Thursday, February 6, 2014

سياست عبادت يا تجارت؟ عزيز الله ٻوهيو


لفظ سياست جي معنيٰ آهي تدبير مملڪت پر هتي مملڪت بدران منهنجي مراد صرف سنڌ جي قومپرست سياست آهي. انهيءَ حوالي سان آئون منڍ ۾ ڪجهه انهن ماڻهن جا ۽ انهن جي سياست جا اهي مثال ڏيندس جيڪي وٽن ۽ منهنجي به نظر ۾ خالص عبادت هئا ۽ صحيح سياست هجڻ به عبادت وانگر گهرجي، تدبير رياست ۽ انساني مسئلن جي تدبير ڪرڻ اهو الله جي سڀني نبين جو پروگرام رهيو آهي ۽ ان حوالي سان کين مليل علم وحي وارا سڀ ڪتاب آخري ڪتاب تائين انساني ڀلائي جي تدبير جا سياسي منشور وارا ڪتاب هئا ۽ آهن. سنڌ جي سياست ۾ خاص ڪري غلام هند ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل سموري عبادت منجهان شمار ڪرڻ گهرجي آئون ان ڊگهي ۽ ان جي داستان منجهان ڪجهه مثال سنڌ هاري ڪاميٽي جا پيش ڪندس. ڪامريڊ غلام محمد لغاري وٽ هڪ غريب دانهين آيو ۽ چيائين ته منهنجي زال فلاڻو ماڻهو ڀڄائي ويو آهي ۽ اها هاڻي پير غلام رسول شاهه جي حويلي ۾ ٿميل آهي، پير صاحب مذڪوره ضلعي ٿرپارڪر جو بادشاهه هو. ڪامريڊ غلام محمد ان غريب کان پڇيو ته تو پڪ ڪئي آهي ته تنهنجي زال هن وقت پير صاحب جي حويليءَ ۾ آهي؟ ان وراڻيو ته هائو مون پڪ ڪئي آهي ڪامريڊ لغاري نه ڪئي هم نه تم ان غريب جي ٻانهن کان وٺي سڌو پير غلام رسول شاهه جي حويلي اندر بغير ڪنهن اڳواٽ اجازت وٺڻ جي ڪاهي پيو اتي سامهون گهر اندر عورتون ويٺل هيون ڪامريڊ غريب سواليءَ کي چيو ته هنن عورتن ۾ تنهنجي زال ويٺل آهي غريب چيو هائو اها هوءَ ويٺي آهي ڪامريڊ ان مائي کي اٿاري وٺي ان غريب سميت ٻاهر آيو ۽ غريب کي چيائين ته هاڻ تون زال سميت وڃي پنهنجي گهر سکي رهه هيءَ هيڏي وڏي جرئت اها ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ايماني طاقت هئي ۽ اهو عمل سندس هڪ وڏي عبادت هو.

ذوالفقار علي ڀٽي ڪامريڊ مولوي نذير حسين جتوئيءَ کي چيو ته اوهان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ وارا پيپلزپارٽي سان اليڪشني معاهدو ڪيو ۽ منهنجي مدد ڪيو. ڪامريڊ نذير حسين جلالي ڀٽي صاحب کي چيو ته ان لاءِ اسان جو شرط آهي ته تون وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ انعامن ۾ ڏنل زمينون سپاهين ۽ سول ڪامورن کان واپس وٺي سنڌ جي غريب بي زمين ۽ مقامي هارين کي ڏياريندين جيڪڏهن توکي اهو شرط منظور آهي ته پوءِ اهڙو معاهدو ڪنداسين. ڀٽي صاحب هائو ڪئي پوءِ ان کي چيائين ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات کانپوءِ هاڻي اسان جو صدر مولوي عزيز الله جروار آهي سو تو اهو واعدو ان جي روبرو ڪر.

پوءِ ڪامريڊ جلالي جروار کي ڀٽي صاحب وٽ وٺي آيو ۽ ان جي روبرو اهڙو معاهدو ٿيو ۽ اليڪشن گذري وئي ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿي ويو ان کانپوءِ هو پهريون ڀيرو جڏهن حيدرآباد دوري تي آيو ته ڪامريڊ نذير جتوئي ۽ جروار ٻئي اتي ساڻس سرڪٽ هائوس ۾ مليا، ڀٽي صاحب انهن جي ملڻ مهل ٻئي سڄي عملي کي ٻاهر ڪڍرائي کين چيو ته مون کي اوهان سان ڪيل معاهدي جو اکر اکر ياد آهي پر آئون اسٽيبلشمينٽ وٽ اهڙو چوکنڀو ٻڌل آهيان جو جيڪڏهن مون ان واعدي تي عمل ڪيو ته هو مون کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيندا. ڀٽي جي طرفان معاهدي تي عمل کان معذوري جي خبر جڏهن ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي پئي ته ان جو قلم ۽ سندس هفتيوار اخبار بيداري ڀٽي خلاف وڏو محاذ کڙو ڪيو، تنهن تي ڀٽي ڪامريڊ لغاري کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري فرمايو، سو ڪامريڊ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڀڄي وڃي ڪوئيٽا نڪتو ۽ اتي سردار اڪبر بگٽي وٽ وڃي پناهه ورتي ۽ پنهنجي اخبار به اتان ڪڍڻ لڳو. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ ڀٽي فرنٽيئر جي وزيراعليٰ عطاءُ الله مينگل کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ۽ صوبي ۾ گورنر راڄ قائم ڪري اڪبر بگٽي کي بلوچستان جو گورنر ڪري ڇڏيو، اتي ڪامريڊ غلام محمد کي اڪبر بگٽيءَ جي انهيءَ بلوچن سان غداري تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ پنهنجي اخبار ۾ هي لکيائين ته ٻروچ جيڪڏهن مفعول ٿئي ته اڪبر بگٽي بڻجي ۽ جيڪڏهن مڙس ماڻهو ٿئي ته عطاءُ الله مينگل بڻجي. وڏي دليري جي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ لغاري اهي الفاظ بگٽيءَ جي بنگلي ۾ روپوش ٿي رهڻ مهل لکيا.

لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور محلي ۾ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس هوندي هئي، هڪڙي ڏينهن آفيس جي خدمت گار مولوي نذير حسين جلالي کي دانهن ڏني ته اوهان جي فلاڻي ورڪر هتي آفيس ۾ برو فعل ڪيو آهي. ڪامريڊ اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو تپي ويو ۽ انهيءَ مهل ئي شهر ۾ ان ورڪر جي ڳولا ۾ نڪتو ۽ ڳوليندي ڳوليندي نواب غيبي خان واري بنگلي جي اولهه طرف روڊ مٿان جيڪا ريل جي پل آهي اتي اهو ورڪر هٿ اچي ويس بس پوءِ ته دير ئي ڪا نه ڪيائين ڳلي منجهان وٺي وچ روڊ تي لتن، مڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا لائي ڏنائينس ۽ چيائينس ته هاري ڪاميٽي جي آفيس اسان جي عبادت جو گهر آهي توکي اهو بڇڙو ڪم ڪرڻو هو ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڪرين ها اڄ کانپوءِ اسان جي آفيس ۾ آيو آهين ته اهڙي ڪندوسانءِ جو ڪير سڃاڻندي ئي ڪو نه، مولوي نذير حسين جو سدائين هي نعرو هو ته اسان سنڌ وارن کي نٿا گهرجن ڀٽا کهڙا، هڪڙي ڏينهن شهر لاڙڪاڻي جي پيٽرول پمپ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ مولوي نذير جيپ ۾ پئٽرول وجهرائڻ مهل گاڏي مان لٿا بيٺا هئا ته خانبهادر ايوب کهڙو به پنهنجي ڪار ۾ پئٽرول وجهرائڻ لاءِ اتي پهتو، ان ڪامريڊ مولوي نذير کي ڏٺو جيڪو پٺيرو بيٺو هو ته ڪار منجهان لهي کيڪارڻ لاءِ ان جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته مولوي صاحب لوڻو ورائي پوئتي ڏٺو ته هي ته کهڙو آهي ان تي هن يڪدم پنهنجو ڪوٽ لاهي اڇلايو ته تو پنهنجو هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي منهنجو ڪوٽ به خراب ڪري ڇڏيو نه ملائيندو ڪر پنهنجو هٿ مون سان سياست صحيح معنيٰ ۾ عبادت آهي، محروم بنايل، ڦريل ۽ ستايل ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڦورن ۽ لٽيرن خلاف جنگ ڪرڻ ئي اصل عبادت ۽ جهاد آهي پر هلندڙ دور ۾ سياست جا ماپا ئي مٽجي ويا آهن. هاڻي سياست مٽي ۾ ليٿڙيل ماڻهن جي ڪکائين جهڳين منجهان ڦٽي نڪرڻ بدران عالمي سامراج جي پرماريت وارن مفادن جي حفاظت لاءِ مخصوص ادارن جي آشيرواد سان سوين سينگار ڪري ظاهر ٿئي ٿي. اهڙن سياستڪارن جي ڊيڪوريٽ سياسي مرڪزن ۾ هن ڦريل ۽ ڀينگ ڪيل سنڌ جي هارايل ڪيس کي کٽڻ لاءِ ورڪرن جي تربيت لاءِ ڪو به علمي ۽ عملي نصاب تعليم ڪونهي ڪو ان ڪري ورڪر لڏو به پنهنجي ليڊرن وانگر وڪائو مال بڻيل آهن، جن جي تنظيم اندر ميمبر ٿيڻ مهل ٻولي هيءَ آهي ته فلان پارٽي وارا اسان جو هيترو هيترو قدر ڪن ٿا اوهان ڇا ڏيندو؟ ميمبر شپ جي ميرٽ به ڪجهه هن قسم جي آهي جو اندازن چاليهه سال اڳي مون هڪ دوست کي عرض ڪيو ته سچائي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي، مون کي ڪا خانگي نوڪري ڏيار سو اسان جو هڪڙو بسن جو مالڪ ٽرانسپورٽر دوست هو هن ان جي اڳيان وڃي پنهنجي ڏاڍي تعريف ڪئي ته منهنجو هڪ دوست ڏاڍو غريب شريف ايماندار آهي مهرباني ڪري ان لاءِ نوڪري ڏيو ته جواب ۾ ان چيس ته اسان وٽ ڪنهن به غريب شريف جي ڪا به پوسٽ ڪا نه هوندي آهي ان کي هت اهڙو ماڻهو کپي جنهن جو پنهنجو پٽڪو لٿل هجي جو هو ٻئي جي پڳ لاهيندي دير نه ڪري، ڪير ان کي هڪڙو ڌڪ هڻي ته هي ان کي ڏهه ڌڪ وهائي ڪڍيس، هاڻي سوچيون پيا ته پيريءَ ۾ ههڙي سياست اندر پير ڪيئن پائجي.

Daily Ibrat Feb 2, 2014

No comments:

Post a Comment