Thursday, February 6, 2014

نئين سياسي صفبندي سنڌ ۾ وسيع سياسي پارٽي ڪير ٺاهيندو - عاجز جمالي


آخري قسط سنڌ ۾ نئين سياسي صفبنديءَ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کانپوءِ وڏو ڪردار قومپرستن جو هوندو. سنڌي قومپرستن ۾ وري هڪڙا اهي همراهه آهن جيڪي اڄ اُهو سمجهن ٿا ته پنجاب سامراج (سندن چواڻي) جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. تازو ڪجهه عرصو اڳ عبدالواحد آريسر جو آيل بيان رڪارڊ تي آهي، پاڻ فرمائي ٿو ته الطاف حسين سنڌ جو حلالي پُٽ آهي، عمرڪوٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالهائيندي عبدالواحد آريسر جيڪو فرمايو ان بابت سوشل ميڊيا تي ڪجهه دوست اسان جي گذريل مضمون جو حوالو ڏيندي لکي رهيا آهن ته اسان ”اياز لطيف پليجي جي هڙتال ملتوي ڪرڻ بابت لکي جيڪو گناهه ڪيو اُهو گناهه هاڻي آريسر جي بيان تي ڇو نه پيا ڪريون.“ حقيقت اِها آهي ته اياز پليجي ۽ عبدالواحد آريسر جي ڪا به ڀيٽ ناهي. مون سوشل ميڊيا تي لکيو هو ته: "Date Expired" (مدي خارج) سياستدان آهن، انهن تي بحث ڪرڻ ئي حقيقت ۾ وقت وڃائڻ جي برابر آهي.

عبدالواحد آريسر جي لڏي جا ڪجهه قومپرست ايم ڪيو ايم جي نئين ڪردار يا پنجابي اسٽيبلشمينٽ ۽ مهاجر اسٽيبلشمينٽ جي اتحاد کي سمجهن ئي ڪو نه پيا، هُو اڄ 1980ع جي ڏهاڪي واري سوچ تي قائم آهن، پر حقيقت ۾ 11/9 کانپوءِ سڄي عالمي ايجنڊا ئي تبديل ٿي وئي آهي. ايم ڪيو ايم ان عالمي ايجنڊا جي ڌارا ۾ شامل ٿي وئي آهي. هُو هاڻي سنڌ جي حقن واري ڌارا ۾ شامل ئي ناهي. جنرل مشرف دور ۾ سندس ڪردار مڪمل طور تي بدلجي ويو. سندس باري ۾ ”وڪي ليڪس“ جو انڪشاف رڪارڊ تي آهي، پر عبدالواحد آريسر لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته هُو جسقم کان الڳ ئي ڪنهن مقصد تحت ٿيو هو. تازو ڪراچي پريس ڪلب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي ميٽ دي پريس پروگرام ۾ سنڌي قومپرستن جي پنهنجي ايجنڊا هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسان قومپرست هميشه استعمال ٿيندا رهيا آهيون. قومپرستن جي جدوجهد جو کٽيو هميشه پيپلز پارٽي کائيندي آهي. ان ڪري هاڻي اسين پنهنجي ايجنڊا تي جدوجهد ڪنداسين. اصولي طور هُو بلڪل ٺيڪ ڳالهه ٿو ڪري. قومپرستن ۽ کاٻي ڌر جي جدوجهد جو فائدو هميشه اقتداري ڌرين کي کڻڻو هوندو آهي، جيستائين اُهي قومپرست يا ترقي پسند پاڻ اقتداري ڌارا ۾ شامل نه ٿا ٿين، نئين صف بندي ۾ سنڌ ۾ قومپرستن ۽ ترقي پسندن جي هڪ مضبوط پارٽيءَ جي ضرورت آهي. سياسي نظريا ڀل هر ڪنهن وٽ پنهنجا هُجن پر جيڪي به قومپرست اِهو سمجهن ٿا ته تبديليءَ جي سفر ۾ کين به هڪ اهڙي ڌارا ۾ هجڻ گهرجي جنهن ۾ اسٽريٽ پاور سان گڏ وٽن ووٽ بئنڪ به هُجي. مان جيڪڏهن سولي سڌي ڳالهه ڪريان ته وڏيرن کي ڇڏي سنڌي مڊل ڪلاس جي هڪ سگهاري سياسي پارٽيءَ جو نئين صف بندي ۾ اهم ڪردار هوندو. ان جي شڪل هيئن به ٿي سگهي ٿي. عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، کاٻي ڌر جا پراڻا سياسي ڪارڪن، هاري ڪميٽي ۽ سنڌي سماج ۾ ماٺ ۾ ويٺل ترقي پسند، روشن خيال ڪيڊر کي هڪ وسيع تر سنڌي قومپرست، لبرل ۽ ترقي پسند پارٽيءَ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اها پارٽي ئي سنڌ جي ايجنڊا طئي ڪري سنڌ ۾ اڀريل قومپرستي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان ماڻهن جي محبت کي به ته ”پيپلز پارٽي“ ئي پاڻ وٽ سنڌ فيسٽيول جي نالي ۾ محفوظ رکڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن سنڌ ۾ وسيع تر سياسي پارٽي هُجي ها ته سياست سان گڏ ثقافت، ادب، ٻوليءَ جي به مالڪي ڪري ها. اها وڏي سياسي پارٽي جنهن جي لکن ۾ ميمبرشپ هُجي، اُها سڄي سول سوسائٽيءَ کي پاڻ سان گڏ جوڙي سگهي ٿي. هي جيڪي ڳالهيون آهن، اها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ممڪن آهي ته ڪير ائين به سمجهي ته ”خيالي پلاءُ“ آهي پر سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ سنڌ جي بنياد تي سياست ڪندڙ سياسي پارٽين کي ئي هڪ ڏينهن ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا گروهي مفاد يا ”مان وڏو“ جهڙا مفاد ڇڏي ڪنهن گڏيل سوچ ڏانهن کين وڌڻو پوندو. هنن نئين صورتحال ۾ جيڪڏهن سنڌ جي محبت وطن ماڻهن يا قومپرست پارٽين ڪو ڪردار ادا نه ڪيو ته ظاهر آهي ان جو خال ٻيون قوتون ڀرينديون. سنڌ ۾ ڪميونسٽن، ترقي پسند ۽ لبرل ماڻهن جي جڳهه مولوي، نسل پرست، لسانيت جي سياست ڪندڙ ئي وٺندا ۽ قومپرستن جا گروهه اڃا به ننڍا ننڍا ٽولا بڻجي ويندا. ويجهي ماضيءَ ۾ ڏسون، جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ جيئي سنڌ تحريڪ يا جيئي سنڌ محاذ جا هن وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ درجن گروپ ته مون کي ياد آهن. هرڪو ليڊر آهي، هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي ڏيڍ سِري مسجد آهي. هرڪو پنهنجي الڳ الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺو آهي يا پنهنجو پنهنجو سخن (وکر) پيو وڪرو ڪري، جنهن سبب سنڌ جي سياسي تحريڪ کي مسلسل نقصان ٿي رهيو آهي، وڏو ڌڪ لڳو آهي، اسان ۾ چاڙهو ناهي، پوءِ اسين ڀل پيپلز پارٽيءَ کي غير مناسب لفظ به ڳالهايون يا ڀل ان ڳالهه تي چڙون به صحيح ته اسان کي سنڌ ۾ متبادل ڇو نه ٿو سمجهيو وڃي، ان سان ڪو فرق نه پوندو.

سنڌ ۾ ”وڏيرا“ اڄ به مضبوط آهن. مولوي وڌي رهيا آهن، نسل پرستي ۽ لسانيت وڌي رهي آهي، جنونيت مضبوط ٿي رهي آهي، وک وک تي مدرسو آهي ۽ انهن مدرسن اندر انتهاپسندي مضبوط ٿي رهي آهي، پر عوام جا حقيقي ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. اسين سڀ ترقي پسند اهو چوندا رهياسين ته سنڌ ۾ ڪارل مارڪس کان به اڳ صوفي شاهه عنايت سوشلزم جو تصور ڏنو، ڇو ته انهيءَ جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو هنيو هو. اهو بلڪل سچ آهي پر اسان ترقي پسندن صوفي شاهه عنايت جي مزار کي به مُجاورن حوالي ڪري ڇڏيو. اسان ترقي پسندن صوفي شاهه عنايت جي نظريي جي ڪيتري مالڪي ڪئي، اسان هميشه سمجهندا رهياسين ته مذهب جي خلاف ڳالهائڻ ئي سوشلزم آهي، پر حقيقت اِئين ناهي، اسان شاهه لطيف ۽ سچل کان ئي سکون ها، جن مذهب جو عوامي رنگ پئي ماڻهن کي ڏيکاريو. چوڻ جو مطلب آهي ته اسان قومپرستن ۽ ترقي پسندن سنڌ ۾ صوفي ازم جي مالڪي به ڪانه ڪئي. ڪراچيءَ ۾ سنڌي قومپرستن جو ڪو به مضبوط ڳڙهه نه آهي.

هاڻ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران 9 فيبروري ۽ جسقم پاران 23 مارچ تي ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو. ريليون سٺي ڳالهه آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چواڻي ته هو ڪراچيءَ ۾ مرڪز ٺاهي ويهي رهندو. ڪجهه سال اڳ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ به اِهو چيو هو. بعد ۾ هو عملي طور اچي گلشن حديد ۾ ويهي رهيو. ڪراچيءَ ۾ حيدر منزل به آهي، پر اصل ۾ سنڌين جو ڪراچيءَ ۾ اهڙو مضبوط مرڪز ناهي، جتان سنڌ جي حقن جي سياست ٿيندي هُجي. ڊاڪٽر قادرمگسيءَ پاران 9 فيبروريءَ تي ريليءَ بابت سندس چوڻ آهي ته لکين سنڌي گڏ ٿيندا. هيءَ ريلي ايم ڪيو ايم جي سرواڻ الطاف حسين جي تقرير جي ردعمل ۾ آهي، جنهن ۾ هُن سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. سنڌ اسان سڀني جي ماءُ آهي، پر تصور ڪريو، جيڪڏهن سنڌ سطح تي جي هڪ عوامي پارٽي هُجي ها ته اُن ريليءَ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ ماڻهو شريڪ هُجن ها، بلڪه سنڌين جي ڪا مضبوط پارٽي هُجي ها ته سنڌ ورهائڻ واري ڳالهه جو فوري ردعمل به اچي ها. سنڌ جي ڪا گڏيل جماعت يا نمائنده پارٽي نئين سياسي صفبنديءَ ۾ ايندڙ پنجن سالن تائين پاڻ کي مضبوط ۽ منظم ڪري سگهي ٿي. قومپرستن کي گذريل اليڪشن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ڪرڻ مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اياز لطيف پليجي جي ئي ڳالهه ورجائيندس ته هاڻ قومپرست ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا بدران سنڌ لاءِ پنهنجي ايجنڊا ڏين. وٽن هڪ سگهاري جماعت هوندي ته ٻين اقتداري جماعتن آڏو سندن حيثيت ٻي هوندي. ٻي صورت ۾ پوءِ هو ڪڏهن پيپلز پارٽي، ڪڏهن مسلم ليگ فنڪشنل، ڪڏهن نواز ليگ ته ڪڏهن (ق) ليگ جي ايجنڊا تي استعمال ٿينديون رهنديون ۽ انهن جي جدوجهد جو ثمر ٻيون وفاقي پارٽيون کائينديون رهنديون. مثال اوهان الڳ الڳ گروپن جي صورت ۾ به نواز شريف جو ساٿ ڏنو، فنڪشنل ليگ ۽ جماعت اسلاميءَ سان گڏ 11 جماعتن جي اتحاد ۾ به شامل رهيا، پر نتيجو ڇا نڪتو؟ ٻُڙي+ ٻُڙي برابر ٻُڙي.

پاڪستان جي موجوده ڍانچي ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا الڳ الڳ ڌارائن تي بيٺل آهن، پر قدرتي وسيلن جي حوالي سان سنڌ هن وقت سڀ کان شاهوڪار صوبو آهي. سنڌ جي وسيلن تي وفاق پلجي پيو. پنجاب پلجي پيو. سنڌ جي سياسي ۽ مالياتي خودمختياريءَ جو سوال سنڌ جي سڀ کان اهم ايجنڊا هُجڻ گهرجي، پر اُن لاءِ سنڌ جي وسيع سياسي پارٽيءَ جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.

aajiazjamalijamali@yahoo.com

Daily Ibrat Feb 7, 2014

No comments:

Post a Comment