Thursday, February 6, 2014

سنڌ ۾ سياست جي نئين صِف بندي-I عاجز جمالي


پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم اڳواڻ ٻڌايو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽيءَ جي سرواڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پارٽي اڳواڻن جي ڪچهريءَ ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سڀني بااثر ماڻهن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ پارٽي اڳواڻ صف بندي ڪن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ روايتي ۽ ناليوارن وڏيرن کي به پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو. هن ئي ڪچهريءَ ۾ لياقت جتوئي ۽ شيرازي ڀائرن سان رابطن بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. آصف زرداريءَ کي ٻڌايو ويو ته لياقت علي جتوئي جو ڀيڻويي چاڪر خان شاهاڻي ۽ دادوءَ مان سندس ويجهو ساٿي سيد محمد شاهه به پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي چُڪا آهن. البته جيڪي سياسي خاندان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان ٻاهر آهن، انهن سان به رابطا آهن. پيپلز پارٽيءَ جو وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) يا ميان نواز شريف سان مفاهمت جو لاڳاپو برقرار آهي ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان دوستي پڻ جاري آهي. ممڪن آهي ته لياقت جتوئيءَ سان گڏ سنڌ جي مختلف ضلعن مان ٻيا به ڪجهه همراهه پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿين. اهو به ممڪن آهي ته شيرازي برادران به ڪيسن کان بيزار ٿي سرڪاري پارٽيءَ جو حصو بڻجي وڃن. فنڪشنل ليگ ۾ عام چونڊن کان اڳ شامل ٿيندڙ سياسي اڳواڻن جا به پيپلز پارٽيءَ سان رابطا آهن. باقي ممتاز ڀٽو ته وري به قومپرستيءَ جي سياست جو دڳ وٺڻ وارو آهي. ڏٺو وڃي ته عام چونڊن کان اڳ مسلم ليگ (ن) ۾ جيترا به سنڌي اڳواڻ اقتدار جي آسري ۾ شامل ٿيا هُئا اُهي سڀ هينئر روئي رهيا آهن. سنڌي قومپرستن سان به نواز شريف جيڪي واعدا ڪيا هُئا انهن جي پاسداري نظر ڪا نه ٿي اچي، ڇو ته نواز شريف جي سڀ کان وڏي مجبوري آهي ته هُو آصف زرداريءَ سان دوستي برقرار رکي ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ سنڌي قومپرستن جي سڀ کان وڏي تنقيد ئي پپيلز پارٽيءَ تي آهي. چوڻ وارا ته اهو به چون ٿا ته في الحال آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ”اوڌر تم ايڌر هم“ جو ٺاهه آهي. يعني پنجاب کي اسين نه ڇيڙينداسين، سنڌ ۾ اوهين چُپ رهندا، پر جيڪي وڏيرا سياستدان آهن انهن جو مسئلو ئي ”سرڪار“ آهي. ڇو ته انهن کي ووٽر کي خوش رکڻ لاءِ تر جو ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي ”خدمتگار“ گهرجي. انهن کي علائقي جي ماڻهن کي پوليس، انتظاميه، مختيارڪار، تپيدار، ڪوٽار، ٽائون ڪميٽي، اسپتال، ڪاليج جا ڪم ڪار به ڪرائي ڏيڻا آهن، نه ته کين ووٽ ڪير به ڪو نه ڏيندو. مسلم ليگي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ وقت لياقت جتوئي به لڳ ڀڳ اِهو ئي ته چئي رهيو هو آخر اسان ڪارڪنن جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهون، ڪير اسان کي پڇڻ وارو ڪونهي ته پوءِ اسين سياست ڪيئن ڪري سگهنداسين. مطلب ته سياست ڪرڻي آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃڻو آهي، سرڪار جو پاسو وٺڻو آهي. سنڌ ۾ مختلف وڏيرن جي شموليت جيتوڻيڪ اتان جي مقامي پارٽيءَ جا اڳواڻ مزاحمت ڪندا آهن. پارٽيءَ اندر اختلاف به نظر ايندا آهن، پر فيصلو ته بهرحال قيادت جو هلندو. سو سياسي صف بنديءَ ۾ سنڌ اندر ٽي ڌارائون نظر اچي رهيون آهن. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي قومپرست، البته مسلم ليگ فنڪشنل اقتداري سياست ۾ هڪ پريشر گروپ طور رهندي، ڇو ته گذريل عام چونڊن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ثابت ڪيو ته هُو ”حر جماعت“ کان اڳتي نڪري نه ٿي سگهي. ان ڪري هُو اڄ نواز شريف جي اتحادي آهي، ڪالهه آصف زرداريءَ جي اتحادي هُئي ۽ سڀاڻي وري ڪنهن جي به اتحادي ٿي سگهي ٿي پر سندس پاور ڪاريڊورز ۾ اهميت رهندي. هُو چاهي ته ايم ڪيو ايم سان گڏجي اقتداري راند جي چوپڙ (سياط) اونڌي ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائي سگهي ٿي. سنڌي قومپرستن جو اقتداري سياست ۾ ڪو ايڏو وڏو ڪردار ڪونهي پر ٿلهي ليکي سنڌي سماج ۾ وڏو ڪردار آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌي قومپرست سياست هميشه پنهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ اندرين اختلافن سبب سنڌ ۾ ”پارلياماني پريشر گروپ“ نه بڻجي سگهي آهي يا مان ائين چوان ته پيپلز پارٽيءَ جي آڏو ايم ڪيو ايم يا مسلم ليگ فنڪشنل جيڏي سياسي فورس نه بڻجي سگهي آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ عوام جو ووٽ هميشه پيپلز پارٽيءَ کي ملندو آهي يا اسٽيبلشمينٽ جي حامي وڏيرن کي ملندو آهي. اچو ته سنڌ ۾ ”پاور پاليٽڪس“ (اقتداري سياست) جو جائزو وٺون ۽ جيڪي پارٽيون هِن وقت سياسي ڌارا ۾ آهن انهن کي ڏسون ته ڇا صورتحال ”ون وي“ يا ”ون وي پارٽي“ ته نه بڻجي رهي آهي، جيڪو آصف زرداريءَ جو خيال آهي ته سنڌ جون سڀ پارٽيون هڪ هجن يا هڪ سرڪار ۾ هُجن يا سنڌ جا سمورا وڏيرا پيپلز پارٽيءَ ۾ هجن، ڇو ته پاڪستان جي ”پاور گيم“ جون ٻه وڏيون ڌارائون آهن. هڪ پنجاب، ٻي سنڌ سو پيپلز پارٽي بهرحال سنڌ جو ڪارڊ هميشه پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي ۽ 1988ع کان وٺي اڄ تائين صورتحال به ائين ئي آهي ته حڪومت يا مخالف ڌر ۾ هوندي سنڌ جي مسئلن تي پيپلز پارٽي سڀ کان اڳيان رهي، ٻيون ڌريون ساڻس گڏ رهيون، جيئن پيپلز پارٽي مخالف ڌر ۾ هوندي آهي ته سنڌي قومپرست سنڌ جي حقن تي ساڻس گڏ هونديون آهن، مثال جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف پيپلز پارٽي جدوجهد ڪري ٿي ته سنڌي قومپرستن جي مجبوري ٿي بڻجي وڃي ته اهي پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيهن، ڇو ته ٻي صورت ۾ هُو سمجهن ٿا ته هُو ڪنڊائتا ٿي ويندا، عوام ته سنڌ جي حقن تي پيپلز پارٽيءَ سان هونئن ئي گڏ بيهندو، پر جيڪڏهن سمورا قومپرست پاڻ ڪا فورس هُجن ته اُهي پاڻ هڪ وڏو پريشر گروپ هوندا. قومپرستن ۾ هڪڙا اهي دوست آهن جيڪي پاڪستان جي ڍانچي کي ئي تسليم نه ٿا ڪن. اُهي ”آجپي“ لاءِ جدوجهد ٿا ڪن، مثال طور جسقم جا ڌڙا پر قومپرستن ۾ ٻيو گروپ اُهو آهي جيڪي سمجهن ٿا ته پارليامينٽ ۾ پهچي به سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. مثال قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وغيره. هي ٽئي پارٽيون الڳ الڳ وقتن تي اتحادن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهيون آهن پر گُڏ هلي نه سگهيون آهن. مان اها ڳالهه هميشه چوندو آهيان ته ”سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ڪونهي“ ته گهڻا دوست چڙي پوندا آهن، اُهي چوندا آهن ته اوهان اها ڳالهه چئي پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪريو ٿا پر هي ڪڙو سچ آهي، جيستائين ڪو مضبوط متبادل طور سامهون ڪو نه ايندو تيستائين پيپلز پارٽي ۽ وڏيرا ئي سنڌي عوام جي ووٽ جا پاڻ کي حقدار چوندا رهندا. سنڌ جي عوام جي نمائندگيءَ جي واحد دعويدار پيپلز پارٽي پوءِ اقتدار ۾ جيترا به فيصلا ڪندي مفاهمت جي نالي تي جيڪي به سودا ڪندي اُهي سنڌي عوام جي کاتي ۾ ويندا. سنڌي قومپرستن کي جيڪڏهن ”پاور گيم“ جو حصو بڻجڻو آهي ته کين هڪ وڏي سنڌي قومپرست پارٽي ٺاهڻي پوندي، سنڌ سطح جي هڪ مضبوط سياسي جماعت جي ضرورت سڀ محسوس ڪن ٿا. aajizjamalijamali@yahoo.com

No comments:

Post a Comment