه جي وزيراعظم پنهنجي دارالعوام اڳيان منظوري وٺڻ لاءِ ڳالهه ڪئي هئي ته مذهب جي نالي تي عارضي طور اسان کي هندستان کي ورهائڻ جي منظوري ڏيو پوءِ ٿوري عرصي کان بعد ٻنهي ملڪن کي ملائي ڇڏينداسون سو ان جي آخري شڪل سامراج اڳيان الائي ڪهڙي آهي پر ان جي شروعات ته انهن بنگال کي بنگلاديش بنائي اصولي طور ملڪ کي ٻه اڌ ڪرڻ جو ڪم انهن شروع ڪري ڇڏيو. بنگال جدا ٿيڻ تي اندرا گانڌيءَ چيو ته پاڪستان جو ٻه قومي نظريو يا مذهب جي نالي تي قومن وارو نظريو خليج بنگال ۾ هنن پاڻ ٻوڙي ڇڏيو.

سيد امداد محمد شاهه مرحوم هونئن ته شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ پارٽيءَ جو ميمبر هو (بنگالي قوم سان ٿيل ظلم تي خبر ناهي ته آسمان وڄون ڇو ڪو نه وسايون) سائين امداد محمد شاهه مون کي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ پاڪستان اندر رهندڙ قومن منجهان ٻن قومن جو وڏو ڪردار هو. پهرين نمبر تي بنگالين جو ٻئي نمبر تي سنڌين جو سو بنگالي قوم سان ٿيل ڪلورن تي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. هاڻي بنگالين کانپوءِ سنڌي قوم جو نمبر ايندي نظر اچي ٿو. فزيڪل آپريشن يعني جسماني سزا برابر تمام وڏي سزا آهي پر جيڪڏهن ڪنهن جا احساسات جيئرا هجن ۽ سجاڳ بلڪه هيئن به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن قوم جو ضمير ۽ غيرت سلامت هجي ته سنڌي قوم سان لاڳو عقوبتون پهرين ڏينهن کان وٺي ايتريون ته ٿينديون اچن پيون جو انهن کي ڏسي آئون بجا طور هي دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته سزا جو طريقيڪار مٽيل آهي باقي بنگالين کي آيل سزا کان گهٽ سزا اسان کي به ڪا نه ملي آهي، بلڪه اها ڏينهون ڏينهن جاري آهي. جسماني موت هڪ ڏينهن بلڪه هڪ گهڙيءَ ۾ اچي قصو ختم ٿي ٿو وڃي پر ان جي مقابلي ۾ ضمير جو موت قومي ۽ وطني غيرت جو موت جنهن جي اندر جسم ته آسائشن ۾ هوندا، ڀلين جاين، سوارين، لباسن ۽ کاڌن سان زندگي پيا گذاريندا آهن پر ڪنهن چواڻي ته غلاميءَ جي هزار سال زندگي کان آزادي ۽ غيرت جي هڪ ڏينهن جي زندگي گهڻو ڀلي هوندي آهي. مون کي مرحوم علي شير بهڻ چيو ته سنڌي هندن کي لڏائي هندستان موڪليو ويو هو اتي وڃي هو سکيا ستابا ٿيا پر خالص مسلم ملڪ ۾ اسان سنڌي مسلمانن کي وچ حيدرآباد منجهان لڏائي اڌوري يا نامڪمل ٺهيل قاسم آباد ۾ ويهڻ تي مجبور ڪيو ويو، جتي وچ شهر واري روزگار ڇڏائجي وڃڻ سبب هاڻي قاسم آباد ۾ پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ عورتن کي اهو ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي، جنهن جو تصور به هنيانءُ ڏڪائي ٿو ڇڏي. سنڌي قوم کي بڇايل سزا کان ٻي ڪا وڏي سزا ٿي نه ٿي سگهي جو هو پنهنجي تاريخي حيثيت جي فنا کي سمجهي به نه سگهيا آهن.

اڄڪلهه دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي قوم جي نالن بدران اسلام آباد ۽ لاهور جي ضلعي ۽ تعلقي جي طور تي ٿئي ٿي. مون کي 1999ع ۾ گانڌي جي آشرم واقع شهر وارڌا هندستان ۾ هڪ سيمينار ۾ شرڪت جي موقعي تي هتان ٺارو شاهه ۽ مانجهند مان لڏي ويل سنڌي هندن جيڪي بمبئي ۽ دهلي ۾ رهن پيا، انهن چيو ته اڄڪلهه ٽيليويزن تي ڪراچي جي مالڪي ته هتان لڏي ويل مهاجرن جي نظر اچي ٿي پئي. مون انهن کي چيو ته واقعي اهو اسان جي ملڪ جي نظريي جو ڪمال آهي جنهن کي اهي ماڻهو هتان لکنو منجهان بيل گاڏين تي کڻي اچي سنڌ ۾ پهتا هئا. مون هن مضمون جي سرخيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڏاهن جو جوڙيل محاورو لکيو آهي ته ٻورن سبجڻ مهل ئي اٺن وٺي رڙيون ڪيون. ان مطابق مون کي صرف اڪيلي امداد محمد شاهه مرحوم هيءَ رڙ ٻڌائي. سندس چوڻ هو ته مون بابا سائين کي چيو هو ته اوهان جي هن ملڪ کي ٺاهڻ جو اثر هن وقت تائين اهو ڏسي رهيا آهيون ته اسان جون چار پيڙهيون غلاميءَ جي گهاڻي مان گذريون آهن. هڪڙي اوهان جي ٻي اوهان جي پٽن جي ٽين اوهان جي پوٽن جي چوٿين اسان جي پوٽن جي. اسان کي سزا جو جيڪو قسم ملي چڪو آهي ۽ هلي رهيو آهي اهو هي به آهي ته سنڌي قوم زنده لاش مثل بڻجي چڪي آهي. اسان سڀ گهمندڙ ڦرندڙ لاش آهيون سنڌ ڪئبنيٽ جو هر سنڌي وزير مسلمان ڀائرن جي خوشامد ۾ سرگردان آهي ته هو وڏ وزارت لاءِ سندن نالي جي اين او سي ڏين. قومن جي موت جي معنيٰ آهي ته اهي ڀل محل ماڙين ۾ رهندڙ ڇو نه هجن پر انهن جي حيثيت لوٽي وارين ڳائڻين جيتري به ڪا نه هوندي آهي. صدر ايوب سنڌ جي طاقتور اڳواڻ کي چيو هو ته تنهنجي لاءِ منهنجو هڪڙو صوبيدار ئي ڪافي آهي. مون ذهنن ۽ ضمير جي موت جي ڳالهه ڪئي آهي مون وزارت جي عهدي تي فائز هڪ سنڌي ليڊر کي عرض ڪيو ته اوهان ته هٿ سان عالمي سامراج کي هت آڻي ڌرتي ماءُ جو قبضو پيا ڏيو، ان جو ثبوت سنڌي سمنڊ جي پٽيءَ تي نوان منصوبا آهن ته ان بغير ڪنهن پريشاني جي وڏي جرئت سان چيو ته امريڪا جيڪڏهن هتي آيو به سهي ته روزگار جا دروازا کلندا ۽ ترقي ٿيندي. غلاميءَ جي زماني ۾ انگريزن کان آزادي گهرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌي جوڌن جيلن ۾ ڦاهين جي ڦندن کي چميون ڏئي ڳچين ۾ پائي اسان کي ان ريت جي پيروي ڪرڻ جي وصيعت ڪري ويا پر اسان جا نه تن بدليا نه من بدليا جي چوڻي گورن جي ڪمدارن اڳيان ڀڳڙن جي مٺ تي قوم ۽ ڌرتي وڪڻئون پيا. مطلب ته جنهن قوم جو ضمير قتل ڪيو ويو هجي جنهن سبب ان کان ذهني طور پنهنجي تاريخي ۽ موروثي حيثيت ميسارجي وئي هجي، اهو انهن جي جسماني قتل عام کان وڌيڪ ظلم آهي، پوءِ اهڙين قومن جون جڏهن عصمتون نيلام ٿينديون ته ضمير جا مئل ماڻهو ان کي فيشن پيا سمجهندا.

Daily Ibrat Feb 5, 2013

نئين سياسي صفبندي سنڌ ۾ وسيع سياسي پارٽي ڪير ٺاهيندو - عاجز جمالي


آخري قسط سنڌ ۾ نئين سياسي صفبنديءَ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کانپوءِ وڏو ڪردار قومپرستن جو هوندو. سنڌي قومپرستن ۾ وري هڪڙا اهي همراهه آهن جيڪي اڄ اُهو سمجهن ٿا ته پنجاب سامراج (سندن چواڻي) جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. تازو ڪجهه عرصو اڳ عبدالواحد آريسر جو آيل بيان رڪارڊ تي آهي، پاڻ فرمائي ٿو ته الطاف حسين سنڌ جو حلالي پُٽ آهي، عمرڪوٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالهائيندي عبدالواحد آريسر جيڪو فرمايو ان بابت سوشل ميڊيا تي ڪجهه دوست اسان جي گذريل مضمون جو حوالو ڏيندي لکي رهيا آهن ته اسان ”اياز لطيف پليجي جي هڙتال ملتوي ڪرڻ بابت لکي جيڪو گناهه ڪيو اُهو گناهه هاڻي آريسر جي بيان تي ڇو نه پيا ڪريون.“ حقيقت اِها آهي ته اياز پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جي ڪا به ڀيٽ ناهي. مون سوشل ميڊيا تي لکيو هو ته: "Date Expired" (مدي خارج) سياستدان آهن، انهن تي بحث ڪرڻ ئي حقيقت ۾ وقت وڃائڻ جي برابر آهي.

عبدالواحد آريسر جي لڏي جا ڪجهه قومپرست ايم ڪيو ايم جي نئين ڪردار يا پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ مهاجر اسٽيبلشمينٽ جي اتحاد کي سمجهن ئي ڪو نه پيا، هُو اڄ 1980ع جي ڏهاڪي واري سوچ تي قائم آهن، پر حقيقت ۾ 11/9 کانپوءِ سڄي عالمي ايجنڊا ئي تبديل ٿي وئي آهي. ايم ڪيو ايم ان عالمي ايجنڊا جي ڌارا ۾ شامل ٿي وئي آهي. هُو هاڻي سنڌ جي حقن واري ڌارا ۾ شامل ئي ناهي. جنرل مشرف دور ۾ سندس ڪردار مڪمل طور تي بدلجي ويو. سندس باري ۾ ”وڪي ليڪس“ جو انڪشاف رڪارڊ تي آهي، پر عبدالواحد آريسر لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته هُو جسقم کان الڳ ئي ڪنهن مقصد تحت ٿيو هو. تازو ڪراچي پريس ڪلب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي ميٽ دي پريس پروگرام ۾ سنڌي قومپرستن جي پنهنجي ايجنڊا هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان قومپرست هميشه استعمال ٿيندا رهيا آهيون. قومپرستن جي جدوجهد جو کٽيو هميشه پيپلز پارٽي کائيندي آهي. ان ڪري هاڻي اسين پنهنجي ايجنڊا تي جدوجهد ڪنداسين. اصولي طور هُو بلڪل ٺيڪ ڳالهه ٿو ڪري. قومپرستن ۽ کاٻي ڌر جي جدوجهد جو فائدو هميشه اقتداري ڌرين کي کڻڻو هوندو آهي، جيستائين اُهي قومپرست يا ترقي پسند پاڻ اقتداري ڌارا ۾ شامل نه ٿا ٿين، نئين صف بندي ۾ سنڌ ۾ قومپرستن ۽ ترقي پسندن جي هڪ مضبوط پارٽيءَ جي ضرورت آهي. سياسي نظريا ڀل هر ڪنهن وٽ پنهنجا هُجن پر جيڪي به قومپرست اِهو سمجهن ٿا ته تبديليءَ جي سفر ۾ کين به هڪ اهڙي ڌارا ۾ هجڻ گهرجي جنهن ۾ اسٽريٽ پاور سان گڏ وٽن ووٽ بئنڪ به هُجي. مان جيڪڏهن سولي سڌي ڳالهه ڪريان ته وڏيرن کي ڇڏي سنڌي مڊل ڪلاس جي هڪ سگهاري سياسي پارٽيءَ جو نئين صف بندي ۾ اهم ڪردار هوندو. ان جي شڪل هيئن به ٿي سگهي ٿي. عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، کاٻي ڌر جا پراڻا سياسي ڪارڪن، هاري ڪميٽي ۽ سنڌي سماج ۾ ماٺ ۾ ويٺل ترقي پسند، روشن خيال ڪيڊر کي هڪ وسيع تر سنڌي قومپرست، لبرل ۽ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اها پارٽي ئي سنڌ جي ايجنڊا طئي ڪري سنڌ ۾ اڀريل قومپرستي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان ماڻهن جي محبت کي به ته ”پيپلز پارٽي“ ئي پاڻ وٽ سنڌ فيسٽيول جي نالي ۾ محفوظ رکڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن سنڌ ۾ وسيع تر سياسي پارٽي هُجي ها ته سياست سان گڏ ثقافت، ادب، ٻوليءَ جي به مالڪي ڪري ها. اها وڏي سياسي پارٽي جنهن جي لکن ۾ ميمبرشپ هُجي، اُها سڄي سول سوسائٽيءَ کي پاڻ سان گڏ جوڙي سگهي ٿي. هي جيڪي ڳالهيون آهن، اها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ممڪن آهي ته ڪير ائين به سمجهي ته ”خيالي پلاءُ“ آهي پر سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ سنڌ جي بنياد تي سياست ڪندڙ سياسي پارٽين کي ئي هڪ ڏينهن ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا گروهي مفاد يا ”مان وڏو“ جهڙا مفاد ڇڏي ڪنهن گڏيل سوچ ڏانهن کين وڌڻو پوندو. هنن نئين صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جي محبت وطن ماڻهن يا قومپرست پارٽين ڪو ڪردار ادا نه ڪيو ته ظاهر آهي ان جو خال ٻيون قوتون ڀرينديون. سنڌ ۾ ڪميونسٽن، ترقي پسند ۽ لبرل ماڻهن جي جڳهه مولوي، نسل پرست، لسانيت جي سياست ڪندڙ ئي وٺندا ۽ قومپرستن جا گروهه اڃا به ننڍا ننڍا ٽولا بڻجي ويندا. ويجهي ماضيءَ ۾ ڏسون، جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ تحريڪ يا جيئي سنڌ محاذ جا هن وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ درجن گروپ ته مون کي ياد آهن. هرڪو ليڊر آهي، هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي ڏيڍ سِري مسجد آهي. هرڪو پنهنجي الڳ الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺو آهي يا پنهنجو پنهنجو سخن (وکر) پيو وڪرو ڪري، جنهن سبب سنڌ جي سياسي تحريڪ کي مسلسل نقصان ٿي رهيو آهي، وڏو ڌڪ لڳو آهي، اسان ۾ چاڙهو ناهي، پوءِ اسين ڀل پيپلز پارٽيءَ کي غير مناسب لفظ به ڳالهايون يا ڀل ان ڳالهه تي چڙون به صحيح ته اسان کي سنڌ ۾ متبادل ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي، ان سان ڪو فرق نه پوندو.

سنڌ ۾ ”وڏيرا“ اڄ به مضبوط آهن. مولوي وڌي رهيا آهن، نسل پرستي ۽ لسانيت وڌي رهي آهي، جنونيت مضبوط ٿي رهي آهي، وک وک تي مدرسو آهي ۽ انهن مدرسن اندر انتهاپسندي مضبوط ٿي رهي آهي، پر عوام جا حقيقي ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. اسين سڀ ترقي پسند اهو چوندا رهياسين ته سنڌ ۾ ڪارل مارڪس کان به اڳ صوفي شاهه عنايت سوشلزم جو تصور ڏنو، ڇو ته انهيءَ جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو هنيو هو. اهو بلڪل سچ آهي پر اسان ترقي پسندن صوفي شاهه عنايت جي مزار کي به مُجاورن حوالي ڪري ڇڏيو. اسان ترقي پسندن صوفي شاهه عنايت جي نظريي جي ڪيتري مالڪي ڪئي، اسان هميشه سمجهندا رهياسين ته مذهب جي خلاف ڳالهائڻ ئي سوشلزم آهي، پر حقيقت اِئين ناهي، اسان شاهه لطيف ۽ سچل کان ئي سکون ها، جن مذهب جو عوامي رنگ پئي ماڻهن کي ڏيکاريو. چوڻ جو مطلب آهي ته اسان قومپرستن ۽ ترقي پسندن سنڌ ۾ صوفي ازم جي مالڪي به ڪانه ڪئي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي قومپرستن جو ڪو به مضبوط ڳڙهه نه آهي.

هاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران 9 فيبروري ۽ جسقم پاران 23 مارچ تي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو. ريليون سٺي ڳالهه آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چواڻي ته هو ڪراچيءَ ۾ مرڪز ٺاهي ويهي رهندو. ڪجهه سال اڳ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ به اِهو چيو هو. بعد ۾ هو عملي طور اچي گلشن حديد ۾ ويهي رهيو. ڪراچيءَ ۾ حيدر منزل به آهي، پر اصل ۾ سنڌين جو ڪراچيءَ ۾ اهڙو مضبوط مرڪز ناهي، جتان سنڌ جي حقن جي سياست ٿيندي هُجي. ڊاڪٽر قادرمگسيءَ پاران 9 فيبروريءَ تي ريليءَ بابت سندس چوڻ آهي ته لکين سنڌي گڏ ٿيندا. هيءَ ريلي ايم ڪيو ايم جي سرواڻ الطاف حسين جي تقرير جي ردعمل ۾ آهي، جنهن ۾ هُن سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آهي، پر تصور ڪريو، جيڪڏهن سنڌ سطح تي جي هڪ عوامي پارٽي هُجي ها ته اُن ريليءَ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ ماڻهو شريڪ هُجن ها، بلڪه سنڌين جي ڪا مضبوط پارٽي هُجي ها ته سنڌ ورهائڻ واري ڳالهه جو فوري ردعمل به اچي ها. سنڌ جي ڪا گڏيل جماعت يا نمائنده پارٽي نئين سياسي صفبنديءَ ۾ ايندڙ پنجن سالن تائين پاڻ کي مضبوط ۽ منظم ڪري سگهي ٿي. قومپرستن کي گذريل اليڪشن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ڪرڻ مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اياز لطيف پليجي جي ئي ڳالهه ورجائيندس ته هاڻ قومپرست ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا بدران سنڌ لاءِ پنهنجي ايجنڊا ڏين. وٽن هڪ سگهاري جماعت هوندي ته ٻين اقتداري جماعتن آڏو سندن حيثيت ٻي هوندي. ٻي صورت ۾ پوءِ هو ڪڏهن پيپلز پارٽي، ڪڏهن مسلم ليگ فنڪشنل، ڪڏهن نواز ليگ ته ڪڏهن (ق) ليگ جي ايجنڊا تي استعمال ٿينديون رهنديون ۽ انهن جي جدوجهد جو ثمر ٻيون وفاقي پارٽيون کائينديون رهنديون. مثال اوهان الڳ الڳ گروپن جي صورت ۾ به نواز شريف جو ساٿ ڏنو، فنڪشنل ليگ ۽ جماعت اسلاميءَ سان گڏ 11 جماعتن جي اتحاد ۾ به شامل رهيا، پر نتيجو ڇا نڪتو؟ ٻُڙي+ ٻُڙي برابر ٻُڙي.

پاڪستان جي موجوده ڍانچي ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا الڳ الڳ ڌارائن تي بيٺل آهن، پر قدرتي وسيلن جي حوالي سان سنڌ هن وقت سڀ کان شاهوڪار صوبو آهي. سنڌ جي وسيلن تي وفاق پلجي پيو. پنجاب پلجي پيو. سنڌ جي سياسي ۽ مالياتي خودمختياريءَ جو سوال سنڌ جي سڀ کان اهم ايجنڊا هُجڻ گهرجي، پر اُن لاءِ سنڌ جي وسيع سياسي پارٽيءَ جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.

aajiazjamalijamali@yahoo.com

Daily Ibrat Feb 7, 2014

Wednesday, February 5, 2014

تھرکول منصوبہ: چند سوالات


وزیر اعظم نواز شریف اور سابق صدر آصف علی زرداری نے جمعہ کے روز تھر میں کوئلے کے پروجیکٹ کا افتتاح کے پروگرام کے بعد سندھی اخبارات میں یہ معاملہ حاوی رہا۔ تمام اخبارات نے اداریوں، مضامین،کالموں کے ذریعے اس پروجیکٹ کے مختلف پہلوؤں پر روشنی ڈالی ہے ۔ اخبارات نے اس بات پر متفق ہیں کہ ایک طویل عرصے سے کوئلے کے ذخائر کی جو بات کی جارہی ہے اس کو پایہ تکمیل تک پہنچنا چاہئے۔ اس کے ساتھ ساتھ یہ بھی کہ اس خزانے کا مقامی آبادی کو زیادہ سے زیادہ فائدہ ملنا چاہئے، کیونکہ تھر ایک پسماندہ علاقہ ہے جہاں ہر دوسرے سال قحط پڑتا ہے۔ اس علاقے کے لوگوں کی ترقی اور خوشحالی کا واحد ذریعہ کوئلہ بن سکتا ہے۔ اس کے علاہ کوئی ذریعہ یا وسیلہ موجود نہیں۔ لہٰذا ان وسائل کو بھرپور طریقے سے ان غریب لوگوں کی بہتری کے لیے استعمال کو یقینی بنایا جائے۔

روزنامہ سندھ ایکسپریس ’’تھر کا کوئلہ کس کے لیے؟‘‘ کے عنوان سے لکھتا ہے کہ وزیر اعظم نواز شریف تھر میں اسلام کوٹ کے قریب گاؤں سنہری درس میں تھر کول پروجیکٹ کا ا فتتاح کرنے پہنچ رہے ہیں۔ یہ ان کا تھر کا پہلا دورہ ہے۔ اور اس تقریب میں سابق صدر آصف علی زرداری اور حکومت سندھ کے تمام ذمہ داران بھی موجود ہونگے۔ اچھی بات ہے کہ سندھ اور وفاقی حکومتوں کو تھر کے ریگستانوں میں موجود اس کالے سونے کی یاد آئی۔ اس سے پورے ملک کو فیضیاب کرنے کے لیے اگرچہ طویل مدت سے کوششیں کی جارہی ہیں۔لیکن ترقی کے اس خواب کے بعض حقائق ایسے بھی ہیں جس کا ذکر کبھی بھی حکمرانوں کی زبان سے سننے میں نہیں آیا۔ صوبائی خواہ وفاقی حکومتیں یہی کہتی رہی ہیں کہ اس کوئلے سے ملک کی توانائی کی تقدیر بدل جائے گی۔ اور ہماری تاریکیاں روشنیوں میں بدل جائیں گی۔ اور بھی بہت کچھ کہا جاتا رہا ہے۔ مگر اس ضمن میں تاحال کوئی مستحکم پالیسی سامنے نہیں آئی ہے۔ جس میں حکمران یہ بتا سکیں کہ تھر کے جن علاقوں سے یہ خزانہ ملا ہے یہ زمین اصل میں جن لوگوں کی ہے اب ان کا کیا ہوگا؟ جن لوگوں کے گاؤں، گھر اسکول اور جینے کے وسائل اور ذرائع ہیں یہ سب سلسلہ پہلے کی طرح چلتا بھی رہے گا ؟

اس معاملہ کا مقامی حوالہ یہ ہے کہ تھر کے لوگ ایک طرف ترقی کے خواب کو شرمندہ تعبیر ہونے کی امید لگائے ہوئے ہیں تو دوسری طرف پریشان بھی ہیں۔ وہ اس لیے کہ جو بھی ترقی کی بات کی جارہی ہے، اس میں مقامی لوگوں کو بڑی حد تک نظرانداز کرنے کی شکایات ملی ہیں۔ وہ لوگ جن کی کئی نسلیں یہاں پر زندگی گزار چکی ہیں، ان کے گاؤں چراگاہیں، اور زمینیں ہیں۔ یہ سب کچھ ان کے اپنے تھے اور اپنے ہی لگتے تھے۔ مگر جب سے کمپنیوں نے ان راستوں کو اپنے لیے پختہ کیا ہے ، یہ سیاہ راستے ان لوگوں کے لیے اجنبی بن گئے ہیں۔ انہوں نے اپنے تجربے سے دیکھا ہے کہ جو پالیسیاں بنتی ہیں ان میں ان کمپنیوں کے مفادات محفوظ ہو رہے ہیں۔ ان کی زمینیں جس معاوضے کے عوض خرید کی جارہی ہیں وہ قانون اتنا پرانا ہے کہ جس کا آج کے دور سے کوئی واسطہ نہیں۔ لوگوں کو یہ بھی کوئی نہیں بتا رہا کہ انہیں وہاں روزگار کس طرح سے ملے گا۔ کوئلے نکالنے اور اس کے استعمال سے وہاں کے ماحول کو جو خطرات پیدا ہونگے ان کی روک تھام کے لیے کیا اقدامات کیے جائیں گے؟ اگر نقل مکانی ہوگی تو انہیں کہاں آباد کیا جائے گا۔اس طرح کے کئی سوالات یں جن کا کوئی بھی جواب دینے والا نہیں ہے۔

تمام منظر حکمرانوں کے سامنے رکھتے ہوئے ہم یہ پوچھنا چاہیں گے کہ جب سندھ ہائی کورٹ نے بھی تھر کول کی کھدائی روکنے کا حکم دیا ہے تو اس صورت حال میں اس تمام تیاری کا نتیجہ کیا نکلے گا، جس میں کچھ بھی واضح نہیں۔ہم اس خیال کے ہیں کہ یہ معاملہ اٹھتے ہی متنازع اور شفافیت کے حوالے سے مشکوک ہو گیا ہے اس کے بارے میں سب سے پہلے حکومت سندھ یہ بتائے کہ پروجیکٹ سے جو آمدن ہوگی وہ کہاں اور کس طرح خرچ کی جائے گی؟ سندھ کو اس میں سے کیا ملے گا۔مقامی لوگوں کی تعلیم، صحت اور روزگار کے لیے کیا رکھا گیا ہے۔ ۔ اس سے پہلے سندھ سے تیل اور گیس سے جو آمدن ہوئی ہے اس کا بھی کوئی حساب کتاب نہیں دیا جارہا ہے۔ امید کرتے ہیں کہ حکمران ان سوالات کے جوابات سچائی کے ساتھ دیں گے۔

’’نقل مکانی کرنے والے قبائل کی دوسری منزل کراچی‘‘ کے عنوان سے روزنامہ ’’کاوش‘‘ اداریے میں لکھتا ہے کہ شمالی وزیرستان میں انتہا پسندوں کے خلاف فوجی کارروائی کے بعد بڑے پیمانے پر نقل مکانی شروع ہوگئی ہے۔ ابتدائی اطلاعات کے مطابق تیرہ ہزار افراد نقل مکانی کرکے خیبر پختوخوا کے شہر بنوں پہنچے ہیں۔ ان لوگوں کی دوسری منزل کیا ہوگی؟ اس کا جواب کراچی کی کچی آبادیوں میں آسانی سے مل جائے گا۔ قبائلی علاقوں میں جب بھی آپریشن ہوا ہے تو متاثرہ افراد نے کچھ عرصے تک خیبر پختونخوا میں آرام کرنے کے بعد کراچی کا رخ کیا ہے۔ شمالی علاقوں میں زلزلہ آئے تو بھی ہرجانہ سندھ کو ادا کرنا ہے۔ اور ہزاروں افراد آکر کراچی میں آباد ہوتے ہیں۔ جس میں دہشت گرد بھی شامل تھے۔یہی صورت حال مالاکنڈ اور سوات میں آپریشن کے وقت سامنے آئی۔

کراچی کی جانب یہ غیر فطری نقل مکانی جاری ہے۔ جس نے صوبائی دارالحکومت کی ڈیموگرافی کو تبدیل کردیا ہے۔ سندھ کے منتخب ایوانوں میں بھی پرانے باشندوں کے بجائے نقل مکانی کرکے آنے والوں کی تعداد بڑھ رہی ہے۔ سندھ کے حکمران صرف ’’ ہاؤسز‘‘ تک محدود ہیں۔ ان کی تمام جوڑ توڑ اور مفاہمت اس حد تک ہے کہ کس طرح ان کے اقتدار کے دن بڑھ سکتے ہیں ۔ انکے پاس یہ بھی اعداد شمار نہیں کہ کچی آبادیوں میں باہر سے آنے والے کتنے لوگ ہیں؟ ان کا کام کاج کیا ہے؟ نقل مکانی کرکے آنے والوں سے صوبے کی آبادی پر کتنا دباؤ بڑھ گیا ہے؟کراچی اپنے گرد کئی نو گو ایریاز رکھتی ہے۔ جہاں ریاستی اداروں اور فورسز کی رسائی بھی ممکن نہیں ہے۔ یہ علاقے دہشت گردوں کی نرسریاں بنی ہوئی ہیں۔ ہر فوجی ایکشن کے بعد وہاں سے فرار ہونے والوں یہاں پہنچنے کے بعد ان نرسریوں میں اضافہ ہورہا ہے۔

ضرورت اس بات کی ہے کہ تیزی کے ساتھ بڑھتی ہوئی ان کچی آبادیوں پر کنٹرول کیا جائے۔ قبائلی علاقوں میں آپریشن کے نتیجے میں سندھ کی جانب آے والوں کی چیک پوسٹوں پر چیکنگ کی جائے۔ اور ان کی نقل و حرکت پر نظر رکھنی چاہے۔ ان افراد کی عارضی رہائش اوردیکھ بھال کے لیے خیبرپختوخوا حکومت کو بھی انتظامات کرنے چاہئیں۔

Monday, January 13, 2014

چوہدری اسلم کیس:ریاست کا نیا اشارہ


ریاست کی مدعیت میں تحریک طالبان پاکستان کے سربراہ مولوی فضل اللہ اور طالبان کے ترجمان شاہداللہ کی پولیس افسر چوہدری اسلم کے قتل میں نامزدگی نے نئی بحث کو جنم دیا ہے۔ اگرچہ اس سے پہلے کئی افراد دہشتگردوں کے ہاتھوں قتل ہو چکے ہیں۔ جس میں بعض ہائی پروفائل شخصیات بھی تھیں تو بعض ایسے بھی تھیں جن کو طالبان یا دیگر شدت پسند گروپوں کی جانب سے دھمکیاں ملتی رہتی تھیں۔ لیکن ان تمام افراد کے قتل کے مقدمات ’’نامعلوم افراد‘‘ کے خلاف درج کئے گئے۔ کراچی میں نامعلوم افراد کی اصطلاح اتنی عام ہے کہ وہاں بھتہ خوری سے لیکر سٹریٹ کرائم تک، ٹارگٹ کلنگ سے دہشتگردی کی وارداتوں تک، یہاں تک کہ ہوائی فائرنگ سے لیکر ہڑتال کرانے تک۔۔۔سب میں نامعلوم افراد کو ملوث کیا جاتا رہا ہے۔ کئی مقدمات اور واقعات میں پولیس اپنی جان چھڑانے یا کھال بچانے کے لیے یا کبھی کبھی سیاسی مصلحت کی بنا پر ایسا کرتی رہی ہے۔ چوہدری اسلم کے قتل کیس میں ’’نامعلوم افراد‘‘ نہیں بلکہ اصل ملزمان کی پہچان ہوگئی ہے کہ وہ طالبان ہیں اور ان کے دو سرکردہ رہنماؤں کو مقدمہ میں نامزد کردیا گیا ہے۔ آخر وہ کونسے اسباب تھے کہ ایسا کیا گیا۔ یہ ایک نئی تبدیلی ہے؟ جس طرح کے واقعات سندھ میں ہوتے رہے ہیں اسی طرح کے واقعات خیبر پختونخوا میں بھی ہوتی رہی ہیں جہاں بڑی شخصیات کو نشانہ بنایاجاتا رہا ہے۔
خیبرپختونخوا اور پنجاب کی صوبائی حکومتیں اور وہاں کی حکمران جماعتیں طالبان سے بات چیت کرنے پر زور دیتی رہی ہیں۔ وہ طالبان کے خلاف کسی کارروائی کے حق میں بھی نہیں۔ کیونکہ ان کی نظریاتی سرحدیں ملتی ہیں۔ ان کا خیال ہے کہ وہ طالبان سے مصلحت والا رویہ اختیار کرکے اپنی بچت کر رہی ہیں اور خیر منارہی ہیں۔ باقی سندھ میں بھلے آپریشن ہوتا رہے۔ اس مصلحت کی پالیسی کا بظاہر خیبرپختونخوا میں کوئی خاطر خواہ نتیجہ نہیں نکلا ہے۔ اتوار کے روز بھی وہاں دو حملے ہوئے جس میں آٹھ افراد ہلاک ہوگئے۔ ان میں سے اکثریت عوامی نیشنل پارٹی کے لوگوں کی تھی۔ اسی طرح کراچی میں بھی گزشتہ کچھ عرصے میں اے این پی کے آٹھ افراد مارے جاچکے ہیں۔شاید خیبر پختونخوا کی حکومت یا حکمران جماعت بے فکر ہو کہ مرنے والوں کا تعلق مخالف سیاسی جماعت سے ہے۔ اور صوبے میں اگر کوئی کارروائی ہوتی ہے تو اس کے لیے تحریک انصاف کی حکومت نہیں بلکہ صوبائی حکومت ذمہ دار ہے۔
دراصل ملک میں سہ رخی فکری اور سیاسی لڑائی لڑی جارہی ہے۔ ایک طرف جماعت اسلامی، عمران خان اور اس قبیل کے لوگ ہیں۔ دوسری طرف پیپلز پارٹی، عوامی نیشنل پارٹی وغیر ہیں۔ فکری طور پر ایم کیو ایم بھی اس گروپ سے قریب ہے۔ لیکن اپنی سیاست اور عمل کی وجہ سے اپنے فکری گروہ سے دور کھڑی ہے۔ تیسرا فریق نواز لیگ ہے۔ جو طالبان کے بارے میں خواہ فکری اور سیاسی طور پر کنفیوژن کاشکار ہے۔ اور کوئی فیصلہ نہیں کر پارہا ہے۔ کبھی ایک موقف اختیار کرتا ہے تو جب دباؤ پڑتا ہے تو دوسرا موقف اختیار کرتا ہے۔ وفاقی حکومت کی مبہم اور پیچیدہ پالیسی کی وجہ سے کئی مسائل پیدا ہورہے ہیں۔ اب وفاقی حکومت نے پہلی بار مذاکرات نہ کرنے والوں کو پیغام دیا ہے۔ اہم وزیر چوہدری نثار علی خان نے بیان دے کر حکومتی پالیسی واضح کرنے کی کوشش کی ہے۔ بات چیت سے انکار کرنیوالوں اورمذاکرات کا جواب گولی سے دینے والوں سے جنگ ہوگی۔ لیکن وہ یہ بھی کہتے ہیں کہ طالبان سے مذاکرات اور ان سے لڑنا دونوں مشکل کام ہیں۔
چوہدری اسلم سے بھی زیادہ ہائی پروفائل کیس محترمہ بے نظیر بھٹو کا تھا۔ جس کے تمام شواہد موجود ہونے کے باوجود مقدمہ نامعلوم افراد کے خلاف درج کیا گیا۔ چوہدری اسلم کے قتل کسی میں صرف تین روز میں پیش رفت سامنے آگئی ہے۔ ملزمان پہچان لیے گئے ہیں اور انہیں ایف آئی آر میں نامزد بھی کرلیا گیا ہے۔ یہ الگ بحث ہے کہ ریاست کس کو انصاف دینے کے لیے منتخب کرتی ہے اور کس کو نہیں۔ ۔ کس کو انصاف دینا چاہتی ہے اور کس کو نہیں دینا چاہتی۔ دہشتگردوں کے خلاف چوہدری اسلم یقیناًاہم پولیس افسر تھے۔ چوہدری اسلم پر ماورائے عدالت قتل کے الزامات تھے۔کوئی بھی پارٹی ان سے خوش نہیں تھی۔ وہ ذاتی تعلقات اور کارکردگی کی بنیاد پر ایس ایس پی بنے۔ چوہدری اسلم کو ’مافوق الفطرت‘ قرار دیا جا رہا ہے جیسے ان کے پاس دہشتگردوں سے نمٹنے کا کوئی مجرب نسخہ تھا۔ان کو شاید ہی کبھی کسی نے وردی میں دیکھا ہو۔ یہ باتیں بھی سامنے آئی ہیں کہ انہوں نے جاسوسی کا ذاتی نیٹ ورک بنایا ہوا تھا۔ ان کے بارے میں چند باتیں میڈیا میں آتی رہی ہیں جبکہ باقی باتیں ان کے مرنے کے بعد شائع ہورہی ہیں۔ ان کے قتل کی تفتیش کے لیے اعلیٰ پولیس افسران بشمول آئی جی سندھ پولیس کئی دفعہ جائے وقوعہ کا معائنہ کرچکے ہیں۔ تین روز تک یہ علاقہ پولیس اور رینجرز کے محاصرے میں رہا۔ تفتیش کا دائرہ تین میل تک پھیلایا گیا۔ اور لوگوں سے اپیل کی گئی کہ انہیں اس وقوعہ سے متعلق کوئی شہادت ملے تو پولیس کو مطلع کریں۔
کراچی میں دہشتگردی کا شکار اور پولیس افسران بھی ہوتے رہے ہیں اور اس لڑائی میں اپنی جانوں کا نذرانہ پیش کرتے رہے ہیں۔ یوں ایک لمبی فہرست مرتب ہو سکتی ہے۔ مگر چوہدری اسلم پہلا پولیس افسر ہے جس کے قتل پر آرمی چیف نے نہ صرف افسوس کا اظہار کیا بلکہ انہیں خراج عقیدت بھی پیش کیا۔ اس سے پہلے پاکستان کے آرمی چیف نے شاید ہی کسی سویلین افسر کے لیے اس طرح کا اظہار کیا ہو۔ یہ سب باتیں اشارہ دیتی ہیں کہ چوہدری اسلم کا اہم پولیس افسر ہونا اپنی جگہ پہ۔ دراصل پالیسی میں کوئی شفٹ ہے۔ اس شفٹ کی وجہ سے ہی طالبان رہنماؤں کو مقدمے میں نامزد کیا گیا ہے۔ مقدمے کی جلدی مگر منظم طریقے سے تحقیقات کی جارہی ہے۔ یہ شفٹ کیا ہوسکتی ہے؟وفاقی حکومت ہر حال میں طالبان سے مذاکرات چاہتی ہے اور اس کے لیے مختلف اقسام کے مولوی تلاش کر رہی ہے۔ چند روز قبل سعودی حکومت کو ثالثی کے لیے رجوع کرنے کی بات میڈیامیں آئی۔کیا اس کیس کے بارے میں وفاقی حکومت کا موقف مختلف ہے؟ یہ موقف ایسا نہیں جو سندھ حکومت یا اسٹبلشمنٹ کا ہے؟ یہ مقدمہ ریاست کی مدعیت میں درج کیا گیا ہے۔ اس کا بظاہر مطلب یہ نکلتا ہے کہ ملک میں دہشتگردی کی اس طرح کی کارروائیوں ، خاص طور پر وہ جن کی ذمہ داری قبول کی جاتی ہے اس کے لیے قانونی طورطالبان کو ذمہ دار ٹھہرایا جارہا ہے۔ تجزیہ نگاروں کا خیال ہے کہ حکومت طالبان کے خلاف مقدمہ درج کر کے اپنی قانونی پوزیشن بنانا چاہتی ہے۔ یہ الگ بات ہے کہ طالبان نہ پاکستانی آئین اور قانون کو مانتے ہیں اور نہ ہی یہاں کی پارلیمنٹ اور عدلیہ کو۔ حکومت اس کے ساتھ ساتھ یہ بھی فائدہ لینا چاہتی ہے کہ کل اگر کسی ثالث کے ذریعے مذاکرات ہوں تو طالبان لیڈروں کے مقدمات کا معاملہ اٹھایاجاسکے۔ طالبان لیڈروں کے خلاف مقدمہ تو درج کردیا گیا ہے پر کیاان کی گرفتاری کے لیے حکومت کی رسائی ممکن ہے؟ ظاہر ہے کہ ایس نہیں لگتا۔ ماہرین کا کہنا ہے کہ حکومت اس مقدمے میں طالبان رہنماؤں کی نامزدگی سے یہ پیغام دینا چاہتی ہے کہ ریاستی سطح پر ان کارروائیوں کے لیے طالبان کو ذمہ دار قرار دیا جارہا ہے۔

http://www.naibaat.pk/?p=73763c# 
http://www.naibaat.com.pk/ePaper/lahore/14-01-2014/details.aspx?id=p12_07.jpg 
http://www.naibaat.com.pk/Presentation/lahore/Page12.aspx




Bhutto politics style


http://kawish.asia/Backissues/2014/Jan%2014/05/today_page_04.htm

Amar Sindhu on Ayaz Palijo strike call


http://kawish.asia/Backissues/2014/Jan%2014/08/today_page_04.htm

Ayaz Latif Palijo on Strike call


http://kawish.asia/Backissues/2014/Jan%2014/08/today_page_04.htm

Why Palijo withdraw strike call


http://kawish.asia/Backissues/2014/Jan%2014/08/today_page_04.htm

Sheerazis case to go to NAB


Liaquat jatoi preparing to join PPP


http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130107366&Issue=NP_HYD&Date=20140114